صحت
-
اپریل- 2013 -12 اپریل
چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج اسپتال ۾ سي ٽي اسڪين پراجيڪٽ شروع ڪيو
ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج اسپتال لاڙڪاڻو پڌرو ڪيو آهي ته هن اسپتال جي سڀني مريضن ۽ عام ماڻهن جي فائدي لاءِ سي ٽي اسڪين پراجيڪٽ شروع ڪيو ويو آهي جيڪو 1352 بيڊن تي مشتمل آهي
وڌيڪ پڙھو -
4 اپریل
ايم ايس پاران من پسند ماڻهن کي مڇر داڻيون ڏيڻ جو سلسلو جاري
پڪا چانگ ۾ اسپتال عملي من پسند ماڻهن کي مڇر داڻيون ڏيئي ڇڏيون.مڇر داڻيون وٺڻ لاءِ ايندڙ غريب ماڻهن کي انچارج پاران ڌڪا داٻا .پڪا چانگ ۾ اسپتال عملي صحت کاتي پاران آيل مڇر داڻيون من پسند ماڻهن ۾ ڏنيون ويون شهر مڪمل نذرانداز هوڏانهن ذرين کان خبر پئي آهي ته اٺن تعلقن لاءِ 76000 مڇر داڻيون آيون پر هتي چند ماڻهن کي ڏيئي باقي اڳ وانگر گم ڪرڻ جو انديشو اهي
وڌيڪ پڙھو -
2 اپریلصحت ۽ زندگي
خيرپور ضلعي جي 8 تعلقن ۾ مڇرن کان بچاءُ لاءِ 76 هزار مڇردانيون ماڻهن ۾ ورهايو ويون
خيرپور ضلعي جي 8 تعلقن نارو، صوڀوديرو، گمبٽ ، ڪوٽڏيجي، ڪنگري، فيض گنج، ٺري ميرواهه، خيرپور جي صحت کاتي جي عملي جي تعاون سان مڇرن جي بچاءُ لاءِ 76 هزار مضبوط مڇردانيون ورهايو ويون آهن جن جو مقصد مانهن کي مڇرن کان بچائڻ آهي حڪومت مليريا جهڙي خطرناڪ موذي مرض کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوششن ۾ رڌل آهي
وڌيڪ پڙھو -
1 اپریلسنڌ سماچار
سيٺارجا: شھر ۾ مڇرن جو آزار
سيٺارجا شھر ۾ مڇرن جو آزار وڌي ويو، جنھن سان مليريا جي پيدا ٿيڻ جو انديشو پيدا ٿي ويو آھي، شھرين مڇرن جو آزار کان بچڻ لاءِ دانھيندي ٻڌايو ته مڇر مار ڦوھار لاءِ ڪافي اپيلون ڪيون آھن پر ھن وقت تائين مڇر مار ڦوھارو نه ڪيو ويو آھي
وڌيڪ پڙھو -
مارچ- 2013 -25 مارچ
تعلقه اسپتال مورو انيڪ مسئلن جي ور چڙھي ويئي
تعلقه اسپتال مورو انيڪ مسئلن جي ور چڙھي ويئي، چار سال اڳ قائم ڪيل دل جو وارڊ آپريشنل نه ٿي سگھيو، غريب ماڻھن کي سخت مشڪلات جو منھن ڏسڻو پوي ٿو
وڌيڪ پڙھو -
اگست- 2011 -15 اگست
ڊينگي بخار جي علاج ۾ دير ڪئي وئي ته هو تمام خطرناڪ ٿي ويندو آهي: سکر ڊاڪٽرمحمد ادريس ميمڻ
ڊينگي بخار جي سلسلي ۾ عام ماڻهن ۾ سڄاڳي پيدا ڪرڻ جي حوالي سان هڪ سيمينار اي ڊي او هيلٿ سکر جي ڪانفرنس هال ۾ منعقد ڪيو ويو. ڊي او هيلٿ سکر ڊاڪٽرمحمد ادريس ميمڻ ڳالهائيندي چيو ته هن بيماري ۾ ڊيٿ جو ريشو گهٽ آهي پر جيڪڏهن ڊينگي بخار جي علاج ۾ دير ڪئي وئي ته هو تمام خطرناڪ ٿي ويندو آهي
وڌيڪ پڙھو -
مئی- 2011 -5 مئیخيرپور
6 مئي 2011 صبح جو 10 وڳي خيرپور ۾ پوليو بابت هڪ سيمينار منعقد ڪرايو ويندو : ڊاڪٽر سيد لياقت علي شاهه
خيرپور :ايگزيڪيٽوِ ڊسٽرڪٽ آفيسر (اي ڊي او) هيلٿ خيرپور ڊاڪٽر سيد لياقت علي شاهه ڄاڻايو آهي ته 6 مئي 2011 صبح جو 10 وڳي سچل آڊيٽوريم ۾ پوليو بابت عوام ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ هڪ سيمينار منعقد ڪرايو ويندو جنهن جو مهمانِ خاص ڊي سي او خيرپور محمد عباس بلوچ هوندو جڏهن ته سيمينار ۾ ڊاڪٽر، صحت کاتي جو عملو، زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهو، معزز شهري ۽ سماجي اڳواڻ شرڪت ڪندا.
