خيرپور
-
مختيار ڪار جي مبيعنه زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو
سنڌ تپيدار ايسوسيئشن ضلع خيرپور پاران ڪنگري تعلقه جي مختيار ڪار جي مبيعنه زيادتين خلاف ضلعي جي صدر الله ورايو شر ۽ بين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو هنن احتجاج ڪندي ميديا کي بڌايو ته ڪنگري جو مختيارڪار تپيدارن کي بلا جواز تنگ ڪري رهيو آهي انهي سلسلي ۾ تپيدارن رابطا مهم ۾ اڄ 22/1/12 تي ٺري ميرواه ۾ هڪ اهم گڏجاڻي ڪئي وئي جنهن بعد هڪ احتجاجي مظاهرو پڻ ڪيو ويو ضلعي تپيدار ايسوسيئشن ضلع خيرپور جي صدر تپيدار الله ورايو شر انڊس نيوز سان ڳالهائيندي بڌايو ته هڪ مهيني کان هلندڙ قلم ڇڏ ۽ وصولي جو بائيڪاٽ سڄي ضلعي ۾ جاري آهي سنڌ تپيدار ايسوسيئشن ضلع خيرپور جي صدر وڌيڪ بڌايو ته سڀاڻي سيشن ڪورٽ خيرپور اڳيان بک هڙتال سميت مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج جاري رهندو
وڌيڪ پڙھو -
خيرپور آرٽس ڪائونسل جي گورننگ باڊي جو اجلاس 16 جنوري تي سومر ڏينهن ٿيندو
خيرپور آرٽس ڪائونسل جي سيڪريٽري لعل بخش منگي ڄاڻايو آهي ته خيرپور آرٽس ڪائونسل جي گورننگ باڊي جو اجلاس 16 جنوري تي بروز سومر ڏينهن صبح جو يارهين وڳين سچل يادگار ڪاميٽي هال خيرپور ۾ ڊپٽي ڪمشنر خيرپور محمد عباس بلوچ جي صدارت ۾ ٿيندو جڏهن ته گڏجاڻي ۾ آرٽس ڪائونسل جي گذريل گڏجاڻي ۾ ڪيل فيصلن جي منظوري سان گڏو گڏ آرٽس ڪائونسل جي مستقبل جي پلان ۽ ٻين پهلوئن تي گورننگ باڊي جي ميمبرن سان صلاح ۽ مشورا ڪيا ويندا.
وڌيڪ پڙھو -
پير پاڳارو هڪ عظيم شخصيت هو ۽ پنهنجي دور جو مثالي ڪردار هو: قائم علي شاھ
سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه اڄ پير ڳوٺ ۾ حُرن جي روحاني پيشوا پير شاهه مردان شاهه پير پاڳاري جي وفات تي سندس پُٽ نئين گادي نشين پير سيد صغبت الله شاهه راشدي سان سندس رهائشگاهه تي تعزيت ڪئي. وڏي وزير مرحوم جي ايثال ثواب لاءِ فاتح پڙهي ۽ دُعا مغفرت گهُري بعد ۾ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيوته پير پاڳارو هڪ عظيم شخصيت هو ۽ پنهنجي دور جو مثالي ڪردار هو. جڏهن ته سندس شخصيت حليم، پيار ۽ محبت ڪرڻ واري هئي ۽ ان ڪنهن سان به زيادتي نه ڪئي. سندس سياسي زندگي به پڻ مثالي هئي، سندس ملڪي ۽ سنڌ جي سياست ۾ وڏو ڪردار هو. هن چيو ته پير پاڳارو مُلڪ جي وڏن عُهدن جي خواهش نه ڪئي. ان کان اڳ ۾ وزير اعظم سيد يوسف رضا گيلاني، سنڌ جي وڏي سيد قائم علي شاهه، وفاقي وزيرن ۽ صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، ايم اين ايز، ايم پي ايز، مختلف سياسي پارٽين جا اڳواڻ، سماجي شخصيتون ۽ مُريدن ۽ عقيدتمندن جي وڏي انگ پير شاهه مردان شاهه جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي.
