خيرپور

  • پيپلز پارٽي وفاق جي واحد پارٽي آهي جيڪا عوام جي حقن لاءِ هميشه جدو جهد ڪري رھي آھي: جاويد شاھ جيلاني

    شهيد محترمه بينظير ڀُٽو جي 58 هين سالگره جي موقعي تي ناز هاءِ اسڪول خيرپور ۾ ٽن ڏينهن جي رت جي عطئي ڏيڻ جي حوالي سان ” بلڊ ڊونيشن“ ڪئمپ لڳائي وئي جنهن ۾ 600 کان وڌيڪ معزز شهرين، سماجي ڪارڪنن پيپلز پارٽي جي ورڪرن ۽ پارٽي جي ليڊيز ونگ جي اڳواڻن ڪئمپ ۾ رت جو عطيو ڏنو. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي اڳوڻي ايم اين اي سيد جاويد علي شاهه جيلاني خطاب ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي وفاق جي واحد پارٽي آهي جيڪا عوام جي حقن لاءِ هميشه جدو جهد ڪئي آهي. هن وڌيڪ چيو پيپلز پارٽي شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀُٽو جي مشن کي پوري ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهي. جڏهن ته تقريب کي سنڌ جي وڏي وزير جو پوليٽيڪل سيڪريٽري ۽ پيپلز پارٽي جي ضلعي خيرپور جي جنرل سيڪريٽري نظر محمد ڳاهو خطاب ڪندي چيو ته صوبي اندر سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي سربراهي ۾ عوام جي ڀرپور خدمت ڪئي پئي وڃي

    وڌيڪ پڙھو
  • شيخ برادري پريمي جوڙي کي ڪارو قرار ڏئي ڇڏيو، قتل ڪرڻ جي فتوا جاري

    روهڙي جي جوڙي خيرپور جي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪرڻ کانپوءِ تحفظ لاءِ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي . جڏهن ته شيخ برادري جو ڪٺ جوڙي کي ڪارو قرار ڏئي ڇڏيو ۽ قتل ڪرڻ جي فتوا جاري روهڙي ٿاڻي تي ڪيس داخل خبر موجب روهڙي تعلقه جي لوڪوشيڊ مراد علي شاهه محلي جي رهواسڻ 19 سالن جي نورجهان ڌيءُ محمد يعقوب شيخ 22 سالن جي نوجوان انور ولد محمد سومر لوڪوشيڊ مراد علي شاهه محلي جي جوڙي خيرپور جي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو تنهن کانپوءِ شيخ برادري جو ڪٺ وڏيري ضمير شيخ جي نگراني هيٺ ٿيو جنهن ۾ جوڙي کي جيئرو پڪڙي کين قتل ڪرڻ جي فتويٰ جاري ڪئي وئي آهي ان کانپوءِ جوڙي خيرپور جي عدالت ۾ تحفظ جي لاءِ ڪيس داخل ڪرائي ورتو آهي. سومر جي ڏينهن جوڙي خيرپور ۾ اخبار وارن کي ٻڌايو ته اسان جا مائٽ بيگناهه اسانجي سرن جا دشمن ٿي ويا آهن

    وڌيڪ پڙھو
  • بوزدار وڏا ڀرسان مارجي ويل ممتاز علي سيال جا جوابدار گرفتار نه ڪرڻ خلاف مظاھرو

    مارجي ويل ممتار سيال جا جوابدار گرفتار نه ٿيا احتجاجي مظاهرو خبر موجب بوزدار وڏا ڀرسان مارجي ويل ممتاز علي سيال جا جوابدار گرفتار نه ڪرڻ خلاف سندن وارثن غلام رسول سيال، خالد حسين سيال، فدا حسين سيال ، راجيا ممتاز ۽ ٻين پاڪ ڪتاب کڻي اي ايس پي جاچ اڪبر وڳڻ جي آفيس ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو هنن چيو ته ٺري ميرواهه پوليس جوابدار جي پڳ مٽ يار آهي تنهنڪري پوليس جوابدار گرفتار ڪرڻ کان لنوائي رهي آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • خيرپور جا معذور ٻن حصن ۾ ورهائجي ويا

