روھڙي
-
آبادگارن جي مظاھرن رنگ لاتو، شاخن ۽ واهن جي کاٽي ڪرائڻ جو اعلان
سنڌ آبادگار اتحاد جي هڪ مهيني کان شاخن ۽ واهن جي کاٽي نه ٿيڻ خلاف هلندڙ احتجاج نيٺ رنگ لاٿو آبپاشي ڪامورن آبادگارن آڏو گوڏا کوڙي ڇڏيا آبپاشي انجنيئر نيٺ مجبور ٿي شاخن ۽ واهن جي کاٽي ڪرائڻ
وڌيڪ پڙھو -
ڪوٽ مير يعقوب علي شاهه ۾ گذريل ٽن ڏينهن کان ٽرانسفارمر سڙي وڃڻ ڪري بجلي نه هئڻ ڪري رهواسي گرمي ۾ گذاري رهيا آهن
)روهڙي جي علائقن بيدل بيڪس ڪالوني ۽ ڪوٽ مير يعقوب علي شاهه ۾ گذريل ٽن ڏينهن کان ٽرانسفارمر سڙي وڃڻ ڪري بجلي نه هئڻ ڪري رهواسي گرمي ۾ گذاري رهيا آهن. ۽ علائقا اونداهه ۾ ٻڏل آهن. سيپڪو انتظاميه ٽرانسفارمر تبديل ڪرڻ لاءِ رشوت طلب ، علائقي واسين جو ايس ڊي او سيپڪو آفيس اڳيان سکر روهڙي روڊ تي ڌرڻو، ٽائرن کي باهيون، ٽريڪ جام، سيپڪو عملو آفيس مان فرار، خبر موجب روهڙي جي علائقن بيدل بيڪس ڪالوني ۽ ڪوٽ مير يعقوب علي شاهه ۾ گذريل ٽن ڏينهن کان ٽرانسفارمر سڙي وڃڻ ڪري علائقي واسي سخت پريشان ٿي ويا آهن ۽ گرمي ۾ گذاري رهيا آهن. جڏهن ته سيپڪو انتظاميه پاران هر ڀيري ٽرانسفارمر سڙي وڃڻ کان پوءِ رشوت وٺي ڪري ٽرانسفارمر لڳايو ويندو آهي. جيڪو ڪجهه ڏينهن هلڻ کان پوءِ سڙي ويندو آهي.
وڌيڪ پڙھو