ھنڱورجا

هنڱورجا: شاعر حضرت سچل سرمست جو 193 هون عرس مبارڪ سڀاڻي کان درازا شريف ۾ شروع ٿي رهيو آھي

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ھنڱورجا
Sachal Sarmastگهنڊ کول ديدار وکائو آيا مخ ويکڻ ! سنڌ جي صوفي بزرگ ، هفت زبان شاعر حضرت سچل سرمست جو 193 هون عرس مبارڪ سڀاڻي کان درازا شريف ۾ شروع ٿي رهيو آهي ميلي جي تقريبات جو افتتاح وزيراعلي سنڌ سيد قائم علي شاه درازا پهچي حضرت سچل سرمست جي مزار تي چادر چاڙهي ڪندو . عرس مبارڪ واري ميلي ۾ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ کانسواءِ دنيا جي ٻين ملڪن مان حضرت سچل سرمست جا هزارين عقيدتمند ۽ ذائرين درازا پهچي ويا آهن. ضلعي انتظاميه جي طرفان درازا ۾ ذائرين جي لاءِ پيئڻ جي پاڻي جي سهولت نه هجڻ جي ڪري ذائرين کي تمام گهڻيون ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن ڪمشنر سکر عباس بلوچ درازا پهچي ميلي جي انتظامن جو جائزو ورتو آهي جڏهن ته ضلعي انتظاميه توڙي يادگار ڪميٽيون روائتي طور سکڻيون گڏجاڻيون ڪرڻ ۾ رڌل آهن هن وقت تائين حضرت سچل سرمست جي عرس مبارڪ جي موقعي تي صفائي وارا انتظام پڻ ناقص آهن جنهن جي ڪري درازا جي گهٽين ۽ رستن ۾ گندو پاڻي بيٺل آهن ان کان سواءِ ترقياتي ڪم پڻ اڌ ۾ رهيل آهن جن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ انتظاميه ڪي به قدم ناهن کنيا. حضرت سچل سرمست جي مزار ڏانهن نيشنل هاءِ وي توڙي راڻيپور کان ويندڙ روڊ ٽٽي پيا آهن پر ان جي به مرمت ناهي ڪرائي وئي. عرس مبارڪ جي موقعي تي ذائرين جي سهولت لاءِ ٿڌو پاڻي توڙي انهن جي گاڏين جي پارڪنگ لاءِ به ڪي اڃان انتظامات ناهن ٿي سگهيا. هوڏانهن حضرت سچل سرمست جي عرس مبارڪ واري ادبي ڪانفرنس ۾ انتظاميه جي طرفان ڪيترن ئي مقامي اديبن ۽ شاعرن کي اڃان تائين دعوت ناما ناهن ملي سگهيا. ادبي ڪانفرنس ۾ نظرانداز ڪرڻ تي علم دوست ادبي سنگت جي صنم سنڌو ڀنڀرو، ادبي سنگت جي قربان گل چنو ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو آهي ته انتظاميه پاران پنهنجي من پسند اديبن شاعرن کي دعوت ناما موڪيا ويا آهن پر مقامي شاعرن ۽ اديبن کي ڄاڻي واڻي نظرانداز ڪيو ويو آهي جيڪا وڏي ناانصافي آهي هوڏانهن مقامي فنڪارن کي راڳ رنگ جي محفل ۾ شامل ٿيڻ لاءِ دعوت ناما نه ڏنا ويا آهن جنهن جي ڪري مقامي فنڪارن پيرل فقير، خدن مارواڙي ، ڀورل ڀٽي، رانجهن ڀٽي ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو آهي ته سچل کي ڳائيندڙ فنڪارن کي ڄاڻي واڻي نظرانداز ڪيو ويو آهي جڏهن ته فنڪارن کي ملندڙ وضيفا پڻ بند ڪيا ويا آهن. هوڏانهن حضرت سچل سرمست جي ميلي ۾ وڏي تعداد ۾ جيب ڪاترو ۽ پوليس جي سهڪار سان ميلي ۾ لٿل آهن جتي روزانو ڪيترن ئي ماڻهن جا کيس خالي ڪري ڇڏين ٿا پر پوليس انهن جي خلاف ڪاروائي ڪرڻ لاءِ تيا ناهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button