    خيرپور جا معذور ٻن حصن ۾ ورهائجي ويا هڪ ٽولي جي ضلع حڪومت خلاف بک هڙتال ٻئي ٽولي جي ضلع حڪومت جي حمايت ۾ ريلي جيئي ڀٽو جا نعرا خبر موجب خيرپور جا انڌا ، منڊا ، لولا ، لنگڙا، ڪاڻا، ٻوڙا، گونگا ٻن حصن ۾ ورهائجي ويا آهن جڏهن ته هڪ گروپ جي اڳواڻ رياض منگي ۽ سندس ساٿين ضلع حڪومت خلاف اٺڻ ڏينهن کان بک هڙتال شروع ڪري ڏني آهي جڏهن ته ٻئي گروپ جي اڳواڻ علي انصر سنڌو ضلع حڪومت جي حمايت ۾ لقمان شهر کان ڊي سي او آفيس تائين ضلع حڪومت جي حق ۾ نعريبازي ڪئي بعد ۾ ڊي سي او آفيس ٻاهران پڻ جلسو ٿيو جنهن کي علي انصر سنڌو ، ميڊم سائمه ، فهميده ڀٽي، تنوير پٺاڻ، رمضان ڦلپوٽو، سيد حليم شاهه ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي ۽ ضلع حڪومت خيرپور جي معذورن جي ڀلائي جي لاءِ وڏا پروگرام جوڙيا آهن . سٺ لک جون ريوالر چيئر ، پنجاهه لک جي گرانٽ، هڪ هزار ويل چيئر پڻ خيرپور جي معذور کي مليون آهن

    وڌيڪ پڙھو
  • صوفين جو فلسفو هٿيارن کان وڌيڪ طاقتور آهي : سسئي پليجو

    سنڌ جي صوبائي وزير ثقافت سسئي پليجو چيو آهي ته صوفين جو فلسفو هٿيارن کان وڌيڪ طاقتور آهي جڏهن ته انسانيت جي بقا ۽ سلامتي لاءِ صوفين وارو فلسفو ئي مسئلن جو حل آهي. صوبائي وزير چيو ته سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي ۽ صوبي جي عظيم صوفي بزرگن جي فلسفي جي ڪري سنڌ ۾ لبرل سوچ جا ماڻهو موجود آهن جڏهن ته دنيا ۾ هلندڙ دهشتگردي جي لهر ۾ پاڪستان جو عالمي سطح تي مثبت تصور جي جوڙڻ ۾ سنڌ ۾ رائج صوفي بزرگن جي فلسفي جو وڏو هٿ آهي . هن چيو ته شاهه لطيف، سچل ۽ سامي جي پيغام کي وڌيڪ عام ڪرڻ جي ضرورت آهي جنهن سان معاشري ۾ امن، رواداري ۽ ڀائيچاري جي فضا قائم ٿيندي. هن اهڙو اظهار آچر شام سنڌ جي ثقافت کاتي ۽ سچل يادگار ڪاميٽي پاران سچل آڊيٽيوريم خيرپور ۾ سچل سيمينار جي نالي سان ٿيل ادبي ڪانفرنس ۽ مشاعري واري تقريب ۾ خطاب ڪندي ڪيو ۽ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهه ٻول ڪندي ڪيو.

