فنڪشنل مسلم ليگ
-
اپریل- 2013 -30 اپریلاليڪشن 2013
ٽنڊو محمد خان ۾ اميدوارن ۽ عوام جي وچ ۾ کلي ڪچهري منقعد ڪرائي ويئي
سماجي تنظيم انڊس فيوچر فائونڊيشن پاران ايندڙ الڪيشن 2013 جي سلسلي ۾ اميدوارن ۽ عوام جي وچ ۾ کلي ڪچهري منقعد ڪرائي ويئي، آفيسر ڪلب ٽندو محمد خان ۾ منقعد ڪيل کلي ڪچهري ۾ مختلف تڪن جي اميدوارن سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ، سول سوسائٽي جي نمائندن ، وڪيلن ، صحافين ۽ شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي
وڌيڪ پڙھو -
27 اپریل
پ.پ.پ جي 5 ساله دور حڪومت ۾ عوام کي مايوس ڪيو
مسلم ليگ (ف) پي.ايس 74 جي اميدوار سيد محمد شاهه شهر جي مختلف علائقن ۾ ڪارنر گڏجياڻيون ڪيون گڏجياڻين کي خطاب ڪندي چيو ته پ.پ.پ جي 5 ساله دور حڪومت ۾ عوام کي مايوس ڪيو ويو. عوام هاڻي پ.پ.پ کان سخت نفرت ڪري ٿو
وڌيڪ پڙھو -
26 اپریل
ڌرتي وڪرو ڪندڙ اڄ ڪهڙي منهن سان ووٽ وٺڻ اچن ٿا،ڪاظم علي شاهه لڪياري
اين اي 217 جي فنڪشنل ليگ اميدوار پير آف هنڱورجا سيد ڪاظم علي شاهه لڪياري چونڊ مهم جي سلسلي ۾ ڳوٺ سهتا، ڳوٺ منڱڻيجا، ڳوٺ سولنگي، ڳوٺ الهورايو واٽيو، ڳوٺ ڪوڙل جوڳي سميت ٻين ڳوٺن ۾ ڪارنر گڏجاڻيون ڪري کين کي ووٽ ڏيڻ جي اپيل ڪئي ۽ چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته سنڌي ماڻهو پنهنجي سڄڻن ۽ دشمنن جي سڃاڻپ ڪن ڌرتي وڪرو ڪندڙ اڄ ڪهڙي منهن سان ووٽ وٺڻ اچن ٿا انهن کي 11 مئي تي خبر پئجي ويندي ته عوام ڪنهن سان گڏ آهي .
وڌيڪ پڙھو -
25 اپریل
پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل جي صدر الدين شاھ راشدي جي ماتلي اچڻ تي وڏي ريلي
پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل جي صدر الدين شاھ راشدي جي ماتلي اچڻ جي سلسلي ۾ وڏي ريلي ڪڍي ويئي، پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل جي اڳواڻ جي ڪجھ دير ۾ اچڻ جي توقع آھي.
وڌيڪ پڙھو -
23 اپریل
فضل علي شاهه جيلاني ۽ سندس ڀاءُ پير سيد ظهور احمد شاهه جيلاني جي وچ ۾ اختلاف
پي اي 33 تي پي پي اميدوار پير آف راڻيپور پير سيد فضل علي شاهه جيلاني ۽ سندس ڀاءُ پير سيد ظهور احمد شاهه جيلاني جي وچ ۾ اختلافات ٿيڻ ڪري پير ظهور احمد شاهه جيلاني پنهنجي ڀاءُ پي ايس 33 جي اميدوار پير فضل علي شاهه جيلاني جي مخالفت ڪندي فنڪشنل ليگ اميدوار پير سيد معشوق علي شاهه جيلاني جي نه رڳو حمايت ڪئي آهي پر ان جي ورڪ شروع ڪري ڏني آه
وڌيڪ پڙھو -
23 اپریل
پي پي جي تڏا ويڙهه ٿي چڪي آهي، ڪاظم علي شاهه لڪياري
اين اي 217 جي فنڪشنل ليگ اميدوار پير آف هنڱورجا پير سيد ڪاظم علي شاهه لڪياري جا مختلف ڳوٺن ۾ طوفاني دورا منڱڻيجا برادري جي چڱن مڙسن وڏيرو سوائي خان منڱڻيجو، خادم حسين ، علي خان، غلام شبير منڱڻيجو ، حاجي صابل فقير پي پي سان پنهنجو پراڻو ناتو ٽوڙي فنڪشنل ليگ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو آهي.
وڌيڪ پڙھو -
22 اپریل
حڪمران پنهنجي ليڊر جي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ کان به قاصر رهيا، اسماعيل شاهه راشدي
فنڪشنل مسلم ليگ جي پي ايس 34 جي اُميدوار پير سيد اسماعيل شاهه راشدي چيو آهي ته اڳوڻن حڪمرانن گذريل پنجن سالن ۾ عوام کي اونڌاهه ۾ رکيو ۽ عام ماڻهو پنهنجن چونڊيل نمائندن کي سڄي حڪومتي دور ۾ ڳولهيندا رهيا هن چيو ته گذريل حڪومت ۾ حُڪمرانن پنهنجي ليڊر جي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ کان به قاصر رهيا
وڌيڪ پڙھو -
22 اپریلاليڪشن 2013
پ پ پ ۽ فنڪشنل ليگ اميدوارن طرفان چونڊ مهم تيز
پ پ پ ۽ فنڪشنل ليگ اميدوارن طرفان چونڊ مهم تيز جوڙ توڙ جاري،فيض گنج ۾ پ پ پ ۽ فنڪشنل ليگ اميدوارن طرفان چونڊ مهم تيز ۽ جوڙ توڙ جاري آهي ٻنهي اميدوارن طرفان مختلف ڳوٺن جا دورا هڪ ٻئي جا ساٿي ٽوڙڻ جو سلسلو جاري آهي
وڌيڪ پڙھو -
22 اپریل
عوام هاڻي پ.پ.پ کان سخت نفرت ڪري ٿو، مسلم ليگ (ف) اميدوار
مسلم ليگ (ف) پي.ايس 74 جي اميدوار سيد محمد شاهه شهر جي مختلف علائقن ۾ ڪارنر گڏجياڻيون ڪيون گڏجياڻين کي خطاب ڪندي چيو ته پ.پ.پ جي 5 سالن جي دور حڪومت ۾ عوام کي مايوس ڪيو ويو. عوام هاڻي پ.پ.پ کان سخت نفرت ڪري ٿو
وڌيڪ پڙھو -
21 اپریل
اين اين 217 تي فنڪشنل ليگ ۽ پي پي جي اميدوارن پنهجيون سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون
اين اين 217 تي فنڪشنل ليگ ۽ پي پي جي اميدوارن پنهجيون سرگرميون تيز ڪندي شهرين جا ووٽ حاصل ڪرڻ لاءِ پيري پنڌ ورڪ شروع ڪري ڏني ڪيترين ئي برادرين فنڪشنل ليگ جي اميدوار جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. هن ڏس ۾ فنڪشنل ليگ جي اين اي 217 جي اميدوار پير سيد ڪاظم علي شاهه لڪياري پنهنجي پارٽي ورڪرن سان گڏ هنڱورجا شهر جي بازار ۽ محلن ۾ پيري پنڌ شهرين وٽ پهچي کين کي 11 مئي تي گل جي نشان تي ٺپو هڻڻ جي اپيل ڪئي
وڌيڪ پڙھو