وڌيڪ پڙھو -
اپریل- 2011 -30 اپریل
فيض گنج تعلقي ۾ پوليو جي بچاءُ جي ڦُڙن جي پيارڻ جا انڪاري ڪيس وڌيڪ آهن: ڊي سي او خيرپور
خيرپور: ضلعي ايڊمنسٽريٽر ۽ ڊي سي او محمد عباس بلوچ جمعي ڏينهن درٻار هال ۾ نائين مئي کان يارهين مئي تائين شروع ٿيندڙ پوليو جي بچاءُ جي ڦڙن واري مهم جي حوالي سان هڪ گڏجاڻي جي صدارت ڪئي جنهن ۾ ڊي س او ٻڌايو ته دنيا ۾ پوليو جهڙو موذي مرض جي خاتمي لاءِ مختلف اُپاءُ ورتا ويا آهن
وڌيڪ پڙھو -
30 اپریل
ميڊيا وارن کي اڻ تصديق ٿيل خبرون شايع نه ڪرڻ کپن: اي ڊو او هيلٿ
خيرپور: ليڊي ولنگٽن اسپتال جي سلسلي ۾ مختلف اخبارن ۾ شايع ٿيل خبر جو نوٽيس وٺندي اي ڊو او هيلٿ سيد لياقت علي شاه پاران PMA هائوس سٽي اسپتال خيرپور ۾ اهڙي خبر جي جاچ جي سلسلي ۾ گڏجاڻي ڪوٺائي وئي جنهن ۾ اهو ڄاڻايو ويوهو ته ڊاڪٽرياڻي جي غير موجودگي سبب هڪ مريضه فوت ٿي وئي. اي ڊي او هيلٿ پاران انهي خبر بابت پنهنجو موقف ڄاڻائيندي سخت احتجاج ڪيو ته ساڳي خبر بنا ڪنهن تصديق جي شايع ٿيل آهي، جنهن ۾ اسپتال انتظاميه جوڪو به موقف ڪو نه ڄاڻايل آهي. جڏهن ته حقيقت اها هئي ته متعلقه ڊاڪٽرياڻيون پنهنجي ڊيوٽي تي موجود هيون ۽ مريضه ڳڻتي جوڳي حالت ۾ داخل ٿيل هئي، جنهن کي علاج مهيا ڪيو ويو ۽ سندن جان بچائڻ لاءِ سڀ وسيلا ڪتب آندا ويا جڏهن ته بدقسمتي سان مريضه جانبر نه ٿي سگهي. اي ڊي او هيلٿ ميڊيا جي نمائندن سان سخت احتجاج ڪندي چيو ته ميڊيا وارن کي اهڙي قسم جون اڻ تصديق ٿيل خبرون شايع نه ڪرڻ کپن ۽ گھٽ ۾ گھٽ لاڳاپيل انتظاميه جو موقف ضرور ڄاڻڻ گھرجي. جنهن ۾ ڊاڪٽرن، PMA اسٽاف ۽ ميڊيا جي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي.
وڌيڪ پڙھو