صحت ۽ زندگي
-
پوليو مهم دوران لاپراهي برداشت نه ڪبي، سستي ڪندڙ ميڊيڪل آفيسرن خلاف ڪارروائي ٿيندي: ڊي سي گهوٽڪي
ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي محمد طاهر وٽو چيو آهي ته پوليو مهم دوران لاپراهي برداشت نه ڪبي، سستي ڪندڙ ميڊيڪل آفيسرن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪرڻ لاءِ اعلى اختيارين کي رپورٽ اماڻي ويندي.
وڌيڪ پڙھو -
ھنڱورجا: ڪاٽن فيڪٽرين جي زهريلي دزي ماڻهن جي لاءِ عذاب بڻجي وئي
خيرپور ضلعي ۾ 70کان وڌيڪ ڪاٽن فيڪٽريون شهري آبادي جي وچ ۾ قائم هجڻ ڪري زهريلي دزي ماڻهن جي لاءِ عذاب بڻجي وئي. فيڪٽري مالڪن چند ٽڪا بچائڻ جي لاءِ فلٽر پلانٽ لڳائڻ کان لاچار، ضلعي انتظاميه ڪوبه نوٽيس نه ورتو، دزي سبب شهري دم ، ٽي بي، کنگهه سميت خطرناڪ بيمارين ۾ وٺجي ويا.
وڌيڪ پڙھو -
ضلعي خيرپور ۾ ڇتن ڪتن جو آزار
خيرپور ضلعي ۾ رولو ڪتن جو آزار وڌي ويو ضلعي جي مڙني شهرن ۽ ڳوٺن ۾ رولو ڪتن چوڪن ۽ چوراهن تي پنهنجا ديرا ڄمائي ڇڏيا، جنهن ڪري ماڻهن کي ڪتن پاران ڏاڙهڻ يا زخمي ڪرڻ جا واقعا روز جو معمول بڻجي ويا آهن. ڪيترائي ڪتن جا ڏاڙهيل زخمي اسپتالن ۾ داخل .
وڌيڪ پڙھو -
ايڇ آر ڊي ايس پاران شهدادڪوٽ ۾ڳورھاري ڳوٺاڻن عورتن ۾ ڊليوري ڪٽس جي مفت ورهاست
شهدادڪوٽ ۾ ايڇ آر ڊي ايس ۽ پئمان يُو ايس ايڊ پاران مختلف ڳوٺن جهڙوڪ مير جي نري،غيباڻا،چنگل پانڌا ۽ قمبراڻي ۾ ڪلين اسٽار ڊليوري ڪٽس ورهايون ويون. ان موقعي تي ايڇ آر ڊي ايس جي ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينٽر جاويد شيخ ۽ ٻين اڳواڻن ناديه وڌو ۽ اسلام بوزدار ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۾ هر سال ويم دؤران هزارين عورتون فوت ٿي وڃن ٿيون.
وڌيڪ پڙھو -
شھدادڪوٽ: ڳوٺ مهربان پٺاڻ ۾ ٻن ڏينهن واري مفت اکين جي ڪئمپ لڳائي وئي
شهدادڪوٽ ۾ ايڇ آر ڊي ايس ۽ سائيٽ سيورز اسلام آباد پاران ڳوٺ مهربان پٺاڻ ۾ ٻن ڏينهن واري مفت اکين جي ڪئمپ لڳائي وئي،اکين جي ماهر ڊاڪٽر عبدالستار وڌو ڪئمپ دؤران مختلف ڳوٺن جي ماڻهن جي اکين جي چڪاس ڪئي ۽ مريضن کي مفت علاج پڻ ڏنو
وڌيڪ پڙھو -
خيرپور ضلعي جي 8 تعلقن ۾ مڇرن کان بچاءُ لاءِ 76 هزار مڇردانيون ماڻهن ۾ ورهايو ويون
خيرپور ضلعي جي 8 تعلقن نارو، صوڀوديرو، گمبٽ ، ڪوٽڏيجي، ڪنگري، فيض گنج، ٺري ميرواهه، خيرپور جي صحت کاتي جي عملي جي تعاون سان مڇرن جي بچاءُ لاءِ 76 هزار مضبوط مڇردانيون ورهايو ويون آهن جن جو مقصد مانهن کي مڇرن کان بچائڻ آهي حڪومت مليريا جهڙي خطرناڪ موذي مرض کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوششن ۾ رڌل آهي
وڌيڪ پڙھو -
تعلقه اسپتال مورو انيڪ مسئلن جي ور چڙھي ويئي
تعلقه اسپتال مورو انيڪ مسئلن جي ور چڙھي ويئي، چار سال اڳ قائم ڪيل دل جو وارڊ آپريشنل نه ٿي سگھيو، غريب ماڻھن کي سخت مشڪلات جو منھن ڏسڻو پوي ٿو
وڌيڪ پڙھو