ھنڱورجا
-
ھنڱورجا: پ پ پ جا پراڻا ڪارڪن فنڪشنل مسلم ليگ ۾ شامل
تعلقي صوڀوديرو جي اهم شخصيتن پنهنجيون پارٽي وفاداري تبديل ڪندي فنڪشنل ليگ ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو
وڌيڪ پڙھو -
جسقم جي سڏ تي هنڱورجا شهر ۾ مڪمل طور تي شٽربند هڙتال
جسقم جي سڏ تي هنڱورجا شهر ۾ مڪمل طور تي شٽربند هڙتال قومي شاهراهه ۽ لنڪ روڊن تان ٽريفڪ مڪمل طور تي غائب جسقم ڪارڪنن مجيب ڀيلار، يوسف ميمڻ ، زاهد شاهه، منعان ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائرن کي جي ايم سيد چوڪ تي باهيون ڏئي سمي سڳيون لنڪ روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو جنهن بعد سخت نعريبازي ڪندي ريلي جي صورت ۾ قومي شاهراهه تي پهچي ڌرڻو هنيو
وڌيڪ پڙھو -
اريگيشن ايس ڊي او خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاھرو ۽ ڌرڻو
ب ڳوٺ جلباڻي جي رهواسين جو ايس ڊي او اريگيشن ڪنڊيارو پاران نولکي واهه مان نڪرندڙ واٽر ڪورس کي بند ڪرڻ ۽ اريگيشن جي ريسٽ هائوس جو لوهه ۽ ڪاٺ وڪرو ڪرڻ خلاف مرتضي جلباڻي، غلام رسول جلباڻي ، فقير محمد ٻوهيو، غلام مصطفي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري سخت ناريبازي ڪئي ڳوٺاڻن الزام لڳايو ته ايس ڊي او اريگيشن ڪنڊيارو پنهنجي عملي سان ملي ڀڳت ڪري اسان جي ڳوٺ ڀرسان 1927 کان قائم اريگيشن جي ريسٽ هائوس جي ڇت وارو لوهه ۽ اتي بيٺل پنجاهه کان وڌيڪ ٽالهين جا وڻ ڪٽرائي وڪرو ڪري ڇڏيا آهن
وڌيڪ پڙھو -
ھنڱورجا: پي پي جي 12 ڪارڪنن پاڻ ساڙڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو
اين اي 216 ، پي ايس 33 ۽ 31 جي پولنگ اسٽيشنن تي سياسي بنيادن تي عملو مقرر ڪرڻ واري عمل خلاف ٻڌايل تڪن جي پي پي ورڪرن ۽ ووٽرن فقير سبز علي هيسباڻي، عاشق راڄپر، عبدالقيوم راڄپر جي اڳواڻي ۾ قومي شاهراهه تي شاهه جي مشين اسٽاپ وٽ احتجاجي ڌرڻو هڻي ٽائرن کي باهيون ڏئي سخت احتجاج ڪيو
وڌيڪ پڙھو -
مولانا محسن شاھ نقوي جي چونڊ مھم تيز
پي ايس 34 جي آزاد اميدوار مولانا محسن علي شاهه نقوي دعوا ڪئي آهي ته 11 مئي تي تعلقي صوڀوديرو ۽ گمبٽ جو عوام روايتي سياسي پارٽين جي اميدوارن کي هر گز ووٽ نه ڏيندو عوام سجاڳ ٿي چڪو آهي ۽ هن ڀيري عوام نيڪ ۽ ديندار اميدوار کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪندو.
وڌيڪ پڙھو -
پي پي جي تڏا ويڙهه ٿي چڪي آهي، ڪاظم علي شاهه لڪياري
اين اي 217 جي فنڪشنل ليگ اميدوار پير آف هنڱورجا پير سيد ڪاظم علي شاهه لڪياري جا مختلف ڳوٺن ۾ طوفاني دورا منڱڻيجا برادري جي چڱن مڙسن وڏيرو سوائي خان منڱڻيجو، خادم حسين ، علي خان، غلام شبير منڱڻيجو ، حاجي صابل فقير پي پي سان پنهنجو پراڻو ناتو ٽوڙي فنڪشنل ليگ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو آهي.
وڌيڪ پڙھو -
هن ڀيري تبديلي اڻٽر آهي، پي ايس 33 جي آزاد اميدوار ذوالفقار علي انصاري چونڊ مھم شروع ڪري ڏني
پي ايس 33 جي آزاد اميدوار نوجوان صحافي ذوالفقار علي انصاري پنهنجي چونڊ مهم جو آغاز ڪندي سيٺارجا شهر ۾ ريلوي فاٽڪ وٽان وڏي عوامي ريلي ڪڍي سڄي شهر جو گشت ڪندي دڪاندارن ۽ شهرين کي ووٽ ڏيڻ لاءِ چيو
وڌيڪ پڙھو -
پي پي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو واري پارٽي ناهي رهي، ظهور احمد شاهه جيلاني
پير عبدالقادر شاهه جيلاني جي فرزند پي پي اڳواڻ پير سيد ظهور احمد شاهه جيلاني عرف ابل سائين پنهنجي پٽ مٺا سائين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي پنهنجي ڀاءُ اڳوڻي ايم اين اي ۽ پي ايس 33 جي پي پي جي اميدوار پير سيد فضل علي شاهه جيلاني جي سخت مخالفت ڪندي پي ايس 33 جي فنڪشنل ليگ اميدوار پير سيد معشوق علي شاهه جيلاني جي حمايت ڪندي چونڊ مهم هلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي
وڌيڪ پڙھو -
مشرف گرفتاريءَ خلاف ھنڱورجا ۾ مظاھرو
هنڱورجا ۾ آل پاڪستان مسلم ليگ جي سربراهه جنرل پرويز مشرف جي گرفتاري خلاف مسلم ليگ جي صوبائي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري سرائي نياز حسين خاصخيلي، فواد حسين ، اصغر خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن قومي شاهراهه تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، مڇريل مظاهرين حڪومت جي خلاف سخت نعريبازي ڪري ٽائرن کي باهيون ڏنيون.
وڌيڪ پڙھو -
عوام سجاڳ ٿي چڪو آهي پيرن ميرن ۽ وڏيرن کي هر گز ووٽ نه ڪندو،غازي امان الله منڱڻيجو
هنڱورجا ۾ سهتا منڱڻيجا ناريجا اتحاد پاران اليڪشن ۾ حصو وٺندڙن آزاد اميدوارن جي چونڊ مهم جي سلسلي ۾ ٽيليفون ايڪسچينج ڀرسان عوامي جلسو منعقد ڪيو ويو جنهن کي منڱڻيجا برادري جي سردار غازي امان الله منڱڻيجو ، عزيزالله خان ناريجو، يار محمد خان منڱڻيجو، ايڊوڪيٽ علي داد ناريجو، وڏيرو انور الدين سهتو خطاب ڪندي چيو ته پهريون ڀيرو غريب عوام سياسي پارٽين جي اميدوارن کان بيزار ٿي متحد ٿيو
وڌيڪ پڙھو