خيرپور
-
خيرپور : حضرت سچل سرمست رح جي 193 هين عُرس جي موقعي تي سچل سرمست يادگارڪاميٽي پاران ايوارڊ ڏناويندا
حضرت سچل سرمست رح جي 193 هين عُرس جي موقعي تي سچل سرمست يادگارڪاميٽي پاران مختلف صنفن تي مختلف اديب، شاعر، سگهڙ ، ملهه پهلوان، گلوڪار، صوفي راڳي، ڪارڪن ۽ لائيف ٽائيم اچيومينٽ ۽ ٻيا سچل ايوارڊ ڏنا ويندا
وڌيڪ پڙھو -
رسول آباد واقعو: جوابدار اڃان تائين گرفتار ٿي نه سگهيا،عورتن سان وڏو ناحق ٿيو، ماروي ميمڻ
رسول آباد سانحي جا جوابدار اڃان تائين گرفتار ٿي نه سگهيا، ايس ايس پي خيرپور پاران جوابدارن جي گرفتاري لاءِ جوڙيل ٽيم به پلجي وئي، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس ڪٿي به ڪاروائي نه ڪئي فريادي کي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪيون ، مٿي سطح تي ڪنهن به نوٽيس نه ورتو
وڌيڪ پڙھو -
رسول آباد واقعو: ايف آءِ آر باجود جوابدار گرفتار نه ٿيا، جوابدار ڌمڪيون پيا ڏين، بابو ميمڻ
رسول آباد ۾ 4 عورتن سان ٿيل ناحق واري ايف آءِ آر بابو ميمڻ جي فرياد تي چار سڃاتل ۽ 3 اڻ سڃاتل جوابدارن جي خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت داخل ڪرڻ باوجود پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪرڻ جو قسم کڻي ڇڏيو جو هن وقت تائين پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ انهن جي درن تي به نه وئي آهي.
وڌيڪ پڙھو -
هنڱورجا: شاعر حضرت سچل سرمست جو 193 هون عرس مبارڪ سڀاڻي کان درازا شريف ۾ شروع ٿي رهيو آھي
گهنڊ کول ديدار وکائو آيا مخ ويکڻ ! سنڌ جي صوفي بزرگ ، هفت زبان شاعر حضرت سچل سرمست جو 193 هون عرس مبارڪ سڀاڻي کان درازا شريف ۾ شروع ٿي رهيو آهي ميلي جي تقريبات جو افتتاح وزيراعلي سنڌ سيد قائم علي شاه درازا پهچي حضرت سچل سرمست جي مزار تي چادر چاڙهي ڪندو .
وڌيڪ پڙھو -
وومين ايڪشن فورم ۽ عورت فائونڊيشن جي وفد روبينا چانڊيو جي اڳواڻي ۾ متاثر خاندان سان ملاقات ڪئي
رسول آباد ۾ پريل ميمڻ جي گهر ۾ گهڙي ڦرلٽ ڪرڻ بعد چئن عورتن سان جنسي ڏاڍائي واري واقعي بابت ڄاڻ وٺڻ لاءِ وومين ايڪشن فورم، عورت فائونڊيشن ۽ پرڀات وومينز ڊولپمنٽ سوسائٽي جي ٽيم روبينا چانڊيو، مراد پندراڻي، جمال ڪالادي ۽ صائمه بلوچ جي اڳواڻي ۾ متاثر ٿيل خاندان سان ملاقات ڪئي
وڌيڪ پڙھو -
رسول آباد واقعو: ڏوهاري پوليس کان ڏاڍا ٿي ويا، قانون اڃان تائين چرپر ۾ نه آيو، ڪيس داخل
رسول آباد ۾ هوٽل مالڪ بابو ميمڻ جي گهر ۾ لڳل ڌاڙي ۽ 4 عورتن سان اجتماعي لڄالٽ واري سانحي ۾ ملوث ڏوهاري پوليس کان ڏاڍا ٿي ويا، قانون اڃان تائين چرپر ۾ نه آيو متاثرين کي قتل جي ڌمڪين جو سلسلو به جاري
وڌيڪ پڙھو -
رسول آباد واقعو: لڄالٽ واري واقعي ۾ ملوث وحشي درندا قانون جي پڪڙ ۾ اچي نه سگهيا
رسول آباد ۾ هوٽل مالڪ جي گهر ۾ لڳل ڌاڙي ۽ 3 ڀينرن سميت 4 عورتن سان اجتماعي لڄالٽ واري واقعي ۾ ملوث وحشي درندا قانون جي پڪڙ ۾ اچي نه سگهيا، پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ کان لنوائڻ لڳي، رسول آباد شهر ۾ پنجين ڏهاڙي مڪمل شٽربند هڙتال ڪاروبار بند رهيو.
وڌيڪ پڙھو -
رسول آباد واقعو: متاثر عورتن پاران انصاف نه ٿيڻ جي صورت ۾ پاڻ ساڙڻ جو چتاءُ
رسول آباد ۾ 3 ڀينرن سميت 4 عورتن سان هٿياربندن پاران لڄالٽ ڪرڻ ۽ پريل ميمڻ جي گهر ۾ لڳل ڌاڙي جا جوابدار اڃان تائين قانون جي گرفت کان آجا ، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي چوٿين ڏهاڙي به رسول آباد شهر جو ڪاروبار نه کليو
وڌيڪ پڙھو -
هنڱورجا: ڳوٺاڻن جو سئي سدرن گئس ڪمپني راڻيپور جي انتظاميه خلاف مظاھرو
ڳوٺ يار محمد جانوري ۾ ڳوٺاڻن پاران گئس جا ڪنيڪشن لاءِ ڊمانڊ نوٽيس جمع هجڻ باوجود اڃان تائين ميٽر نه ملڻ تي سئي سدرن گئس ڪمپني راڻيپور جي انتظاميه خلاف غلام سرور جانوري، مظهر جانوري، قربان جانوري جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب جي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.
وڌيڪ پڙھو -
مرحوم پروفيسر زاهد پيرزادو جي 6 هين ورسي پريس ڪلب هنڱورجا ۾ ملهائي وئي
سنڌي ادبي سنگت ۽ زاهد پيرزادو يادگار ڪاميٽي پاران سنڌ جي نوجوان ليکڪ ، تعليمي ماهر ۽ سماج سڌارڪ اڳواڻ مرحوم پروفيسر زاهد پيرزادو جي 6 هين ورسي پريس ڪلب هنڱورجا ۾ ملهائي وئي جنهن ۾ شاعرن ، اديبن، صحافين ، شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.
وڌيڪ پڙھو