ھنڱورجا
-
رسول آباد واقعو: متاثر عورتن پاران انصاف نه ٿيڻ جي صورت ۾ پاڻ ساڙڻ جو چتاءُ
رسول آباد ۾ 3 ڀينرن سميت 4 عورتن سان هٿياربندن پاران لڄالٽ ڪرڻ ۽ پريل ميمڻ جي گهر ۾ لڳل ڌاڙي جا جوابدار اڃان تائين قانون جي گرفت کان آجا ، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي چوٿين ڏهاڙي به رسول آباد شهر جو ڪاروبار نه کليو
وڌيڪ پڙھو -
هنڱورجا: ڳوٺاڻن جو سئي سدرن گئس ڪمپني راڻيپور جي انتظاميه خلاف مظاھرو
ڳوٺ يار محمد جانوري ۾ ڳوٺاڻن پاران گئس جا ڪنيڪشن لاءِ ڊمانڊ نوٽيس جمع هجڻ باوجود اڃان تائين ميٽر نه ملڻ تي سئي سدرن گئس ڪمپني راڻيپور جي انتظاميه خلاف غلام سرور جانوري، مظهر جانوري، قربان جانوري جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب جي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.
وڌيڪ پڙھو -
مرحوم پروفيسر زاهد پيرزادو جي 6 هين ورسي پريس ڪلب هنڱورجا ۾ ملهائي وئي
سنڌي ادبي سنگت ۽ زاهد پيرزادو يادگار ڪاميٽي پاران سنڌ جي نوجوان ليکڪ ، تعليمي ماهر ۽ سماج سڌارڪ اڳواڻ مرحوم پروفيسر زاهد پيرزادو جي 6 هين ورسي پريس ڪلب هنڱورجا ۾ ملهائي وئي جنهن ۾ شاعرن ، اديبن، صحافين ، شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.
وڌيڪ پڙھو -
رسول آباد واقعو: انسانيت جا سڀئي ليڪا لتاڙجي ويا آهن: نصرت سحر عباسي
فنڪشنل مسلم ليگ جي ايم پي اي نصرت سحر عباسي رسول آباد ۾ عورتن سان ٿيل اجتماعي ڏاڍائي واري سانحي جي مذمت ڪندي هنڱورجا جي صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته انهي واقعي سان انسانيت جا سڀئي ليڪا لتاڙجي ويا آهن ۽ جوابدار اڃان تائين گرفتار نه ٿيڻ وڏو افسوس ناڪ عمل آهي.
وڌيڪ پڙھو -
رسول آباد ۾ 4 عورتن سان اجتماعي ڏاڍائي ۽ گهر ۾ لڳل ڌاڙي جا جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا
رسول آباد ۾ 4 عورتن سان اجتماعي ڏاڍائي ۽ گهر ۾ لڳل ڌاڙي جا جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا. ٽئين ڏهاڙي به ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي ڪاروبار نه کليو. شهر ۾ مڪمل شٽربند هڙتال. هنڱورجا ۾ سگا جي سڏ تي قومي شاهراه تي ڌرڻو هڪ ڪلاڪ ٽريفڪ بند گاڏين جون قطارون لڳي ويون
وڌيڪ پڙھو -
رسول آباد: اجتمائي لڄالٽ جي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي ٻئي ڏهاڙي به مڪمل هڙتال
رسول آباد ۾ هوٽل مالڪ محمد پريل عرف بابو ميمڻ جي گهر ۾ لڳل ڌاڙي ۽ چار عورتن سان ٿيل اجتمائي لڄالٽ جي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي ٻئي ڏهاڙي به رسول آباد شهر ۾ مڪمل هڙتال ڪري سمورو ڪاروبار بند ڪيو ويو
وڌيڪ پڙھو -
ھنڱورجا: چار نياڻين سان اجتماعي لڄالٽ جا جوابدار گرفتار نه ٿيا، رسول آباد ۾ مڪمل شٽربند ھڙتال
رسول آباد ۾ هوٽل مالڪ جي گهر ۾ لڳل ڌاڙي ۽ 4 عورتن سان اجتمائي لڄالٽ جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ ۽ وارثن جي مرضي موجب واقعي جي ايف آءِ آر داخل نه ٿيڻ جي خلاف ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي رسول آباد ۾ مڪمل شٽربند هڙتال
وڌيڪ پڙھو -
ڌارين جي آبادڪاري لاءِ ڪئمپون لڳايون ويون ته انهن کي پٽي اڇلائي ڇڏينداسين، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي
جيئي سنڌ قومي محاذ پاران رسول آباد ۾ جسقم جي شهيدن لالافهيم ميمڻ، شهيد ظهير ميمڻ، عبدالقادر هاليپوٽو ۽ ٻين جي ياد ۾ شهيد جو ڏهاڙو رسول آباد هاءِ اسڪول جي گرائونڊ تي منعقد ڪيو ويو.
وڌيڪ پڙھو -
هنڱورجا : اغوا ٿي ويل نوجوان کي پوليس انتظاميه بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي
هنڱورجا واسي اغوا ٿي ويل جهانگير سولنگي کي پوليس انتظاميه بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي 4 ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس مغوي جي اغوا جو ڪيس به داخل نه ڪيو.
وڌيڪ پڙھو -
مورو:منٿلي نه ڏيڻ تان ھٿياربندن جي درگاھ مٿان چڙھائي، فقيرياڻي مٿان تشد،گھر کي باھ
نوان جتوئي جي ڳوٺ عثمان خاصخيلي جي ڀرسان درگاھ پير گهمڻ جي فقيرياڻي تي ڏوهاري قسم جي ماڻهن پاران هر مهيني ڏھ هزار روپيا منٿلي نه ڏيڻ تي درگاھ تي هٿيارن جي زور تي چڙهائي ڪري فقيرياڻي مسمات سهڻي زال علي شير کوسو تي سخت تشدد ڪري کين گهر کي باھ ڏئي ڇڏي
وڌيڪ پڙھو