خيرپور

  • اسڪولن جي موڪلن جو ناجائز فائدو وٺندي بينڪ آفيسر پرائمري اسڪول سائده ڳوٺ جي پارڪ جو ن چوديواريون ڀڃي قبضو ڪرڻ شروع ڪري ڏنو

    اسڪولن جي موڪلن جو ناجائز فائدو وٺندي بينڪ آفيسر پرائمري اسڪول سائده ڳوٺ جي پارڪ جو ن چوديواريون ڀڃي قبضو ڪرڻ شروع ڪري ڏنو ته استاد اسٽاف ڪوارٽر جا رهواسي پ پ اڳواڻ بلڊنگ کاتي جا آفيسر پوليس اهلڪار پهچي ويا قبضي واري جاءِ تي پڪٽ قائم ڪري ٻيهر اسڪول جون چوديواريون ٺاهڻ شروع ڪري ڏنيون احتجاجي مظاهرو ڪجهه پاڙي جا لوفر ۽ عياش پرست ڇوڪرا پارڪ ۾ ويهي شراب پيئندا آهن ۽ عورتون گهرائي عياشي ڪندا آهن اسڪول جو پارڪ منهنجي ڪوارٽر جي حد آهي بينڪ آفيسر. خبرموجب اسڪولن جي موڪلن جو ناجائز فائدو وٺندي نيشنل بينڪ سکر جي آفيسر گلزارکوسو جيڪو خيرپور اسٽاف ڪوارٽرن ۾ ٻئي ڪنهن مٽ مائٽ دوست يار جي نالي تي ڪوارٽر الاٽ ڪرائي هڪ سال کان رهندڙ آهي تنهن سومر جي ڏينهن سائده ڳوٺ پرائمري اسڪول جي پارڪ جون ديوارون ٽوڙي پنهنجي ديوار کڻائي پارڪ جي اڌ حصي تي قبضو ڪرڻ شروع ڪري ڏنو ته اسٽاف ڪوارٽرن جا سوين ماڻهو اسڪول جا استاد پ پ جا سوين ڪارڪن بلڊنگ کاتي جا آفيسر ۽ پوليس اهلڪار واقعي واري هنڌ پهچي ڪم ڪندڙ مزدورن ۽ مسترين کي لٺيون هڻي ڀڄائي ڇڏيو

    وڌيڪ پڙھو
  • بيسڪ اسڪول جي استادن کي پگھارون نه مليون

    بيسڪ اسڪول جي استادن کي نه مليون ماسترن ۽ ماسترياڻين جو احتجاجي مظاهرو خبرموجب سومر جي ڏينهن بيسڪ ايجوڪيشن ڪميونٽي اسڪول جي ماسترن ۽ ماسترياڻين کي پگهارون نه مليون اهڙي عمل خلاف سوڪ سينٽر کان پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو مظاهري جي اڳواڻي عابده پروين، سبحان خاتون، زليخان، مختيار احمد سولنگي، محمد امين ۽ امبر بلوچ ڪري رهيا هئا هنن چيوته شهيد محترمه بينظيرڀٽو جو شروع ڪيل پروگرام بيسڪ ايجوڪيشن جي استادن ۽ ماسترياڻين کي ڏهن مهينن کان پگهارون نه مليون آهن جڏهن ته پوري پاڪستان ۾ 12000 اسڪول کليل آهن جنهن ۾ لکين جي تعداد ۾ ٻار تعليم پرائي رهيا آهن

    وڌيڪ پڙھو
  • هر سال وانگر حضرت سچل سرمست جي سالياني عرس جي مختلف تقريبن ڀرپور ملهايو ويندو: ڊپٽي ڪمشنر

