خيرپور
-
دنيا ۾ اڃان تائين پوليو بيماري رهندڙ چئن ملڪن مان پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ 36 ڪيس ظاهر ٿيا آهن: محمد عباس بلوچ
خيرپور: ضلعي حڪومت خيرپور پاران سچل آڊيٽوريم خيرپور ۾ جمعي ڏينهن خيرپور ضلعي جي عوام کي پوليو جي بيمارين جي حفاظتي ٽڪن متعلق ڄاڻ ڏيڻ ۽ علائقي واسين کي پوليو بيماري خلاف پنهنجو اثرائتو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ هڪ سمينار ڪرايو ويو
وڌيڪ پڙھو -
جلد خيرپور شهر اندر حددخلين کي هٽائڻ لاءِ سٽي ايڊمنسٽريٽر جي اڳواڻي هڪ مهم هلائي ويندي: راجا شاهزمان کهڙو
خيرپور :اي ڊي او روينيو راجا شاهزمان کهڙو چيو آهي ته جلد خيرپور شهر اندر حددخلين کي هٽائڻ لاءِ سٽي ايڊمنسٽريٽر جي اڳواڻي هڪ مهم هلائي ويندي جڏهن ته سرڪاري زمينن تي غيرقانوني قبضا ڪندڙن خلاف سخت قدم کنيا ويندا.اِي ڊي او اهڙو اظهار اربع ڏينهن ڊي سي او آفيس ۾ حد دخلين کي هٽائڻ جي سلسلي ۾ هڪ گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ چيوته لاڳاپيل معزز شهرين، انجمنِ تاجران ۽ مختلف مزدور يونين جي اڳواڻن سان جلد هڪ گڏجاڻي ڪئي ويندي جنهن ۾ حددخلين جي حوالي سان هڪ جامع پلان پيش ڪيو ويندو. ان موقعي تي وڏي وزير جي پرائيويٽ سيڪريٽري مظهر علي، سٽي ايڊمنسٽريٽر ٽي ايم او خيرپور محمد علي بلوچ، ڊي او روينيو طارق علي نظاماڻي، پيپلز پارٽي خير پور سٽي جي صدر محمد صالح انصاري، جنرل سيڪريٽري غلام حسين مغل، مزدور يونين جي اڳواڻ شهباز ڏنو ڦلپوٽو، عارب کوسو، المصطفى ٽرسٽ جي ايڊوڪيٽ شيخ عبدالوهاب ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
وڌيڪ پڙھو -
6 مئي 2011 صبح جو 10 وڳي خيرپور ۾ پوليو بابت هڪ سيمينار منعقد ڪرايو ويندو : ڊاڪٽر سيد لياقت علي شاهه
خيرپور :ايگزيڪيٽوِ ڊسٽرڪٽ آفيسر (اي ڊي او) هيلٿ خيرپور ڊاڪٽر سيد لياقت علي شاهه ڄاڻايو آهي ته 6 مئي 2011 صبح جو 10 وڳي سچل آڊيٽوريم ۾ پوليو بابت عوام ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ هڪ سيمينار منعقد ڪرايو ويندو جنهن جو مهمانِ خاص ڊي سي او خيرپور محمد عباس بلوچ هوندو جڏهن ته سيمينار ۾ ڊاڪٽر، صحت کاتي جو عملو، زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهو، معزز شهري ۽ سماجي اڳواڻ شرڪت ڪندا.
