سوڀوديرو

سوڀيديري لڳ ڳوٺ تي حملو، نوجوان قتل، گهر کي باهه، وارثن لاش ٿاڻي اڳيان رکي ڌرڻو هنيو

سوڀوديرو: سوڀيديري جي ڪچي جي علائقي ڪيٽي ڪنوري ٿاڻي جي حد ڳوٺ پروز لَڪَ تي ڀٽي برادري جي هٿياربندنkhairpur 640x480 چڙهائي ڪري هڪ گهر کي باهه ڏئي ڇڏي ۽ فائرنگ ڪري نوجوان سينگار علي ولد علي خان لَڪَ کي قتل ڪري ڇڏيو. لَڪَ برادري جي ماڻهن لاش کڻي سوڀوديرو ٿاڻي اڳيان روڊ تي رکي ٽائرن کي باهه ڏئي پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ ڌرڻو هڻي سوڀوديرو راڻيپور روڊ بند ڪري ڇڏيو. ان دوران صحافين سان ڳالهائيندي ميانداد لَڪَ چيو ته ڪچي جي علائقي ديهه ڪچو نواڙو ۾ منهنجي 38 جريب زمين آهي، جنهن جو کاتو پڻ منهنجو آهي، ان زمين تي رحيم ۽ حدر ڀٽي وارن قبضو ڪيو آهي، جن ڪجهه ڏينهن اڳ اسان جي مهمان گلزار چنا کي پڻ رستي ويندي قتل ڪيو هو ۽ رات وري اسان جي گهرن تي چڙهائي ڪري منهنجي ڀائٽي سينگار علي کي قتل ڪيو آهي، جنهن جي 17 جون تي شادي ٿيڻي هئي ۽ ڊي ايس پي سوڀوديرو مظهر شيخ جوابدارن سان ملوث آهي ۽ رتوڇاڻ ڪرائي رهيو آهي، جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بدران اسان تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري رهيو آهي، هوڏانهن هڪ ڪلاڪ کانپوءِ ايس ايڇ او سوڀوديرو ڌرڻو ختم ڪرايو، نوجوان سينگار علي ولد علي خان جو قتل ڪيس ڪيٽي ڪنوري ٿاڻي تي ميانداد لڪ جي فرياد تي داخل ڪيو ويو. جنهن ۾ رحيم، امتياز ۽ غلام حيدرسميت 6 ڄڻن کي جوابدار ڄاڻايو ويو آهي. هوڏانهن نوجوان کي هٿن پيرن تي ميندي هڻي موڙ ٻڌي دفنايو ويو، جڏهن ته انتظاميا وڌيڪ جهيڙي کي روڪڻ لاءِ ڪي به جوڳا اپاءُ نه وٺي سگهي آهي
مانيٽرنگ ڊيسڪ

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button