    ڊپٽي ڪمشنر خيرپور محمد عباس بلوچ درازا ۾ سنڌ جي صوفي بزرگ ۽ شاعر حضرت سچل سرمست رح جي رمضان 14 تاريخ تي منعقد ٿيندڙ 190 عرس جي مختلف تقريبن جي انعقاد جي حوالي سان سچل يادگار ڪاميٽي جي گڏجاڻي جي صدارت ڪئي. گڏجاڻي ۾ سچل يادگار ڪاميٽي جي لعل بخش منگي، غلام قاسم جسڪاڻي، ايس پي غلام اڪبر وڳڻ، ضلعي جي مختلف تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرس، مختيارڪارن، سگهڙ ۽ ملهه ايسوسيئشن جي اڳواڻن عبدالقادر ميتلو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ڊي سي گڏجاڻي ۾ ٻُڌايو ته هر سال وانگر حضرت سچل سرمست جي سالياني عرس جي مختلف تقريبن ڀرپور ملهايو ويندو جڏهن عرس جي تقريبن جو افتتاح سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه ڪندو. هن ٻُڌايو ته موجوده حڪومت پاران گذريل ٻن ٽن سالن کان درگاهه تي مختلف ترقياتي ڪم ڪرايا ويا آهن

    وڌيڪ پڙھو
  • ڊپٽي ڪمشنر خيرپور مختلف شڪايتن جو نوٽيس وٺندي راڻيپور پهچي ويو

    ڊپٽي ڪمشنر خيرپور محمد عباس بلوچ ميڊيا تي راڻيپور شهر اندر ڊرينيج، صفائي ۽ سُٿرائي جي حوالي سان مختلف شڪايتن جو نوٽيس وٺندي راڻيپور پهچي ويو. جتي ڊي سي خيرپور شهرين، لاڳاپيل عملدارن ۽ صحافين سان راڻيپور شهر جي مختلف مسئلن جي حل جي حوالي سان ٽائون ڪاميٽي راڻيپور ۾ هڪ گڏجاڻي ڪئي. ان موقعي تي پگهار نه ملڻ تي ٽائون ڪاميٽي جي ملازمن احتجاج ختم ڪرائي کين شهر اندر صفائي ۽ سُٿرائي لا۽ ڪم ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون. جڏهن ته ملازمن پاران اڳوڻن تعلقه ايڊمنسٽريٽرس جي خلاف مختلف شڪايتن جو نوٽيس وٺندي ڊي سي خيرپور سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ علي احمد لُنڊ سان فون ملازمن جي مسئلن جي باري ۾ آگاهي ڏني جڏهن ڊي سي خيرپور اڳوڻن ٽي ايم ايز خلاف انڪوائري ڪرڻ لاءِ سيڪريٽري کي گُذارش ڪئي.

    وڌيڪ پڙھو
  • منظور وساڻ سان تعزيت جو سلسلو جاري

    سنڌ جي گهرو وزير منظور حسين وساڻ جي سس جي جنازي نماز ڳوٺ نواب خان وساڻ ۾ ادا ڪئي وئي. مرحومه جي جنازي نماز ۾ وزير داخلا منظور حسين وساڻ، پ پ ايم اين اي نواب خان وساڻ، منور علي وساڻ، مريد حسين وساڻ علائقي جي زميندارن، پ پ اڳواڻن، سوين پارٽي ڪارڪنن ۽ آفيسرن شرڪت ڪئي. مرحومه کي سندس آبائي قبرستان پير گڊو ۾ مٽي ماءٌ حوالي ڪيو ويو. ڊپٽي ڪمشنر خيرپور محمد عباس بلوچ، ڊي آءِ جي سکر ظفر بخاري، ايس ايس پي گهوٽڪي پير محمد شاهه، ايس ايس پي شڪارپور جنيد شيخ، صوبي جي مختلف ضلعن سان واسطو رکندڙ پيپلز پارٽي اڳواڻن، اعلى آفيسرن، صحافين سميت علائقي جي هزارين معززين تڏي تي پهچي تعذيت ڪئي.

