خيرپور

  • لڄالٽ جو شڪار ٿيل ناري کي کنڀڻ جي ڪوشش سيٺارجا پوليس جو ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار

    لڄالٽ جو شڪار ٿيل ناري کي کنڀڻ جي ڪوشش سيٺارجا پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو مک جوابدار پوليس ٿاڻي ۾ مهمانن وانگر فروٽ کائڻ ۽ بوتلون پيئندو رهيو بااثر وڏيري جا ناري کي فون ڪري فيصلي ڪرڻ جي لاءِ دڙڪا ناري جون اخباروارن سان ڳالهيون. خبرموجب چار ڏينهن لڳاتار بااثر وڏيري محمد ايوب خاصخيلي ۽ سندس ساٿين بوزدار وڏا جي ناري امينا زال غلام عباس شيخ سان لڄالٽ ڪندا رهيا جڏهن ته پوليس مک جوابدار محمد ايوب خاصخيلي کي گرفتار ڪري مهمانن وانگر کٽن تي ويهاري ڇڏيو ۽ جوابدار وٽ سوين ماڻهو ملاقات تي ايندا رهيا جوابدار فروٽ ۽ بوتلون پيئندو رهيو ۽ پوليس جا به جاوا نظر ايندا رهيا جڏهن ته امينا شيخ پنهنجي مڙس ۽ ڏير سان ٺيڙهي کان سيٺارجا ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائڻ جي لاءِ وئي ته سيٺارجا بس اسٽينڊ کان هٿياربندن کيس کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي پر ناري ۽ سندس ڏير ۽ مڙس دانهون ڪيون بعد ۾ هٿياربند گاڏي ۾ فرار ٿي ويا

    وڌيڪ پڙھو
  • شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ پاڻيءَ جي بد انتظامي ۽ ان جا زراعت تي پوندڙ اثر جي عنوان تي سيمينار

    شاهه عبداللطيف خيرپور جي معاشيات واري شعبي ۾ اسڪالر سيد اسد رضا عابديءَ معاشيات شعبي پاران ميرواهه ڪئنال ۾ پاڻيءَ جي بد انتظامي ۽ ان جا زراعت تي پوندڙ اثر جي عنوان تي سيمينار ڪرايو جنهن کي صدارتي خطاب ڪندي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نيلوفر شيخ چيو ته اڄ جي دور ۾ پاڻي انتهائي اهم آهي جنهن کان سواءِ زراعت جي ترقي اڻپوري آهي هن چيو ته پاڻيءَ جي صحيح استعمال تي برقرار نه رکيو ويو ته مستقبل ۾ ان جي معاشيات تي خراب اثر پئجي سگهن ٿا جڏهن ته هن محققن پاران تحقيق جي ساراهه ڪندي چيو ته سندن تحقيق سان پاڻيءَ جي چوري ڪندڙ انصرن کي ظاهر ڪرڻ سميت ان ذريعي پوندڙ نقصانن جي پڻ ڄاڻ ملي آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • خيرپور ضلعي جي مختلف اسٽيشنن تي ريل جون انجڻيون فيل، مڇريل مسافرن جا احتجاجي مظاهرا، ڌرڻا

    خيرپور ضلعي جي مختلف شهرن ۾ ٽرينون انجڻ فيل ٿيڻ ڪري بيهجي ويون،جڏهن ته مڇريل مسافرن احتجاجي مظاهرا ڪري پٽڙين تي ڌرڻا هنيا ۽ ڀڃ ڊاهه ڪئي،جڏهن ته پوليس لٺبازي ڪري 15 مسافرن کي گرفتار ڪري ورتو. محرابپور اسٽيشن تي ڪراچي کان لاهور ويندڙ قراقرم ايڪسپريس جي انجڻ فيل ٿيڻ سبب گاڏي 4 ڪلاڪن تائين بيٺل رهي. سخت گرمي سبب ڊگهو سفر ڪندڙ مسافرن کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي ويو. ان موقعي تي مڇريل مسافرن عورتن ۽ ٻارڙن سميت مظاهرو ڪري ريلوي انتظاميا خلاف نعريبازي ڪئي. ميڊيا سان ڳالهائيندي محمد عباس،خالد شيخ، شهريار ۽ ٻين چيو ته انجڻ فيل ٿيڻ کي ڪيترائي ڪلاڪ گذرڻ باوجود انتظاميا ڪي به قدم نه کنيا، جنهن سبب هنن سخت ڏکيائين کي منهن ڏنو آهي. مسافرن جي احتجاج بعد قراقرم جي انجڻ ٺيڪ ڪري ان کي منزل ڏانهن روانو ڪيو ويو. ريلوي ٽريڪ فارغ نه هئڻ سبب لاهور کان ڪراچي ايندڙ فريد ايڪسپريس پڻ ڪيترن ئي ڪلاڪن کان خيرپور اسٽيشن تي بيٺل آهي،جڏهن ته احتجاج ڪندڙ مسافرن تي پوليس لٺبازي ڪئي. مڇريل مسافرن گرمي سبب تنگ ٿي احتجاج ڪندي ريلوي جي آفيسن تي حملا ڪيا، جنهن بعد عملو فرار ٿي ويو.

