خيرپور
-
خيرپور هيريٽيج ويلفيئر طرفان ٺري ميرواھ ۾ ھڪ روزه مفت طبي ڪيمپ لڳائي ويئي
خيرپور هيريٽيج ويلفيئر اين جي اوز ۽ خيرپور سنڌ برادري جي طرفان ميرواه تعلقي جي يوسي صبڙ رند جي ڳوٺ ظفر علي شر ۾ هڪ روزه فري ميڊيڪل ڪيئمپ لڳائي وئي جنهن ۾ سنڌ جي مشهور ڊاڪٽرن ۽ ليڊي ڊاڪٽرياڻين شرڪت ڪئي برسات متاثرين 800 کان وڌيڪ مريضن ڳوٺاڻن کي مفت دوائون ۽ مشهورا پڻ ڏنا ويا واضع رهي ت هي فري ميڊ يڪل ڪيئمپ خيرپور رياست جي والي مير مهدي رضا جي سهڪار سان لڳائي وئي سوين برسات متاثرين ۾ مفت دوائون مهيا ڪرڻ منهجي ذميواري ۾ شامل آهي عوام جي ڀلائي لاءَ قدم کنيا ويندا ۽ هر وقت عوام جي خدمت ڪرڻ کي عبادت سمجهان ٿو
وڌيڪ پڙھو -
اخبارن ساڙڻ خلاف صحافين جو مظاھرو
) نا معلوم شرپسند پاران ٺري ميرواه ايندڙ سنڌي اخبارن بنڊلن کي باه ڏئي ساڙي ڇڏيو اهڙي واقئي خلاف ٺري ميرواه جي صحافين پاران مظاهرو ڪري ٺري ميرواه ٿاڻي جي آڏو ڌرڻو هنيو ۽ سنڌي اخبارون ساڙيندڙ جوبدارن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو
وڌيڪ پڙھو -
استادن جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان خيرپور ۾ ھڪ سيمينار ٿي گذريو
استادن جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان خميس ڏينهن خيرپور ۾ سنڌ ڊوالپمينٽ سوسائٽي، سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن ۽ يونيسڪو جي تعاون سان هڪ سيمنار منعقد ڪيو ويو. جنهن کي سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي اڳواڻ اياز ميمڻ ۽ ڪميونٽي ٽريننگ سينٽر جي استادن غفار ملڪ ۽ اسما بيبي استادن جي محنت ۽ جدوجهد کي سلام پيش ڪندي چيو ته شاگرد قوم جا معمار آهن جيڪي معاشري ۾ انتها پسندي، عدم برداشت ۽ جهالت کي ختم ڪرڻ کان علاوه امن جي پيغام کي هٿي ڏيڻ توڙي ملڪي سلامتي کي مستحڪ ڪرڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن. هنن چيو ته استاد جي عزت هڪ مقدس فرض آهي ان موقعي تي هنن ٽيچرس کان واعدو ورتو ته هو پنهنجي شاگردن کي پنهنجو اسڪولن ۾ وڃي انهي محنت ۽ لگن سان پڙهائين ۽ پنهنجي استاد هئڻ جو فرض چڱي نموني سرانجام ڏين.
وڌيڪ پڙھو -
خيرپور پوليس گذريل مھيني 27 ڌاڙيل، 368 روپوش، 10 اشتهاري ڏوهاري گرفتار ڪيا: ايس ايس پي
ايس ايس پي خيرپور عرفان بلوچ سيپٽمبر مهيني 2011 جي ڪارڪردگي رپورٽ جاري ڪندي ڄاڻايو آهي ته گذريل مهيني دوران پوليس مختلف ڪارروايون ڪندي 27 ڌاڙيل، 368 روپوش، 10 اشتهاري ڏوهاري گرفتار ڪيا آهن جڏهن ته ٻه ڌاڙيل پوليس مقابلي ۾ مارجي ويا. ڪارڪردگي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ضلعي پوليس خيرپور ضلعي جي مختلف علائقن ۾ ڏوهارين خلاف ڪارروايون ڪندي 02 ڪلاشنڪووز، 12 عدد بندوقون، 22 عدد پسٽل، هڪ عدد رائيفل، 04 عدد ريوالور، 04 ڪيربين، 35 ڪارتوس ۽ 82 گولين جا رائونڊ پڻ هٿ ڪيا ويا آهن. جڏهن ته اهڙي طرح ضلعي پوليس ٻيون ڪارروايون ڪندي 9 ڪلو 960 گرام چرس، 9 ڪلو 500گرام ڀنگ، 155 گرام هيروئين ۽ 6 عدد شراب جون بوتلون پڻ هٿ ڪيون آهن.
