سنڌ سماچار
-
حڪومت جي پنجن سالن جي ڪارڪردگي جو مثال گذريل 25 سالن جي حڪومتن ۾ ڪٿي به نٿو ملي، قائم علي شاھ
سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته پ پ پ جي موجوده حڪومت جي پنجن سالن جي ڪارڪردگي جو مثال گذريل 25 سالن جي حڪومتن ۾ ڪٿي به نٿو ملي، صدر آصف علي زرداري ، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي نقشي قدم تي هليو آهي
وڌيڪ پڙھو -
چونڊن ۾ سنڌ جي بنيادي مسئلن جو ڪو به حل ڪونهي، عبدالخالق جوڻيجو
جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين عبدالخالق جوڻيجي چيو آهي ته پيپلز پارٽي هجي يا مسلم ليگ اهي سڀ رياستي جوڙ جڪ جي پيداوار آهن. اُهي اُن جي تحفظ لاءِ ئي ڪم ڪن ٿيون
وڌيڪ پڙھو -
ڪراچي جون حالتون خراب ڪرڻ ۾ ڊرگ ۽ لينڊ مافيا ملوث آھي، منظور وساڻ
جيل کاتي جي صوبائي وزير منظور وساڻ چيو آهي ته منهنجي گهرو کاتي جي دور ۽ ان وقت جي ڪراچي جون حالتون مختلف نوعيت جون آهن، پهريون به چوندو هيم ۽ هاڻي به چوان ٿو ته ڪراچي جون حالتون خراب ڪرڻ ۾ ڊرگ ۽ لينڊ مافيا ملوث آهن
وڌيڪ پڙھو -
خيرپور: نادرا جو ٽيمون مختلف علائقن جو دورو ڪنديون
نادرا ريجنل هيڊ ڪوارٽر سکر ڊپٽي ڊائريڪٽر موبائيل رجسٽريشن وينز نادرا موبائيل رجسٽريشن جو شيڊيول پڌرو ڪندي ڄاڻايو آهي ته خيرپور ضلعي جي مختلف تعلقن اندر مختلف يونين ڪائونسلن ۾ عام ماڻهن کي سندن مقامي علائقن ۾ قومي شناختي ڪارڊ جي فراهمي جي سهولت لاءِ 11 فيبروري 2013 کان 22 فيبروري 2013 تائين مختلف علائقن ۾ موبائيل وينون هلايون وينديون
وڌيڪ پڙھو -
خيرپور: استاد محمد جمن جي ياد ۾ 16 فيبروري تي ملھائي ويندي
خيرپور آرٽس ڪائونسل جي سيڪريٽر لعل بخش منگي ڄاڻايو آهي ته خيرپور آرٽس ڪائونسل پاران سنڌ جي سدا حيات راڳي ۽ موسيقار استاد محمد جمن جي ياد ۾ 16 فيبروري 2013 تي سچل آڊيٽوريم خيرپور ۾ هڪ يادگار ثقافتي ڏهاڙو ملهايو ويندو
وڌيڪ پڙھو -
شڪارپور:15 فيبروري تي شٽربند ھڙتال جو سڏ
شڪارپور ۾ وڌندڙ لاقانونيت ، بدامني ، انتظامي بي حسي خلاف شھري سراپا احتجاج بڻجي ويا، 3 ڏينھن واري علامتي بک ھڙتال شروع ،ٻي ڏينھن ۾ داخل ، 15 فيبروري تي شٽربند ھڙتال جو سڏ، ايس ايس پي کي ھٽائڻ جو مطالبو
وڌيڪ پڙھو -
پي ايس ٽي پاس اميدوارن جو مظاھرو جاري
سنڌ يونيورسٽي مان 2008 ۾ پي ايس ٽي ٽيسٽ پاس ڪرڻ وارن اميدوارن کي آفرليٽر نه ملڻ ۽ رشوت جي گهر کان تنگ اچي ڪري سکر پريس ڪلب جي آڏو احتجاج ڪيو
وڌيڪ پڙھو -
سکر: لطيف پارڪ جي علائقي جي رهواسين پاران مظاھرو
پراڻي سکر جي لطيف پارڪ جي علائقي جي رهواسين پاران پلاٽ تي ناجائز قبضي ڪندڙ با اثر ماڻهن ۽ پوليس پاران ڪو به ايڪشن نه وٺڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو
وڌيڪ پڙھو -
ڪيمرامين ۽ فوٽو گرافر صحافتي دنيا ۾ ڪرنگهي جي حيثيت رکن ٿا، ممتاز بخاري
سکر پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري ممتاز بخاري چيو آهي ته ڪيمرامين ۽ فوٽو گرافر صحافتي دنيا ۾ ڪرنگهي جي حيثيت جو ڪردار ادا ڪندا رهندا آهن، ڪيمرامينن ۽ فوٽو گرافرن جون صحافت لاءِ ڏنيون ويندڙ قربانيون رائيگان نه وينديو
وڌيڪ پڙھو -
پاڪستان پيپلزپارٽي جي شهيد قائدن جون تصويرون ڦاڙڻ خلاف ڌرڻو
نامعلوم ماڻهن پاران پاڪستان پيپلزپارٽي جي شهيد قائدين جون تصويرون ڦاڙڻ خلاف پ پ جي ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ پ پ اڳواڻ محمد پناه سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سکر، روهڙي روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي ڪري احتجاجي ڌرڻو هنيو
وڌيڪ پڙھو