    وڌيڪ پڙھو
  • سوڀيديري لڳ ڳوٺ تي حملو، نوجوان قتل، گهر کي باهه، وارثن لاش ٿاڻي اڳيان رکي ڌرڻو هنيو

    سوڀيديري جي ڪچي جي علائقي ڪيٽي ڪنوري ٿاڻي جي حد ڳوٺ پروز لَڪَ تي ڀٽي برادري جي هٿياربندن چڙهائي ڪري هڪ گهر کي باهه ڏئي ڇڏي ۽ فائرنگ ڪري نوجوان سينگار علي ولد علي خان لَڪَ کي قتل ڪري ڇڏيو. لَڪَ برادري جي ماڻهن لاش کڻي سوڀوديرو ٿاڻي اڳيان روڊ تي رکي ٽائرن کي باهه ڏئي پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ ڌرڻو هڻي سوڀوديرو راڻيپور روڊ بند ڪري ڇڏيو. ان دوران صحافين سان ڳالهائيندي ميانداد لَڪَ چيو ته ڪچي جي علائقي ديهه ڪچو نواڙو ۾ منهنجي 38 جريب زمين آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • نعيم احمد کرل هڪ گڏجاڻي جي صدارت ڪئي

    پيپلز ڊولپمينٽ ڪاميٽي خيرپور جي چيئرمين ايم پي اي نعيم احمد کرل جي صدارت هيٺ ڊي سي او درٻار هال ۾ هڪ گڏجاڻي ٿي گذري جنهن ۾ ڊي سي او خيرپور ، اِي ڊي اوز، ٽي ايم اوز ۽ ٻين ضلعي عملدارن شرڪت ڪئي. ساليانه گڏجاڻي ۾ ضلعي اندر هلندڙ ترقياتي ڪمن جو جائزو ورتو ويو جڏهن نئين اسڪيمن جي حوالي سان پڻ غور و فڪر ڪيو ويو. چيئرمين پيپلز ڊولپمينٽ ڪاميٽي نعيم احمد کرل گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪندڙ ضلعي جي تمام تعلقي ميونسپل ايڊمنسٽريٽرن کي هدايت ڪئي ته هوُ سندن لاڳاپيل تعلقن ۾ ترقياتي ڪم ضلعي حڪومت جي ايڊمنسٽريٽر ۽ پيپلز ڊولپمينٽ ڪاميٽي جي منظوري سان سر انجام ڏين جڏهن ته ڪوٽيشنل ورڪ کان پرهيز ڪن. ان موقعي تي هر تعلقي جي ٽي ايم ايز پنهنجي ماهوار ملندڙ بجيٽ جا انگ اکر ٻُڌايا جنهن ۾ ڪنگري ٽي ايم ايز جي ماهوار بجيٽ جو شيئر هڪ ڪروڙ 8لک، ميرواه جي هڪ ڪروڙ 31لک گمبٽ جي 97 لک، صوڀوديرو جي هڪ ڪروڙ 22 لک، ناري تعلقي جي هڪ ڪروڙ 71 لک، خيرپور تعلقي جي هڪ ڪروڙ 10لک جڏهن ته گڏجاڻي ۾ فيض گنجي ۽ ڪوٽ ڏجي تعلقن جي ٽي ايم ايز جي بجيٽ جا انگ اکر معلوم نه ٿي سگهيا. ان…

    وڌيڪ پڙھو
  • موجوده سنڌ حڪومت عوام جي سماجي ۽ ڀلائي لاءِ وڌ ۾ وڌ ڪوششون ڪري رهي آهي: سيد قائم علي شاهه

    سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته موجوده سنڌ حڪومت عوام جي سماجي ۽ ڀلائي لاءِ وڌ ۾ وڌ ڪوششون ڪري رهي آهي جڏهن ته بچاءُ بندن جي مرمتي ڪم 30 جون تائين مڪمل ڪيو ويندو. هن چيو ته بندن جي مرمتي ڪم جي معيار بهتر ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل اختيارين کي حُڪم جاري ڪيا ويا آهن. وڏي وزير اهڙو اظهار آچر ڏينهن سکر ايئرپورٽ ۽ سرڪٽ هائوس خيرپور ۾ مختلف ماڻهن جي وفدن سان ملاقات ڪندي ڪيو. هن چيو ته سنڌ حڪومت صوبي جي عوام جي معاشي بهتري لاءِ جاکوڙي رهي آهي ان سلسلي صوبي اندر ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇايو ويوآهي جڏهن ته تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ بهتري آڻي عوام جي خدمت ڪئي پئي وڃي

    وڌيڪ پڙھو
  • خيرپور ۾ راندين جون تصويري جھلڪيون

    وڌيڪ پڙھو
  • ڊي سي او سارين جي پوکي تي 144 قلم لاڳو ڪري پابندي هڻي ڇڏي

    : ايڊمنسٽريٽر ضلعي حڪومت خيرپور محمد عباس بلوچ ضلعي جي مختلف علائقن ۾ سم ۽ ڪلر جو وڌي وڃڻ جي ڪري ضلعي جي پابندي وارن علائقن ۾ سارين جي پوکي تي 144 قلم لاڳو ڪري پابندي هڻي ڇڏي آهي. ضلعي ايڊ منسٽريٽر اِهڙو حڪم جاري ڪندي چيو آهي ته ڪنهن به زميندار ۽ آبادگار کي ضلعي جي پابندي مڙهيل علائقن جهڙوڪ روهڙي ڪئنال ، ميرواه ۽ مختلف ڀرپاسن وارن علائقن ۾ سارين جي پوکي جي اجازت نه هوندي جڏهن ته ڪنهن به سارين جو پوکي جي ٻيجارو پوکيو آهي ته انهيءِ کي هڪدم ختم ڪرڻ جا احڪامات جاري ڪيا ويا آهن. حڪم ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته اهڙي 144 قلم جي سارين جي پوکي جي پابندي واري حڪم جي خلاف ورزي ڪندڙ خلاف سخت قدم کنيا ويندا. اهڙو حڪم هر ستن ڏينهن بعد پاڻ مرادو لاڳو ٿيندو رهندو ۽ 30 ڏينهن تائين جاري رهندو

    وڌيڪ پڙھو
  • ماحوليات جي عالمي ڏينهن جي ملهائڻ جي حوالي سان ڊي سي او خيرپور محمد عباس بلوچ ھڪ گڏجاڻي جي صدارت ڪندو

    خيرپور: 3 جون بروز جمعي ڏينهن ڊي سي او درٻار هال ۾ صبح يارهين وڳين 05 جون تي ماحوليات جي عالمي ڏينهن جي ملهائڻ جي حوالي سان ڊي سي او خيرپور محمد عباس بلوچ جي صدارت ۾ هڪ گڏجاڻي ٿيندي جنهن ۾ ماحوليات جا ماهر ٻيا شرڪت ڪندا.

    وڌيڪ پڙھو
  • بندن کي وڌيڪ مضبوط ڪيو پيو وڃي: محمد عباس بلوچ

    ضلعي ايڊمنسٽريٽر ڊي سي او خيرپور محمد عباس بلوچ ۽ ڊي پي او عرفان بلوچ ضلعي جي ڪچي واري علائقن جي مختلف بچاءُ بندن جو دورو ڪيو ۽ بندن جي مرمتي ڪم جو جائزو ورتو. ان موقعي تي ڊي سي او علائقي واسين ۽ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل سال جي ٻوڏ جي تباه ڪارين کي نظر ۾ رکندي بندن کي وڌيڪ مضبوط ڪيو پيو وڃي جڏهن بچاءُ جون مختلف حڪمت عمليون پڻ جوڙيون پيون وڃن ته جيئن ضلعي کي امڪاني ٻوڏ جي امڪاني خطرن کان بچائي سگهجي. هن چيو ته گذريل سال وانگر هر هڪ شعبي کي پنهنجون ڀرپور ذميواريون نڀائڻيون پونديون جڏهن ته بندن جي حساس جڳهن تي ضلعي پوليس پاران مخلتف پوليس چوڪيون قائم ڪيون پيون وڃن.

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button