وڌيڪ پڙھو -
شڪارپور پوليس جو ميڊيڪل اسٽور تي ڇاپو، دوائن جي آڙ ۾ شراب جو وڪرو
شڪارپور شهر جي مشهور علائقي صدر بازار ۾ ميڊيڪل اسٽور تي ڇاپو ، اعلي درجي جون 30 بوتلون برآمد ، تفصيل موجب صدر بازار ۾ قائم عباس ميڊيڪل اسٽور جيڪو روني ڪمار عرف سنجي بابا هلائيندو آهي پوليس کي خفيه اطلاع مليو ته روني ڪمار پنهنجي ميڊيڪل اسٽور تي شراب وڪڻي رهيو آهي اهڙي اطلاع تي ايس ايڇ او نيو فوجداري نور محمد جگرو ڇاپو هڻي شراب جي بوتلن سميت ملزم کي سڳ سوڌو گرفتار ڪري ورتو جنهن تي ملزم روني ڪمار ايس ايڇ او نور محمد کي ڌهمڪيون پڻ ڏنيو ته مون جي پهچ مٿي تائين آهي توهان کي مان ڊسمس ڪرائيندس
وڌيڪ پڙھو -
برسات جي ٻن مھينن باوجود به ٺري ميرواھ ۾ پاڻي نيڪال نه ٿيو
ٺري ميرواه تعلقي ۾برساتي تباهي پاڻي 2 مهينا گڊرڻ باوجود نيڪال نه ٿيو انيڪ بيمارن سبب 15 ماڻهو فوت ٿي چڪا تعلقي جي يوسيز ٺري ، هنڊياري،صبڙ رند اڃا تائين پاڻي جي گهيري هيٺ ڳوٺ ظفر علي شر ،زوار حسين ، سجاول فقير موٿر، ڍ يڍاڻو ۽ بين علائقن ۾ 3 کان 4 فوٽ پاڻي بيٺل پاڻي بيهڻ ڪري انيڪ بيماريو پکرجي ويو بيمارين سبب 15 ماڻهون فوت ٿي چڪا تعلقي ا ختيارين ڪو ب تحرڪ ن ورتوٺري ميرواه تعلقي جي مختلف علائقن بوزدار وڏا ،ظفر علي شر ،رسول پور ،هنڊياري ،عبدالغني شر، صبڙ رند ملان بانڀن،لياقت چنو ،کرڙي ،فقير سجاول ،جواڻ شر ۽ ٻين ڪيترن ئي ڳوٺن مان 2 مهينا گذرڻ باوجود برساتي پاڻي نيڪال ن ٿي سگھيو
وڌيڪ پڙھو -
خيرپور ۾ برسات جي ڪري 9 لک 66 ھزار ماڻھو متاثر
خيرپور ضلعي اندر برسات سبب ٿيل نقصان جا انگ اکر مختلف ذريعن وٽان هن ريت مليا آهن خيرپور ضلعي ۾ برسات سبب 9 لک 66 هزار ماڻهو متاثر ۽3 لک 25 هزار ايڪڙ فصل تباه ٿي چڪو ٺري ميرواه،فيض گنج۽نارو تعلقا سخت متاثر ٿيا 4 لک 35 هزار ايڪڙ زمين متاثر ،50 هزار کان وڌ يڪ گهرن کي نقصان پهتو 300 کان وڌ يڪ اسڪولي عمارتن کي نقصان پهتو600 ڪلوميٽرن تائين روڊن کي پڻ نقصان پهتو سڄي ضلعي ۾10 لک کان وڌ يڪ ماڻهون متاثر ٿيا آهن 4 لک 25 هزارکان ايڪڙن زمين متاثر ٿئي آهي ۽ 3 لک ايڪڙن کان وڌ يڪ بيٺل فصل تباه ٿيو آهي جڏهن ت 50 هزار کان وڌ يڪ گهر مڪمل طور تباه ٿيا آهن ساڳي طرح 300 کان وڌ يڪ سرڪاري اسڪولي عمارتون پڻ تباه ٿيون آهن
وڌيڪ پڙھو -
خيرپور ءِ ڀرپاسي ۾ پاس ڪم ڪندڙ انڊسٽريز ، سرندي وارن ماڻهن ۽ تيل ۽ گئس ڪمپنين کي پروفيسر ڊاڪٽر مجيب صحرائي جي اپيل
