خيرپور
-
ٺري ميرواهه تعلقي اندر برسات وڏي تباهي مچائي ڇڏي سوين ڪچا پڪا گهر ڊهي پٽ ٿي ويا
: مسلسل 6 ڏينهن کان جاري تيز برسات تعلقي ٺري ميرواهه اندر تباهي مچائي ڇڏي آهي ء هزارين ايڪڙن تي بيٺل وونئڻن جي فصل ۾ 6 کان 7 فٽ پاڻي بيٺل آهي جڏهن ته برسات سبب سوين ڪچا ء پڪا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن هزارين ماڻهون بي گهر ٿي ويا آهن ء وارياسي دڙن تي کلي آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل آهن جن جي انتظاميا ڪا به واهر نه ڪئي آهي تعلقي ٺري ميرواهه ۾ برسات ماڻهن کان عيد جون خوشيون به وساري ڇڏيون شهر جي مختلف پاڙن ميرس ڪالوني سومرا محلا ڳوٺ فوٽو خان دستي ، کبڙ جو ڳوٺ ، سڪندر آباد، ڪرم لاشاري ، مينگهو فقير شر، ڳوٺ رحيم خان جلباڻي ء بين ڳوٺن ۾ 5 کان 6 فٽ برسات جو پاڻي بيٺل آهي
وڌيڪ پڙھو -
برسات متاثر ضلعي جي ڪنهن به علائقي ۾ ايمرجنسي جي صورتحال ۾ رابطو ڪن
ضلعي ايڊمنسٽريٽر ڊي سي او خيرپور محمد عباس بلوچ پاران تازو برساتن جي حوالي سان ڊي سي او آفيس جي درٻار هال ۾ ايمرجنسي سينٽر قائم ڪيو ويو آهي جتي روينيو عملدارن جي ڊيوٽي لڳائي وئي ضلعي جي ڪنهن به علائقي ۾ ايمرجنسي جي صورتحال ۾ هنن نمبرن0243-9280198 ۽ 0243-9280222 تي رابطو ڪري مدد حاصل ڪري سگهجي ٿي. جڏهن اِي ڊي او روينيو خيرپور جي سربراهي ۾ هڪ ٽيم ٺاهي وئي آهي جيڪا ضلعي جي برسات متاثر علائقن جو معائنو ڪري امدادي ڪاروايون ڪندي.
وڌيڪ پڙھو -
پاڻي زندگي آهي, سنڌو تي ڪو به ڊيم نه ٺهندو: سيد قائم علي شاهه
سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته پاڻي زندگي آهي ۽ سنڌو تي ڪو به ڊيم نه ٺهندو جڏهن ته موجوده حڪومت سنڌو درياءَ جو حق ورتو آهي. هن چيوته موجوده حڪومت جي ڪوششن سان صوبي کي اين ايف سي ايوارڊ جي نتيجي ۾ 40 ارب روپين جو فائدو ٿيو آهي ۽ گذريل ٽن سالن ۾ جيڪو عوام جي لاءِ موجوده حڪومت ڪم ڪيو آهي ان جو مثال ملڪ جي پيپلز پارٽي جي دور کي ڇڏي ڪري گذريل ٽينهن سالن ۾ به ڪونه ٿو ملي. وڏي وزير چيو ته پيپلز پارٽي جو باني شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو طاقت جو سرچشمو عوام کي سمجهندو هو ۽ هاڻي به پارٽي عوامي طاقت ۽ قربانين جي نتيجي ۾ اقتدار حاصل ڪيو آهي هن چيو ته موجوده حڪومت صوبي ۾ 65 هزار کان وڌيڪ بيروگارن کي نوڪريون ڏنيون آهن، 20 هزار ماستر ڀرتي ڪري کين پڙهائڻ جي وڌيڪ تربيت پڻ ڏني وئي آهي. وڏي وزير اهڙو اظهار خيرپور ويجهو سٺيو واهه ڀرسان هڪ عوامي ميڙ کي هڪ تقريب ۾ خطاب ڪندي ڪيو.