وڌيڪ پڙھو -
خيرپوراندر هلندڙ تمام سي اين جي تي هلندڙ وينن جا گيس سيلنڊر وينن جي ڇِت تي منتقل ڪيا ويندا: ڊپٽي ڪمشنر
ڊپٽي ڪمشنر خيرپور محمد عباس بلوچ جي صدارت ۾ ڊي سي آفيس خيرپور ۾ ٽرانسپورٽرس هڪ گڏجاڻي ٿي گُذري جنهن ۾ تازو سيٺارجه ۾ سي اين جي وين جي حادثي جي حوالي سان غور و فڪر ڪيو ويو. ان موقعي تي گڏجاڻي ۾ ڊي سي چيو ته تازو سيٺارجه ويجهو سي اين جي وين اندڙ ٿيل خطرناڪ ڌماڪي جي ڪري انساني جانيون ضايع ٿيڻ تي جيترو افسوس ڪجي اوترو گهٽ آهي جڏهن ته مستقبل ۾ اهڙن دردناڪ حادثن کي روڪڻ لاءِ ريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽي، ٽرئفڪ پوليس ۽ ٽرانسپورٽرس کي پنهنجو موثر ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن وڌيڪ ٻُڌايو ته تازو واقعي اندر فوت ٿيلن جي معاوضي لاءِ تفصيلي رپورٽ سنڌ حڪومت ڏانهن موڪلي ويندي جڏهن ته زخمين کي مفت علاج لاءِ ضلعي انتظاميه پاران صحت کاتي کي حُڪم جاري ڪيا ويا آهن جڏهن ته کين مفت علاج کانسواءِ سائتا لاءِ ڏهه ڏهه هزار روپيه پڻ ڏنا ويا آهن.
وڌيڪ پڙھو -
سيٺارجا ۾ ويگن جو گئس سلينڊر ڦاٽڻ سبب 12 مسافر سڙي فوت
ھنڱورجا کان ٺري ميرواھ ويندڙ ويگن جو روھڙي بيراج وٽ گئس سلينڊر ڦاٽڻ 12 مسافر سڙي فوت. تفصيلي خبر موجب ويگن ۾ 25 ماڻھو سوار ھئا. گئس سلينڊر ڦاٽڻ سبب ڌماڪو ٿيو. زخمين کي ھنڱورجا ۽ سيٺارجا جي اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو. وزير اعليٰ ءِ ڊي سي او واقعي جو نوٽيس ڇڏيو. اڪثر فوت ٿيلن جو تعلق سيٺارجا جي بيگو محلي سان آھي ۽ اڪثر فوتي اسلام ڪاٽن فيڪٽري ۾ مزدور ھئا.
وڌيڪ پڙھو -
خيروپور ھڪ مھيني 52 ڌاڙيل، 260 روپوش ۽ 34 اشتهاري ڏوهاري گرفتار ڪيا آهن: ايس ايس پي خيرپور
ايس ايس پي خيرپور عرفان بلوچ آڪٽوبر مهيني 2011 جي ڪارڪردگي رپورٽ جاري ڪندي ڄاڻايو آهي ته گذريل مهيني دوران پوليس مختلف ڪارروايون ڪندي 52 ڌاڙيل، 260 روپوش ۽ 34 اشتهاري ڏوهاري گرفتار ڪيا آهن جڏهن ته رپورٽ مطابق گذريل مهيني دوران ٻه ڌاڙيل پوليس مقابلي ۾ مارجي ويا. ڪارڪردگي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ضلعي پوليس خيرپور ضلعي جي مختلف علائقن ۾ ڏوهارين خلاف ڪارروايون ڪندي 10 ڪلاشنڪووز، 17 عدد بندوقون، 15 عدد پسٽل، 04 عدد رائيفل، 03 عدد ريوالور، 156 ڪارتوس ۽ 835 گولين جا رائونڊ پڻ هٿ ڪيا ويا آهن.
وڌيڪ پڙھو -
خيرپور ۾ 25 ايڪڙ تائين زرعي زمين رکندڙ آبادگارن کي مفت ٻج ۽ زرعي ڀاڻ پڻ ڏنو ويندو: ڊي سي خيرپور
ڊپٽي ڪمشنر خيرپور محمد عباس بلوچ پنهنجي آفيس ۾ ضلعي آبادگار ڪاميٽي جي گڏجاڻي جي صدارت ڪئي جنهن ۾ ڊي سي خيرپور ٻُڌايو ته ضلعي جي برسات متاثر علائقن جي آبادگارن کي زرعي سهولتن جي فراهمي لاءِ ڪوششون ورتيون پيون وڃن جنهن ۾ 25 ايڪڙ تائين زرعي زمين رکندڙ آبادگارن کي مفت ٻج ۽ زرعي ڀاڻ پڻ ڏنو ويندو. گڏجاڻي ۾ ڊي سي خيرپور وڌيڪ چيو ته زرعي ٻج ۽ زرعي ڀاڻ جي زخيرا اندوزي ڪندڙ دوڪاندارن خلاف سخت قدم کنيا ويندا جڏهن ته ڊي سي محمد عباس بلوچ لڳاپيل تعلقي اسسٽنٽ ڪمشنرس، اي ڊي او ايگريڪلچر ۽ زراعت کاتي جي ٻين آفيسرن کي زخيره اندوزي ڪندڙن دوڪاندارن تي اوچتو ڇاپا هڻي ۽ سندن خلاف سخت ڪاروائي ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون.
