سنڌ سماچار
-
عام چونڊن ۾ اليڪشن ڪميشن پاران جديد سسٽم رائج ڪيو ويو آهي، ڪمشنر سکر
ڪمشنر سکر ڊويزن ڊاڪٽر نياز علي عباسي چيو آهي ته صاف ۽ شفاف اليڪشن ڪرائڻ لاءِ سکر ڊويزن ۾ انتظامن ۽ امن امان جي صورتحال کي وڌ ۾ وڌ بهتر ڪرڻ لاءِ ڪوششون ورتيون پيون وڃن جڏهن اليڪيشن ڪميشن پاران جاري ٿيل ضابطه اخلاف جي خلاف ورزي ڪندڙ ن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي
وڌيڪ پڙھو -
پ پ بينظير جا قاتل نه پڪڙي سگھي، ھاڻي ڪهڙي منهن سان پ پ اميدوار ووٽ گھرن ٿا، ڪاظم علي شاھ
پي پي پنج سالن جي دور حڪومت ۾ پنهنجي قائد بينظير ڀٽو جا قاتل گرفتار نه ڪري سگهي وري ٻيهر ڪهڙي منهن سان ووٽ وٺڻ لاءِ پي پي جا اميدوار اچن ٿا.
وڌيڪ پڙھو -
ھنڱورجا: پي پي ٻيهر ڪامياب ٿي حڪومت ٺاهيندي، پ پ اميدوار
اين اي 217 جي پي پي اميدوار سيد جاويد شاهه جيلاني ۽ پي ايس 34 جي اميدوار نعيم کرل چيو آهي ته پي پي ٻيهر ڪامياب ٿي حڪومت ٺاهيندي ۽ ٽانگا پارٽين کي شڪست جو منهن ڏسڻو پوندو. رسول آباد، هنڱورجا ، پير حيات شاهه ، گڏيجي يوسي جي مختلف ڳوٺن ۾ ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪندي هنن چيو ته پي پي ملڪ جي وڏي سياسي پارٽي آهي .
وڌيڪ پڙھو -
باڊھ: شھرين جو سيپڪو خلاف مظاھرو
رهواسين محمد عثمان ٻگهيو، ڪفايت منگي، قربان بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شهر جي وچان گذرندڙ رائيس ڪئنال جي پل تي رڪاوٽون کڙيون ڪري ٽائرن کي باهه ڏئي احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي مظاهرين پاران سيپڪو اختيارين خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي باڊهه_لاڙڪاڻو روڊ بلاڪ هئڻ سبب 2 ڪلاڪن تائين سموري ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي
وڌيڪ پڙھو -
باڊهه : سڪندر علي بروهي عادل حسين انڙ جي حق ۾ هٿ کڻي ويو
پي ايس 41 جي آزاد اميدوار سڪندر علي بروهي ساڳئي تڪ تي آزاد اميدوار طور چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اڳوڻي صوبائي وزير حاجي الطاف حسين انڙ جي پٽ عادل حسين انڙ جي حق ۾ هٿ کڻڻ جو اعلان ڪيو
وڌيڪ پڙھو -
پڪا چانگ: اي پي ايم ايل اڳواڻ سردار نياز احمد خاصخيلي برادري سميت فنڪشنل ليگ ۾ شامل
پڪا چانگ اي پي ايم ايل اڳواڻ سردار نياز احمد خاصخيلي برادري سميت فنڪشنل ليگ ۾ شامل اهڙو اعلان هن فنڪشنل ليگ تعلقا صدر اختر راڄپر ۽ ڊاڪٽر رفيق سامهون پنهنجي رهائش گاه تي سوين ماڻهن جي موجودگي ۾ڪيو
وڌيڪ پڙھو -
شھدادڪوٽ: سجاول جوڻيجو ۾ ھڪ آپگھات بمبار جي الزام ۾ ھڪ شخص ھٿيڪو
شهدادڪوٽ ويجهو سجاول جوڻيجو پوليس هڪ شڪي موٽر سائيڪل سوار کي پڪڙي ورتو جنهن کان تلاشي بعد قبضي مان عام استعمال جي جيڪٽ ، سرڪٽ، ڪِل ، بال بيرينگ ، ٽائيمر ، پراڻه موبائيل سيٽ، هٿ ڪيا آهن جوابدار پنهنجو نالو آسمين شاه ٻڌايو آهي
وڌيڪ پڙھو -
ھنڱورجا: پ پ پ جا پراڻا ڪارڪن فنڪشنل مسلم ليگ ۾ شامل
تعلقي صوڀوديرو جي اهم شخصيتن پنهنجيون پارٽي وفاداري تبديل ڪندي فنڪشنل ليگ ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو
وڌيڪ پڙھو -
سنڌ يونيورسٽي ملازمن لاءِ خوشخبري، پلاٽن لاءِ درخواست فارم خميس کان جاري ٿيندا
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي ملازمن لاءِ خوشخبري اها آهي ته وائيس چانسيلر پروفيسر ڊاڪٽر نذير اي مغل هائوسنگ سوسائيٽي فيز 3 بابت جوڙيل ڪاميٽي کي پلاٽن جي فوري الاٽمينٽ لاءِ اڄ کان درخواست فارم گهرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. هن اهڙو حڪم الاٽمينٽ ڪاميٽي جي اجلاس ۾ ڏنو. تفصيل موجب سنڌ يونيورسٽي جي ملازمن کي پنهنجو ذاتي اجهو فراهم ڪرڻ لاءِ وائيس چانسيلر ڊاڪٽر نذير اي مغل لاڳاپيل ڪاميٽي کي هائوسنگ سوسائيٽي فيز 3 ۾ پلاٽ حاصل ڪندڙ استادن، آفيسرن ۽ ملازمن کان اڄ (خميس ڏينهن)کان درخواست فارم گهرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي
وڌيڪ پڙھو -
جسقم جي سڏ تي هنڱورجا شهر ۾ مڪمل طور تي شٽربند هڙتال
جسقم جي سڏ تي هنڱورجا شهر ۾ مڪمل طور تي شٽربند هڙتال قومي شاهراهه ۽ لنڪ روڊن تان ٽريفڪ مڪمل طور تي غائب جسقم ڪارڪنن مجيب ڀيلار، يوسف ميمڻ ، زاهد شاهه، منعان ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائرن کي جي ايم سيد چوڪ تي باهيون ڏئي سمي سڳيون لنڪ روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو جنهن بعد سخت نعريبازي ڪندي ريلي جي صورت ۾ قومي شاهراهه تي پهچي ڌرڻو هنيو
وڌيڪ پڙھو