اليڪشن 2013فيض گنج

پ پ پ ۽ فنڪشنل ليگ اميدوارن طرفان چونڊ مهم تيز

نديم چانگ، پڪا چانگ
پ پ پ ۽ فنڪشنل ليگ اميدوارن طرفان چونڊ مهم تيز جوڙ توڙ جاري،فيض گنج ۾ پ پ پ ۽ فنڪشنل ليگ اميدوارن طرفان چونڊ مهم تيز ۽ جوڙ توڙ جاري آهي ٻنهي اميدوارن طرفان مختلف ڳوٺن جا دورا هڪ ٻئي جا ساٿي ٽوڙڻ جو سلسلو جاري آهي ڪالھه ساجد ٻانڀڻ طرفان مختلف علائقن ۾ وڃي ووٽ گهريا مختلف ماڻهن طرفان حمايت ۽ هڪ ڳوٺ پي ايم ايل ف ڇڏي پ پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو.جڏهن ته پي ايم ايل ف جي رفيق ٻانڀڻ طرفان به مختلف علائقن جا دورا ڪيا ويا جنهن ۾ 5 ڳوٺن پ پ پ ڇڏي ف ليگ ۾ شامل ٿي ويا جڏنهن ته امڪان ظاهر ڪيا پيا وڃن ته 24 تاريخ تي صدرالدين شاه جي فيض گنج جي دوري دوران پ پ پ جو اهم اڳواڻ شوڪت راڄپر فنڪشنل ليگ ۾ شامل ٿي ويندو جنهن سلسلي ۾ ساڻس ف ليگ جي مختلف اڳواڻن ملاقاتون ڪري ڳالهيون پڻ ڪيون آهن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button