وڌيڪ پڙھو -
هلندڙ سال ترقياتي ڪمن جو سال آهي : قائم علي شاهه
سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته موجوده حڪومت عوام جي ڀلائي لاءِ وڌ ۾ وڌ قدم کڻي رهي آهي جڏهن ته هلندڙ سال ترقياتي ڪمن جو سال آهي جنهن ۾ صوبي اندر ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇايو پيو وڃي. هن اهڙو اظهار جيلاني هائوس خيرپور ۽ سرڪٽ هائوس خيرپو تي مختلف ماڻهن سان عيد الفطر جون مبارڪون وصول ڪرڻ دوران ڪيو. هن چيو ته عوام جي معاشي ۽ سماجي ڀلائي لاءِ موجوده حڪومت وڌ ۾ وڌ ڪوششون وٺي رهي آهي جڏهن ته هزارين بيروزگارن کي سڌو سنئون روزگار ڏنو ويو آهي ۽ هزارين بيروزگارن کي معاوضي سان گڏ تربيت ڏئي روزگار لائق بڻايو آهي. جڏهن ته ان کان اڳ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جيلاني محلي ۾ واقع جيلاني مسجد ۾ عيد الفطر جي نماز ادا ڪئي
وڌيڪ پڙھو -
صحت ۽ تعليم جي ٻنهن شعبن ۾ ضلعي خيرپور اندر وڌ ۾ وڌ ڪم ڪيو پيو وڃي: ڊي سي او خيرپور
ڊي سي او خيرپور محمد عباس بلوچ سچل آڊيٽوريم ۾ پوليو جي بيماري کان بچاءُ جي آگاهي واري مهم جي حوالي سان صحت کاتي خيرپور پاران منعقد ڪرايل هڪ ڏينهن واري سيمينار ۾ خطاب ڪندي چيو ته پوليو جي موذي مرض کان بچڻ لاءِ بچاءُ جي اپائن کي وڌ ۾ وڌ هٿي ڏني پئي وڃي جنهن ۾ پوليو جي بيماري کان بچاءُ جا ڦُڙا ضلعي جي هر ڳوٺ ۾ پياريا پيا وڃن. هن چيو ته پوليو مهم۾ ضلعي جي صحت کاتي، پي پي ايڇ آءِ، صحت جي نيشنل پروگرام۽ عالمي ادارن جو وڏو ڪردار آهي پر انهن عملي کي وڌيڪ موثر ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته صحت ۽ تعليم جي ٻنهن شعبن ۾ ضلعي خيرپور اندر وڌ ۾ وڌ ڪم ڪيو پيو وڃي جڏهن ته عوام جي اعتماد کي بحال ڪرڻ لاءِ سرڪاري اسڪولن ۽ سرڪاري اسپتالن ۾ ڪارڪردگي وڌيڪ بهتر بڻايو پيو وڃي.
وڌيڪ پڙھو -
تازو ٿيل برساتن سبب جانورن جي پالنا واري کاتي پاران ڇهن متاثر ٿيل ضلعن ۾ جانورن جي علاج واسطي طبي مرڪز قائم
ڊائريڪٽر اينيمل هسبنڊري سنڌ حيدرآباد طرفان پڌرو ڪيو ويو آهي ته تازو ٿيل برساتن سبب جانورن جي پالنا واري کاتي پاران ڇهن متاثر ٿيل ضلعن جن ۾ بدين، ٽنڊو محمد خان، ميرپور خاص، عمر ڪوٽ، ٿرپارڪر ۽ ٽنڊو الهيار شامل آهن انهن ۾ جانورن جي علاج ۽ جانورن کي بيمارين جي بچاءُ جا ٽڪا لڳرائڻ واسطي مختلف ضلعن ۾ 57 طبي مرڪز قائم ڪيا ويا آهن. انهيءَ سلسلي ۾ مالدار ڀائرن کي گذارش ٿي ڪجي ته قائم ڪيل اهڙن مرڪزن تي عملي سان لهه وچڙ ۾ اچي پنهنجن جانورن کي وچڙندڙ بيمارين جي بچاءَ جا ٽڪا لڳرائين ۽ ڪنهن به بيماري جي صورت ۾ يڪدم ويجھي مرڪز يا ضلعي آفيس کي اطلاع ڪري پنهجن جانورن جو علاج ڪرائين.