    وڌيڪ پڙھو
  • پوليو مهم ۾ جيڪو به سئو سيڪڙو ڪم مڪمل ڪندو ان کي نقد انعام ڏنو ويندو: محمد عباس بلوچ

    ڊپٽي ڪمشنر خيرپور محمد عباس بلوچ ڪنگري تعلقي جي مختلف علائقن جو دورو ڪري پوليو مهم جي انتظامن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي ڊي سي خيرپور ڳوٺ پريل جاگيراڻي ۾ پوليو مهم ۾ حصو وٺندڙ ليڊ هليٿ ورڪرن جي ساراه ڪندي چيو ته پوليو مهم ۾ جيڪو به سئو سيڪڙو ڪم مڪمل ڪندو ان کي نقد انعام ڏنو ويندو. جڏهن ڊي سي رورل هيلٿ سينٽر ڪنگري جي دوري دوران اسپتال ۾ صحت جي جديد اوزارن جي نه هجڻ تي ناراضگي جو اظهار ڪيو ۽ ڊي ايڇ او خيرپور ڊاڪٽر احسان الله سيال کي آر ايڇ سي ڪنگري ۾ نون ڄاول ٻارن واري وارڊ ۾ صحت جي جديد اوزارن جي فوري فراهمي جو حُڪم جاري ڪيو. جڏهن ته اُتي آغا خان پاران قائم ڪيل ٻارن جي وارڊ ۾ صحت جي سهولتن جي واکاڻ ڪئي.

    وڌيڪ پڙھو
  • جولاءِ جي 30 کان 31 تاريخ تائين خيرپور ۾ کجي جي ٻن ڏينهن واري عالمي نمائش منعقد ڪرائي ويندي: ڊي سي خيرپور

    ڊي سي خيرپور محمد عباس بلوچ خيرپور ۾ لڳائي ويندڙ کجي جي ساليانه عالمي نمائش ۽ سيمنار جي حوالي سان هڪ گڏجاڻي جي صدارت ڪئي ۽ گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪندڙ لاڳاپيل ضلعي عملدارن کي نمائش جي انتظامن کي آخري شڪل ڏيڻ جون هدايتون جاري ڪيون. ان موقعي تي ڊي سي ٻُڌايو ته هلندڙ مهيني جولاءِ جي 30 کان 31 تاريخ تائين شهيد بينظير ڀٽو اوپن ايئر ٿيٽر ۾ کجي جي ٻن ڏينهن واري عالمي نمائش منعقد ڪرائي ويندي جڏهن ته سنڌ بورڊ آف انويسٽمينٽ پاران کجي متعلق سچل آڊيٽوريم ۾ هڪ سيمينار پڻ منعقد ڪرايو ويندو. ڊي سي ٻُڌايو ته کجي جي عالمي نمائش ۽ سيمنيار جي منعقد ڪرائڻ جو مقصد خيرپور اندر کجي جي پيدوار کي هٿي ڏيڻ ۽ خيرپور جي کجي جي حوالي سان سڃاڻپ کي عالمي سطح تي وڌيڪ اُجاگر ڪرڻ آهي. گڏجاڻي ۾ ڊي سي ٻُڌايو ته گذريل ٻن سالن کان مسلسل کجي جي عالمي نمائش منعقد ڪرائڻ سان کجي جي پيدوار کي عالمي سطح تائين ميڊيا ذريعي وڌيڪ رونمائي ٿي جنهن سان کجي جي زميندار کي وڌ ۾ وڌ فائدو پهتو

    وڌيڪ پڙھو
  • ٻارن کي پوليو جي خطرناڪ بيماري کان بچاءُ جي ڦڙن پيارڻ تمام گهڻو اهم آهي: محمد عباس بلوچ

    ڊپٽي ڪمشنر خيرپور محمد عباس بلوچ چيو آهي ته ٻارن کي پوليو جي خطرناڪ بيماري کان بچاءُ جي ڦڙن پيارڻ تمام گهڻو اهم آهي ته جيئن پوليو جهڙي موزي مرض کان بچي سگهجي. ڊي سي خيرپور اهڙو اظهار ڇنڇر ڏينهن ٺيڙهي ويجهو کجي جي موسم ۾ آيل پورهيت نوميڊس کي پوليو جي ڦڙن پيارڻ واري مختصر تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ڊي سي وڌيڪ چيو ته صحت کاتي جي ڊاڪٽرن ۽ عملي سان گڏو گڏ مذهبي اڳواڻن توڙي سماجي ڪارڪنن کي پوليو جي مهم ۾ ڀرپور حصو وٺڻ گهرجي ته جيئن پوليو مهم موثر انداز ۾ ڪامياب ٿي سگهي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر خيرپور محمد عباس بلوچ، ڊائريڪٽر صحت ڊاڪٽر طارق علي دُرشهواڻي، ڊي ايڇ او خيرپور ڊاڪٽر احسان سيال، ٺيڙهي جي مدرسي جي عالمن ٻارن کي پوليو جي بچاءُ جا قطرا پياري پوليو مهم جو آغاز ڪيو.

