زرعي يونيورسٽي
-
ستمبر- 2016 -1 ستمبرسنڌ زرعي يونيورسٽي
زراعت ۾ زرعي انجنيئرنگ کي اهميت حاصل آهي، ڊاڪٽر مجيب صحرائي
سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائي ڪالهه ايگريڪلچرل انجنيئرنگ فيڪلٽي جو دورو ڪيو، فيڪلٽي جي ڊين ڊاڪٽر محمد صفر ميرجت سندس آڌر ڀاءُ ڪيو
وڌيڪ پڙھو -
1 ستمبرزراعت
ٽنڊوڄام: سنڌ ۾ پاڻي جي سطح هيٺ ٿي وڃڻ ۽ سوائل ۾ پيدواري صلاحيت گهٽجڻ جهڙا مختلف مسئلا درپيش آهن
) سنڌ زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائي سوائل سائنسز شعبي ۾ مون سون جي موسم جي مناسبت سان شعبي جي پارڪ ۾ ٻوٽو پوکيو، ڊاڪٽر صحرائي سوائل سائنسز شعبي جي دوري دوران ٻوٽو هنيو ۽ دعا گهري،
وڌيڪ پڙھو -
دسمبر- 2015 -8 دسمبرتعليم ۽ نئين ٽھي
سنڌ زرعي يونيورسٽي رجسٽريشن عام رواجي في سان 10 ڊسمبر کان 24 ڊسمبر 2015 تائين وڌائي ڇڏي
حيدرآباد :سنڌ زرعي يونيورسٽي جي انچارج ڊائريڪٽر ايڊوانسڊ اسٽيڊيز پڌرو ڪيو آهي ته پوسٽ گريجوئيٽ پروگرام جي ايم ايس سي، ايم اِي، ايم ايس آءِ ٽي، ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جي ٽئين ۽ پنجين (اوڊ سيريز) ۾ رجسٽريشن عام رواجي في سان 10 ڊسمبر کان 24 ڊسمبر 2015 تائين ٿيندي. جڏهن ته ليٽ في سان 28 ڊسمبر2015 کان 11 جنوري 2016 تائين ڪئي ويندي. جڏهن ته ڪلاس 4 جنوري 2016ع کان ئي شروع ٿي ويندا.
وڌيڪ پڙھو -
اکتوبر- 2011 -5 اکتوبر
برسات سبب جانورن جي بچاءِ لاءِ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جون ڪوششون
سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام سنڌ جي واحد زرعي تدريسي مادرعلمي آهي، جيڪا سنڌ ۾ زرعي تدريس، تحقيق سان گڏ، آبادگارن جي تربيت، بک بدحالي ۽ غربت جي خاتمي بابت منصوبا هلائڻ سان گڏ، دنيا جي تدريسي، تحقيقي ادارن جي تعاون سان مختلف شعبن تي لڳاتار ڪم جاري رکيو پئي اچي، ۽ هتان جا ماهر، تعليمدان ۽ محقق هن اداري جي توسط سان زراعت، لائيواسٽاڪ، انفارميشن ٽيڪنالوجي، فوڊ ٽيڪنالوجي، اينيمل پراڊڪٽ ٽيڪنالوجيز، زرعي انجنيئرنگ، فصلن جي پيداوار، آبپاشي،سميت لاتعداد شعبن تي پنهنجي ڳوڙهي تحقيق ڪري سنڌ پرڳڻي ۽ ملڪ لاءِ افرداي قوت ۽ ايجادات وارو ڪم سرانجام ڏئي رهيا آهن، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام صوبي جي اڪيلي مادرعلمي آهي، جيڪا هڪ ئي وقت آزاد ڄمون ڪشمير سميت پاڪستان جي ڪيترن علائقن جي شاگردن ۽ ٻاهرين ملڪن جي شاگردن کي تدريسي سهولتون فراهم ڪري رهي آهي، جڏهن ته سندس استاد به دنيا جي ڪيترين يونيورسٽين مان تعليم حاصل ڪري رهيا آهن
وڌيڪ پڙھو