وڌيڪ پڙھو -
حڪومت ڪراچي جي حالتن ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي: محمد علي شر
مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن فنڪشنل ليگ ضلعه خيرپور جي جنرل سيڪريٽري محمد علي شر پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته حڪومت ڪراچي جي حالتن ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي ء ڪراچي ۾ عام شهرين سنڌين کي قتل ڪري لاش ٻورين ۾ وجهي روڊن تي اڇلايا پيا وڃن حڪمران صرف خزانو لٽڻ ۾ مصروف آهن هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ سنڌي ماڻهن کي ڳولي ڳولي ماريو پيو وڃي هن وڌيڪ چيو ته حڪومت برسات متاثرن جي مدد ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي هزارين ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه ٿي ويا آهن
وڌيڪ پڙھو -
ڪنائي ڍنڍ ويجهو ڳوٺ فقير محمد جتوئي ۾ هڪ ڏينهن لاءِ مفت طبي ڪئمپ لڳائي وئي
: سماجي تنظيم سيو دي لائيف ويلفيئر آرگنائيزيشن پاران گمبٽ تعلقي جي ڪنائي ڍنڍ ويجهو ڳوٺ فقير محمد جتوئي ۾ هڪ ڏينهن لاءِ مفت طبي ڪئمپ لڳائي وئي جنهن ۾ مختلف بيمارين جي ماهر ڊاڪٽرن علائقي واسين کي مفت طبي چڪاس ۽ مفت طبي مشورا ڏنا ويا جڏهن ته ڪئمپ ۾ مريضن کي سماجي تنظيم پاران مفت دوائون پڻ ڏنيون ويون. مفت طبي ڪئپم جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي تنظيم جي ايگزيڪيٽوِ ڊائريڪٽر غلام حسين جوڻيجو خطاب ڪندي چيو ته ملڪ توڙي صوبي اندر سماجي تنظيمون انسان ذات جي وڌ ۾ وڌ خدمت ڪري رهيون آهن جنهن ۾ سيو دي لائيف پڻ علائقي واسين جي لاءِ تعليم توڙي صحت جي شعبن ۾ ڏينهن رات خدمت ڪري رهي آهي. هن چيو ته سيو دي لائيف تنظيم جو مقصد علائقي واسين جي زندگي جي معيار کي بهتر بڻائڻ ۽ کين زندگي جون بنيادي ضرورتن جي پورائي ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون وٺڻ آهي.
وڌيڪ پڙھو -
سڙيل بجلي جا ٽرانسفارمر تبديل نه ڪري ڏيڻ ء هٿرادو لوڊشيڊنگ خلاف اڄ شهر ٺري ميرواهه ۾ مڪمل شٽر بند هڙتال
: شهر ٺري ميرواه جي پنج کان وڌيڪ سڙيل بجلي جا ٽرانسفارمر تبديل نه ڪري ڏيڻ ء هٿرادو لوڊشيڊنگ خلاف اڄ شهر ٺري ميرواهه ۾ مڪمل شٽر بند هڙتال ڪئي وئي ء ٺري سکر روڊ تي پراڻي ناڪي وٽ سوين شهرين ڌرڻو هڻي ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ 5 پنج ڪلاڪ بند ڪري ڇڏيوآهي جنهن سبب ٻنهي پاسن کان ايندڙ ٽريفڪ بند ٿي وئي ء واپڊا جي ايس ڊي او خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي وئي مزاهرين مطالبو ڪيو ته سڙيل ٽرانسفارمر تبديل ڪري بجلي بحال ڪري ڏني وڃي
وڌيڪ پڙھو -
ٺري ميرواھ ۾ نينگري قتل
ٺري ميرواھ ڀرسان ڳوٺ اسمائل لغاري ۾ جوابدار سھيل لغاري بندوق جا فائر ڪري 16 سالن جي نينگري انيلا لغاري ڌيءُ امير لغاري کي قتل ڪري ڇڏيو.
وڌيڪ پڙھو