وڌيڪ پڙھو -
ڪچي م تازي آيل ٻوڏ سبب علائقي واسين جا گهر ڪمزور ٿي ويا آهن: او محمد عباس بلوچ
خيرپور: سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ۽ چيئرپرسن اين سي ايڇ ڊي ايم اين اي ڊاڪٽر سيده نفيسه شاهه جيلاني جي حڪم تي ضلعي ايڊمنسٽريٽر ڊي سي او محمد عباس بلوچ اڱاري ڏينهن يونين ڪائونسل موري جي ڳوٺ بخشل ڀيو جي ڪچي جي علائقي ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب عبدالحميد چنه جي ٻن نياڻين فوت ٿيڻ تي سندن تڏي تي پهتو
وڌيڪ پڙھو -
نادرا خيرپور جي ٽن تعلقن جي يونين ڪائونسل ۾ 14 مئي تائين قومي شناختي ڪارڊ فراھم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آھي
خيرپور: نادار ريجنل هيڊ ڪوارٽر جي مئينجر محمد حامد علي خيرپور ضلعي جي ٽن تعلقن جي يونين ڪائونسلن جي عوام کي 14 مئي 2011 تائين سندن ڳوٺن ۽ پاڙن ۾ قومي شناختي ڪارڊ جي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ نادرا جي موبائيل وينز جو شيڊيول ترتيب ڏيندي ڄاڻايو آهي ته ساڳئي مقصد جي حصول لاءِ تعلقي گمبٽ جي يونين ڪائونسلن لاءِ وين نمبر 20 مقرر ڪيل آهي
وڌيڪ پڙھو -
7 مئي تائين صبح جو ستين وڳي کان منجھند جو ٻارهين وڳي تائين لوڊشيڊنگ ڪئي ويندي: سپيڪو
خيرپور: سپيڪو سکر طرفان ڄاڻايو ويو آهي ته نئين فيڊر يونيورسٽي واري قيا م جي ڪم جي ڪري سپيڪو پاران 7 مئي تائين صبح جو ستين وڳي کان منجھند جو ٻارهين وڳي تائين لوڊشيڊنگ ڪئي ويندي. جنهن سبب خيرپور جا ڪجھ علائقه متاثر رهندا. جن ۾ خاڪي شاهه پل، شاهي بازار، ڦول باغ، سول اسپتال، درگاهه رام پوري ۽ ڳاڙهي پل شامل آهن. جڏهن ته ڪجهه علائقن ۾ لوڊ شيڊنگ 11 مئي تائين جاري رهندي.
وڌيڪ پڙھو -
حضرت سچل سرمست جو پيغام امن ۽ ڀائيچاري وارو پيغام آهي: ڊي سي او خيرپور
خيرپور : ضلعي ايڊمنسٽريٽر ڊي سي او محمد عباس بلوچ اڱاري ڏينهن حضرت سچل سرمست رح جي درگاهه تي هلندڙ مختلف ترقياتي ڪمن جو جائزو ورتو ان موقعي تي درگاهه جي گادي نشين ڊاڪٽر سخي قبول محمد فاروقي ۽ ڊي سي او ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي چيوته حضرت سچل سرمست جو پيغام امن ۽ ڀائيچاري وارو پيغام آهي جنهن کي عام ڪرڻ جي لاءِ درگاهه جي هر مريد ۽ عقيدتمند تي فرض عائد ٿئي ٿو.
وڌيڪ پڙھو -
ضلعي جي مختلف اسڪيمن جو ڪم وقت تي مڪمل ڪيو ويندو: ضلعي ايڊمنسٽريٽر
خيرپور : ضلعي ايڊمنسٽريٽر ڊي سي او خيرپور محمد عباس بلوچ چيو آهي ته خيرپور ضلعي جون مختلف اسڪيمن جو ڪم وقت تي مڪمل ڪيو ويندو جڏهن ته ضلعي جي مختلف روڊن ۽ رستن کي پڻ بهتر بڻايو پيو وڃي. هن اهڙو اظهار سومر ڏينهن خيرپور جي اسپيشل ڊولپمينٽ پروگرام جون مختلف اسڪيمن جي معائني دوران ڪيو.
وڌيڪ پڙھو -
تعليمي ادارن ۾ تعليم جي عملي پاران فرض ۾ ڪوتاهي ڪرڻ قوم سان دوکو ڪرڻ ۽ ايندڙ نسل تباهه ڪرڻ جي مترادف آهي:ِي ڊي او ايجوڪيشن
خيرپور: ايگزيڪيٽوِڊسٽرڪٽ آفيسر (اِي ڊي او) ايجوڪيشن غلام اصغر ميمڻ ڇنڇر ڏينهن گورنمينٽ ايليمينٽري ۽ پرائمري اسڪول فيض آباد خيرپور جو دورو ڪيو ۽ اسڪول ۾ استادن جي غيرموجودگي تي سخت ناراضگي جو اظهار ڪيو جڏهن ته ايليمينٽري اسڪول جي ٻن ۽ پرائمري اسڪول جي ڇهن غير حاضر رهندڙ فيميل استاد ( ماسترياڻين) جون پگهارو بند ڪرڻ ۽ جبري موڪل تي روانو ڪرڻ جاحڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن.
وڌيڪ پڙھو