    وڌيڪ پڙھو
  • اڄ خيرپور ۾ سنڌ جي عظيم صوفي شاعر حضرت سچل سرمست رح جي شخصيت ۽ شاعري سچل اڪيڊمي خيرپور ۾ هڪ سيمينار ٿي رهيو آهي

    قافت کاتي حڪومت سنڌ پاران سنڌ جي عظيم صوفي شاعر حضرت سچل سرمست رح جي شخصيت ۽ شاعري تي آچر ڏينهن شام جو 4 وڳي سچل اڪيڊمي خيرپور ۾ هڪ سيمينار ٿي رهيو آهي جنهن ۾ سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه خاص مهمان هوندو جڏهن ته سيمينار جي صدارت صوبائي وزير ثقافت محترمه سسئي پليجو ڪندي. ان موقعي تي ثقافت ڪاتي پاران سچل اڪيڊمي ۾ ڪتاب جي مهرت ۽ مشاعرو پڻ منعقد ڪيو ويندو جڏهن ته شهيد بينظير ڀٽو اوپن ايئر ٿيٽر ۾ رات جو راڳ رهاڻ جي محفل پڻ منعقد ٿيندي جنهن ۾ ناليوارا صوفي راڳي سچل جو ڪلام پيش ڪندا. سيمينار ۾ سيڪريٽري ثقافت عبدالعزيز عُقيلي ۽ سچل سرمست يادگار ڪاميٽي جو چيئرمين ڊي سي او خيرپور محمد عباس بلوچ پڻ شرڪت ڪندا.

    وڌيڪ پڙھو
  • هنر مند ۽ سکيا حاصل ڪندڙ نوجوانن کي پرڏيهي ملڪن ۾ پڻ روزگار سانگي موڪليو ويندو: وڏو وزير

    سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته موجوده حڪومت پاران ملڪ جي اقتصادي صورتحال خراب هوندي عوام جي معاشي بهتري لاءِ موثر قدم کڻي بيروزگارن کي روزگار ڏنو ويو آهي جڏهن تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ بهتري آڻي عوام جي وڌ ۾ وڌ خدمت ڪئي وئي آهي. وڏي وزير چيو ته موجوده حڪومت پارٽي منشور تي عمل ڪندي عوام جي ڀلائي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي. وڏي وزير اهڙو اظهار خيرپور ۾ انجمن تاجران پاران سندس مان ۾ منعقد ڪيل تقريب ۾ خطاب ڪندي ڪيو. وڏي وزير چيو ته شهيد محترمه جي دور ۾ عوام کي وڌ ۾ وڌ روزگار ڏنو ويو جڏهن ته موجوده حڪومت ۾ به پڻ عوام کي روزگار ڏيڻ ۾ وڌ ۾ وڌ ڪوششون ورتيون آهن. هن چيو ته موجوده جمهوري دور ۾ 90 هزار کان وڌيڪ نوجوانن کي مختلف شعبن ۾ سکيا ڏئي روزگار لائق بڻايو ويو آهي جڏهن ته کين سکيا دوران پڻ هزارين روپيا معاوضو پڻ ڏنو ويو. وڏي وزير چيو ته هنر مند ۽ سکيا حاصل ڪندڙ نوجوانن کي پرڏيهي ملڪن ۾ پڻ روزگار سانگي موڪليو ويندو. جڏهن ته پرڏيهي ملڪن ۾ ملائيشيا سميت ٻين ملڪن ۾ روزگار جا موقعا آهن جتي صوبي مان ذهين ۽…

    وڌيڪ پڙھو
  • سائين احمد خان مدهوش جي پهرين ورسي 26 جون تي شهر جوهي ضلع دادو ۾ ملھائي ويندي

    سنڌ جي ناليواري شاعر سائين احمد خان مدهوش جي پهرين ورسي 26 جون تي شهر جوهي ضلع دادو ۾ تمام گهڻي جوش، جذبي ۽ عقيدت سان ملهائڻ جون تياريون زور شور سان جاري آهن، ان سلسلي ۾ سندس فرزند خليل عارف سومرو، اسٽيشن ڊاريڪٽر ريڊيو پاڪستان خيرپور ڪوثر ٻرڙو، ڀٽائي سوشل ويلفيئر ايسوسيئشن جي چيئرمين خادم حسين ميراڻي ۽ جبار خاصخيلي سان ڀٽائي جي آفيس ۾ ملاقات ڪئي. ساڻس ڪاڇي سان تعلق رکندڙ ۽ احمد خان مدهوش جي فن ۽ شخصيت تي لکيل ڪتاب جو ليکڪ عبدالرزاق جمالي پڻ گڏ هيو. ان موقعي ورسي جي انتظامن بابت صلاح مشورو ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ ڀٽائي سوشل ويلفئير ايسوسيئيشن جي ٽيم پاران احمد خان مدهوش جي پهرين ورسي ۾ ڀرپور شرڪت ڪرڻ ۽ ورسي جي انتظامن ۾ هر قسم جو ممڪن سهڪار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي وئي