    وڌيڪ پڙھو
  • خيرپور نصابي سرگرمين سان گڏوگڏ غير نصابي سرگرمين کي پڻ هٿي ڏني پئي وڃي : محمد عباس بلوچ

    ڊپٽي ڪمشنر خيرپور محمد عباس بلوچ چيو آهي ته ضلعي اندر نصابي سرگرمين سان گڏوگڏ غير نصابي سرگرمين کي پڻ هٿي ڏني پئي وڃي مختلف اسڪولس ۾ راندين جا مقابلا ڪرائي معاشري کي وڌيڪ صحتمند بڻايو ويندو. ڊي سي خيرپور اهڙو اظهار خميس ڏينهن گورنمينٽ ڪامپريهينسوِ هائير سيڪنڊري اسڪول ۾ ضلعي جي مختلف هاءِ اسڪولس کي راندين جي سامان ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيوته استادن کي ٻارن جي نه صرف نصابي پر غير نصابي سرگرمين تي پڻ نظر ثاني ڪري کين راندين ۽ تفريح جو موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ وڌ ۾ وڌ ڪوششون وٺڻ گهرجن. ڊپٽي ڪمشنر وڌيڪ چيو ته ضلعي جي تمام هاءِ توڙي هائير سيڪنڊري اسڪولس کي راندين جي سرگرمين کي هٿي ڏيڻ لاءِ کين راندين جو سامان ڏنو پيو وڃي ته جيئن راندين جي سامان ڀرپور فائدو وٺندي ضلعي جي مختلف اسڪولس جا ٻار صوبي توڙي ملڪ جي مخلتف راندين جي مقابلن ۾ حصو وٺي سگهن

    وڌيڪ پڙھو
  • بچاءُ بندن تي پوليس، رينجرز، روينيو ۽ آبپاشي کاتي جي عملدارن جي ڊيوٽي لڳائي پئي وڃي: ڊپٽي ڪمشنر خيرپور

    ڊپٽي ڪمشنر خيرپور محمد عباس بلوچ چيو آهي ته بندن جي مرمتي ڪم ۾ رڪاوٽ جو سبب بڻجندڙ غير قانوني حد دخلين کي کي فوري طور تي هٽايوويندو ۽ کجين جو معاوضو ڏنو ويندو. جڏهن ته بچاءُ بندن تي پوليس، رينجرز، روينيو ۽ آبپاشي کاتي جي عملدارن جي ڊيوٽي لڳائي پئي وڃي ته جيئن بندن جو مرمتي ڪم وقت تي ٿي سگهي. هن اهڙو اظهار اربع ڏينهن بچاءُ بندن جي دوري دوران ڪيون. ڊي سي خيرپور چيو ته ڳڙهي پٺاڻ واري جڳهه ته پوليس پڪٽ قائم ڪئي ويندي جنهن ۾ پوليس، رينجرز ، روينيو ۽ آبپاشي کاتي جا عملدار هر وقت موجود هوندا. جڏهن ته مختلف بچاءُ بندن تي آبپاشي کاتي پاران هر ميل کانپوءِ هڪ لانڍي قائم ڪري اُتي آبپاشي کاتي جي بيلدارن ۽ پوليس جي عملدارن جي ڊيوٽي لڳائي ويندي. ان موقعي تي ڊي سي آبپاشي کاتي جي ايس.اِي ولي محمد نائچ کي ڏهن ڏينهن اندر زيرو پوائنٽ کان چار ميل تائين بچاءُ بند جو مرمتي ڪم پوري ڪرڻ ۽ بندن جي مرمتي ڪم ۾ رڪاوٽون پيدا ڪندڙ غير قانون حد دخلين کي هٽائڻ جو هدايتون جاري ڪيون

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button