مهراڻ يونيورسٽي ڪاليج آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي خيرپور جي پرنسپال پروفيسر ڊاڪٽر مجيب صحرائي چيو آهي ته،خيرپور ۽ ان جي آس پاس ڪم ڪندڙ انڊسٽريز ، سرندي وارن ماڻهن ۽ تيل ۽ گئس ڪمپنين جي انتظاميا کي اپيل ٿو ڪريان ته اهي مهراڻ انجنيئرنگ ڪاليج ۾ پڙهندڙ ذهين شاگردن ۽ شاگردياڻين جي مدد ۽ همت افزائي لاءِ انڊومينٽ اسڪالر شپس ۾ حصو وٺن .اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪاليج ۾ ذهين شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ يونيورسٽي ايوارڊ اسڪالرشپ جا چيڪ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. پرنسپال پروفيسر ڊاڪٽر مجيب صحرائي چيو ته مونکي اميد آهي ته، جيڪي شاگرد هي اسڪالر شپ حاصل نه ڪري سگهيا آهن، اهي به محنت ڪري امتحان ۾ وڌيڪ مارڪون کڻي، اسڪالر شپ حاصل ڪندا
وڌيڪ پڙھو -
پاڻي ۾ ٻڏل علائقن مان پاڻي ترجيحي بنيادن تي جلد کان جلد پاڻي جي نيڪال ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي: قائم علي شاھ
سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کي ڊي سي او خيرپور محمد عباس بلوچ پنهنجي دفتر جي ڪميٽي روم ۾ تازين برساتن سبب خيرپور ضلعي ۾ نقصانن متعلق تفصيلي بريفنگ ڏيندي وڏي وزير کي ٻڌايو ته خيرپور ضلعي ۾ تعلقه فيض گنج، تعلقه ٺري مير واهه ۽ تعلقو نارو بري طرح متاثر ٿيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته ضلعي جي سڀني تعلقن ۾ ڪل 9 لک 27 هزار 953 ماڻهو متاثر ٿيا آهن. 3 لک 88 هزار 638 ايڪڙ زمين متاثر ٿي آهي. 2 لک 74 هزار 233 ايڪڙ زمين تي بيٺل فصل تباهه ٿيا آهن. جڏهن ته 34 هزار 676 گهرن کي مڪمل طور نقصان پهتو آهي. ۽ 35 هزار 613 گهرن کي برسات سبب جزوي نقصان پهتو آهي. ساڳئ طرح 276 سرڪاري اسڪولن جي عمارتن کي نقصان پهتو ۽ ڪل 511 ڪلو ميٽر روڊ پڻ نقصان هيٺ آيا. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ضلعي جي سڀني تعلقن ۾ ڪل 133 پاڻي نيڪال ڪرڻ جون مشينون لڳايون ويون آهن.
وڌيڪ پڙھو -
صوبائي گهرو وزير منظور حُسين وساڻ ڊي سي او هائوس خيرپور ۾ برسات جي صورتحال جي ڄاڻ ورتي
:صوبائي گهرو وزير منظور حُسين وساڻ ڊي سي او هائوس خيرپور ۾ ضلعي جي مختلف کاتن جي عملدارن سان گڏجاڻي ڪئي. ان موقعي تي ڊي سي او خيرپور محمد عباس بلوچ صوبائي گهرو وزير منظور حُسين وساڻ کي ضلعي اندر تازو برسات جي صورتحال جي حوالي سان جامعي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي ڊي سي او بريفنگ دوران گهرو وزير کي ٻُڌايو ته ضلعي اندر ٽي تعلقا فيض گنج، ٺري ميرواهه ۽ نارا وڌ ۾ وڌ متاثر ٿيا آهن جڏهن ته هزارين ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه ٿيا آهن. ڊي سي او بريفنگ ڏيندي کيس ٻُڌايو ته برسات متاثر جي رليف ۽ بحالي واري ڪم ۾ ضلعي حڪومت، پاڪستان آرمي سان گڏجي ضلعي جي برسات متاثر علائقن جي ڳوٺن مان پاڻي جي نيڪال جو بندوبست ڪيو جنهن ۾ ڪيترن ئي ڳوٺن مان برسات جو پاڻي ڪڍيو ويو. ڊي سي او وڌيڪ ٻُڌايو ته بحالي واري ڪم ۾ مختلف اين جي اوز جي تعاون سان ڪيترن ئي برسات متاثر ڳوٺن ۾ کاڌي پيتي جو سامان ورهايو پيو وڃي
وڌيڪ پڙھو