    وڌيڪ پڙھو
  • سنڌ کي ھٿيارن کان پاڪ ڪيو وڃي: خيرپور جي سول سوسائٽي جو مطالبو

    : خيرپور جي سول سوسائٽي جي 90 کان وڌيڪ نمائندن پاران حڪومت سنڌ کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته فوري طور تي سنڌ ۾ قبائلي تڪرارن جي خاتمو آندو وڃي ۽ سنڌ اسيمبلي پاران هٿيارن جي نمائش ۽ غير قانوني هٿيارن تي پابندي مڙهڻ واري قرارداد تي عمل ڪيو وڃي. اهڙو مطالبو گذريل ڏينهن ڀٽائي سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن پاران خيرپور ۾ منعقد ڪيل امن ڪچهري ۾ امن امان جي قيام کي يقيني بنائڻ واري بحث کان پوءِ ڪيو ويو. تنظم جي اڳواڻ خادم حسين ميراڻي ٻڌايو ته اسان امن مهم “امن منهنجو حق” جي تحت خيرپور جي چونڊ تعلقن ۾ ڳوٺاڻن سان گڏجي امن ۽ ڀائيچاري جو پيغام کڻي نڪتا آهيون ۽ گذريل 6 مهينن دوران سياسي، سماجي ۽ مذهبي تنظيمن کان سواءِ صحافي برادري ۽ وڪلاءَ برادري سان گڏجي مختلف قسم جي سرگرمين وسيلي امن جو پيغام عام ڪرڻ جي ڪوششن ۾ ڪامياب ٿيا آهيون ۽ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ صلح ڪرائڻ ۾ پڻ اڳڀرائي ٿي آهي.

    وڌيڪ پڙھو
  • موجوده جمهوري حڪومت صوبي توڙي ملڪ ۾ عوام جي ڀرپور خدمت ڪري رهي آهي: قائم علي شاھ

    سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته موجوده حڪومت عوام جي معاشي بهتري لاءِ وڌ ۾ وڌ قدم کڻي رهي آهي جڏهن ته تعليم ۽ صحت کاتي کي وڌيڪ بهتر بڻائي عوام کي وڌ ۾ وڌ سهولتون ڏنيون ويون آهن. وڏي وزير اهڙو اظهار جمعي ڏينهن ڳاڙهي پُل ويجهو ضلعي حڪومت پاران چار ڪروڙ روپين جي لاڳت سان پيئڻ جي صاف پاڻي جي واٽر سپلاءِ اسڪيم جو افتتاح ڪندي ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي ڪيو. وڏي وزير چيو ته موجوده جمهوري حڪومت صوبي توڙي ملڪ ۾ عوام جي ڀرپور خدمت ڪري رهي آهي جڏهن سرڪاري شعبن خاص طور تي صحت ۽ تعليم ۾ بهتري آندي پئي وڃي ته جيئن عوام وڌ ۾ وڌ بهتر سهولتون حاصل ڪري سگهي. جڏهن ته وڏي وزير پاران چار ڪروڙ روپين جي لاڳت سان ا فتتاح ٿيندڙ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان خيرپور شهر جي ٽن يونين ڪائونسلز جنهن ۾ يو سي جيلاني، يو سي شاهه لطيف ۽ يوسي ڀرڳڙي شامل آهن

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button