وڌيڪ پڙھو -
راندين جي صوبائي صلاحڪار حليم عادل شيخ ناز پائليٽ سيڪنڊري اسڪول ۾ تعمير ٿيندڙ ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جو دورو ڪيو
راندين جي صوبائي صلاحڪار حليم عادل شيخ ناز پائليٽ سيڪنڊري اسڪول اندر 5 ڪروڙ 9 لک روپين جي لاڳت سان تعمير ٿيندڙ ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جو دورو ڪيو. ان موقعي تي صوبائي صلاحڪار ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته رانديون صحت مند معاشري جي لاءِ ضروري آهن ۽ راندين جا ميدان آباد هوندا ته اسپتالن ۽ جيل ويران هوندا. هن چيو ته نوجوانن کي راندين جي صحت مند سرگرمين ۾ مشغول رکڻ لاءِ موجوده حڪومت صوبي اندر مختلف ضلعن اندر راندين جا گرائونڊ ۽ اسٽيڊيم جوڙائي رهي آهن جنهن سان راندين جي سرگرمين کي هٿي ملندي. هن هڪ سوال جو جواب ڏيندي چيو ته پاڪستان جي ڪرڪيٽرن کي پنهنجي ڪيل گناهه جي سزا ضرور ملڻ گهرجي پر پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) کي پنهنجو اهڙو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ها
وڌيڪ پڙھو -
ايسوسيئيشن آف پاڪستاني فزيشن آف نارٿ آمريڪا ڪوٽ ڏجي ۾ برسات متاثرن لاءِ هڪ ڏينهن جي لاءِ مفت طبي ڪئمپ لڳائي وئي
ايسوسيئيشن آف پاڪستاني فزيشن آف نارٿ آمريڪا (اپنا) پاران ڪوٽ ڏجي ۾ برسات متاثرن لاءِ هڪ ڏينهن جي لاءِ مفت طبي ڪئمپ لڳائي وئي جنهن ۾ آمريڪا جيJFK ميڊيڪل يونيورسٽي جي پين مئنيجمينٽ شعبي جي پروگرام ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر اقبال حُسين جعفري (ايم ڊي) جي اڳواڻي ۾ ٻين ماهر ڊاڪٽرن جي ٽيم ميڊيڪل ڪئمپ ۾ ٻن هزار کان وڌيڪ مختلف برسات متاثر مريضن جو مفت طبي معائنو ڪيو ۽ مفت دوائون پڻ ڏنيون ويون. ان موقعي تي پُروفيسر ڊاڪٽر اقبال حُسين جعفري ٻُڌايو ته اپنا پاران صوبي اندر مختلف ضلعن ۾ برسات متاثر ماڻهن جي لاءِ مفت طبي ڪئمپون لڳايون ويون آهن هن ٻُڌايو ته 6 آڪٽوبر تي بدين، 31 آڪٽوبر تي ٺري ميرواهه، پهرين نومبر تي رورل هيلٿ سينٽر پڪاچانگ تعلقه فيض گنج ۾ طبي ڪئپمون لڳايون ويون
وڌيڪ پڙھو -
پ پ جي حڪومت ھوندي به پراڻن ڪارڪنن کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي، ڳوٺاڻڻ جو پاڻ ساڙڻ جو چتاءُ
ٺري ميرواهه پريس ڪلب اڳيان ڳوٺاڻن جو احتجاجي ڌرڻو مظاهرو ڳوٺ ظفر علي شر جي ڳوٺاڻن ۽ جهونن پ پ ڪارڪنن بنيادي سهولتون نه هجڻ خلاف احتجاج ڪيو . ٺري ميرواهه لڳ يونين ڪائونسل صبڙ رند جي ڳوٺ ظفر علي شر جي ڳوٺاڻن ۽ جهونن پ پ ڪارڪن، معصوم ٻارڙن بنيادي سهولتون نه هئڻ خلاف مظاهرا ڪيا. پ پ قيادت پاران نظر انداز ڪرڻ بنيادي سهوليون روڊ، اسڪول، ڊسپنسري وغيره نه هئڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو،ان موقعي تي ڳوٺ جي نيڪ مردن غلام قادر شر، جمشيد احمد شر، سليم رضا شر ، ممتاز علي شر، سڪندر علي شر ۽ غلام علي شر ۽ ٻين دانهيندي ٻڌايو ته اسان هر آمريت ۽ جمهوريت جي دئورن ۾ پارٽي لاءِ قربانيون ڏنيو ۽ جيل ڀوڳيا مخالفن جو سختيون برداش ڪيو، هن وقت پنهنجي پارٽي جي حڪومت هوندي به ڪارڪنن ۽ ڳوٺ کي مڪمل طور تي نظر انداز ڪيو پيو وڃي
وڌيڪ پڙھو