ھنڱورجا
-
ھنڱورجا: ڪاٽن فيڪٽري کي اوچتو باهه لڳڻ سبب سوا لک کان وڌيڪ مڻ ڦٽيون سڙي رک ٿي ويون
هنڱورجا ۾ اسلام ڪاٽن فيڪٽري کي اوچتو باهه لڳڻ سبب سوا لک کان وڌيڪ مڻ ڦٽيون سڙي رک ٿي ويون، اطلاع ڏيڻ باوجود فائررگيڊ عملو هڪ ڪلاڪ ڍير سان پهتو، فيڪٽري ۾ باهه لڳڻ سبب پورهيتن ۾ ڀاڄ پئجي وئي، 40 ڪروڙن جي نقصان ٿيو آهي
وڌيڪ پڙھو -
سنڌ صوفين ، بزرگن ، امن ۽ پيار جي ڌرتي آهي، ڪاظم علي شاھ
فنڪشنل مسلم ليگ جي ايم اين اي ۽ درگاهه سخي ناصر شاهه جي گادي نشين پير سيد ڪاظم علي شاهه چيو آهي ته سنڌ صوفين ، بزرگن ، امن ۽ پيار جي ڌرتي آهي ۽ سنڌ جي صوفي بزرگن جي درگاهن تي امن ۽ محبت جو پيغام ملي ٿو
وڌيڪ پڙھو -
قائم علي شاهه جي تبديلي جا مطالبا ڪندڙن جو خواب پورو نه ٿيندو، جاويد شاهه جيلاني
پ پ جي مرڪزي اڳواڻ سيد جاويد شاهه جيلاني چيو آهي ته وزيراعلي سنڌ سيد قائم علي شاهه جي تبديلي جا مطالبا ڪندڙن جو خواب پورو نه ٿيندو. فنڪشنل ليگ اهڙا اجايا پئي ڪري، وزيراعلي جي سربراهي ۾ ڪراچي آپريشن جا مثبت نتيجا نڪتا آهن. ۽ ڪراچي ۾ اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ امن آهي.
وڌيڪ پڙھو -
سنڌ حڪومت امن امان قائم ڪرڻ ۾ ناڪام، وڏو وزير استعيفا ڏئي، ڪاظم علي شاهه لڪياري
فنڪشنل مسلم ليگ جي ايم اين اي پير سيد ڪاظم علي شاهه لڪياري چيو آهي ته سنڌ حڪومت امن امان قائم ڪرڻ توڙي سنڌ جي ماڻهن جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي وئي آهي.
وڌيڪ پڙھو -
هنڱورجا ، رسول آباد، گڏيجي ۽ ان جي آس پاس ۾ زلزلي جا جهٽڪا
هنڱورجا ، رسول آباد، گڏيجي ۽ ان جي آس پاس ۾ زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا جنهن جي ڪري خوف سبب شهري پنهنجي گهرن مان ٻاهر نڪري آيا ۽ دڪاندار ڪاروباري ماڻهو پنهنجو ڪاروبار کي ڇڏي روڊن ۽ گهٽين توڙي ميداني علائقن ۾ ٻاهر نڪري آيا.
وڌيڪ پڙھو -
هنڱورجا: بجلي جي تارن ۾ زخمي ٿيل نينگر جا زخم ناسور بڻجي ويا
هنڱورجا جي ڳوٺ غلام قاسم سولنگي جي بجلي جي تارن ۾ زخمي ٿيل نينگر جا زخم ناسور بڻجي ويا ، ڪراچي جي اسپتال ۾ ڊاڪٽرن نينگر جون ٻانهون ڪٽي ڇڏيون ، پيرن ڪٽڻ جون تياريون ، وارث غربت سبب وڌيڪ علاج ڪرائڻ کان لاچار ، سيپڪو جي ذميوار عملدارن ۽ سرڪار به ڪا واهر نه ڪئي
وڌيڪ پڙھو -
جسمم ڪارڪنن جي آزاديءَ لاءِ رسول آباد ۾ مظاھرو
رسول آباد ۾ جسمم جي ڪارڪنن جو هٽڙي باءِ پاس حيدرآباد تي لڳل ڪارڪنن جي ڌرڻي تي پوليس جي وحشياڻي تشدد واري واقعي جي خلاف راجا ڏاهر ڀنڀرو ، هيمو ڪالاڻي، منٺار سنڌي ، نور الله جونيئر جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري جي ايم سيد چوڪ وٽ ڌرڻو هني نعريبازي ڪئي
وڌيڪ پڙھو -
محراب پور پوليس جو ڏوهارين سان مقابلو ، فائرنگ جي ڏي وٽ، ٻن ڏهارين کي گرفتار ڪرڻ جي دعوا
محراب پور پوليس جو ڏوهارين سان مقابلو فائرنگ جي ڏي وٽ بعد پوليس پاران ٻن ڏهارين کي گرفتار ڪري سندن وٽان ڦريل موٽر سائيڪل ، هڪ ڪلاشنڪوف ، رپيٽر هٿ ڪرڻ جي دعوا، ڪيس داخل
وڌيڪ پڙھو -
رسول آباد: خانگي اسپتال جي ڊاڪٽر پاران مدي خارج سيون هڻي غلط علاج ڪرڻ خلاف مظاھرو
رسول آباد جي ڳوٺ خيرمحمد ٽانوري جي ڳوٺاڻن جو خانگي اسپتال جي ڊاڪٽر پاران مدي خارج سيون هڻي غلط علاج ڪري نوجوان جاويد ٽانوري کي مرڻينگ ڪرڻ خلاف عبدالحڪيم ، حاجي خان ٽانوري، محمد صديق ، لطيف ، طالب حسين ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو
وڌيڪ پڙھو -
جسقم ڪنهن به ريت سنڌي ماڻهن کي اڪيلو نه ڇڏيندي ، جسقم
جيئي سنڌ قومي محاذ ضلعي خيرپور جي چيف آرگنائيزر علي عثمان ميمڻ، ايوب لاشاري ، رحيم سهتو، پرويز لنجار هنڱورجا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي تعلقي ڪوٽڏيجي جي ۾ هلندڙ خوني تقرار ۽ قبيلائي جهيڙن خلاف 14 جون تي ڪمب شهر ۾ اڇا ۽ ڳاڙها جهنڊا تي شاهه جو رسالو ساڻ ڪري امن ريلي ڪڍڻ جو اعلان ڪيو آهي
وڌيڪ پڙھو