سنڌ سماچار
-
رسول آباد واقعو: متاثر عورتن پاران انصاف نه ٿيڻ جي صورت ۾ پاڻ ساڙڻ جو چتاءُ
رسول آباد ۾ 3 ڀينرن سميت 4 عورتن سان هٿياربندن پاران لڄالٽ ڪرڻ ۽ پريل ميمڻ جي گهر ۾ لڳل ڌاڙي جا جوابدار اڃان تائين قانون جي گرفت کان آجا ، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي چوٿين ڏهاڙي به رسول آباد شهر جو ڪاروبار نه کليو
وڌيڪ پڙھو -
متحدهه قومي موومينٽ جي صوبائي ميمبر ن صابر قائمخاني ۽ راشد خلجي ، واسا حيدرآباد جي هيڊ آفيس جو دورو ڪيو
متحدهه قومي موومينٽ جي صوبائي ميمبر ن صابر قائمخاني ۽ راشد خلجي ، واسا حيدرآباد جي هيڊ آفيس جو دورو ڪيو . ان موقعي تي شهر ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جي وڌندڙ شڪايتن جي خاتمي سميت رمضان المبارڪ خاص طور تي عيد الفطر جي موقعي تي گهربل انتظامن کي يقيني بنائڻ جي سلسلي ۾ ايم ڊي واسا ۽ لاڳاپيل ايڪسين سان گڏجاڻي منعقد ڪئي
وڌيڪ پڙھو -
سکر: ڊاڪٽر نصر الله بلوچ عوام جي شڪايتن کي ٻڌڻ لاءِ مختلف علائقن جو دورو ڪيو
پ پ جي اڳوڻي ايم پي اي ڊاڪٽر نصر الله بلوچ ۽ ٻين شهرن اندر وڌندڙ مسئلن ۽ عوام جي شڪايتن کي ٻڌڻ لاءِ مختلف علائقن جو دورو ڪيو، گذريل ڏينهن ڊاڪٽر نصر الله بلوچ، پ پ اڳواڻ عامر مغل، جاويد شيخ، امان الله ڀٽي ۽ ٻين پ پ ورڪرن سان گڏجي واريتڙ ۽ پاڪ ڪالوني واري علائقي ۾ رهواسين ۽ واپاري اڳواڻن سان ملاقات ڪري مسئلا معلوم ڪيا
وڌيڪ پڙھو -
سکر: ملت ايڪسپريس جو پاور پلانٽ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو، مسافر پريشان
سرگوڌا کان ڪراچي ويندڙ ملت ايڪسپريس روهڙي ريلوي اسٽيشن تي جيئن ئي پهتي ته پاور پلانٽ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو جنهن جي ڪري سخت گرمي ۾ پکا ۽ اي سي بند ٿيڻ سبب مسافرن ۾ پريشاني واري صورتحال پيدا ٿي وئي، اڪثر مسافرن اسٽيشن ماستر آفيس ۾ شڪايت ڪئي پر ڪنهن به ڌيان نه ڏنو جنهن جي ڪري مسافرن احتجاج ڪري اسٽيشن مسافر جي آفيس جو گهيراءُ ڪيو
وڌيڪ پڙھو -
مورو: مھانگائي چوٽ چڙھيل، مئجسٽريٽ جا ڇاپا، رمضان جو احترام نه ڪندڙن تي ڏنڊ
مورو شهر ۾ رمضان شريف جو احترام نه ڪندڙ هوٽلن ۽ روز مرھ جي شين جا اگھ چوٽ ڪري هٿرادو مهانگائي ڪندڙن خلاف اڄ قائم مقام جوڊيشنل مئجسٽريٽ ۽ سول جج مورو پرديب ڪمار، اسسٽنٽ ڪمشنر مورو ڊاڪٽر سيد محمد علي شاھ ۽ ڊي ايس پي مورو محمد ايوب هاليپوٽو پوليس نفري ۽ روينيو عملي سان گڏجي مورو شهر جي قومي شاهراھ جي مختلف هنڌن تي اوچتا ڇاپا هڻي کليل هوٽلن کي بند ڪرائي مٿن رمضان شريف جو احترام نه ڪرڻ تي سندن مٿان ڏنڍ وڌا
وڌيڪ پڙھو -
هنڱورجا: ڳوٺاڻن جو سئي سدرن گئس ڪمپني راڻيپور جي انتظاميه خلاف مظاھرو
ڳوٺ يار محمد جانوري ۾ ڳوٺاڻن پاران گئس جا ڪنيڪشن لاءِ ڊمانڊ نوٽيس جمع هجڻ باوجود اڃان تائين ميٽر نه ملڻ تي سئي سدرن گئس ڪمپني راڻيپور جي انتظاميه خلاف غلام سرور جانوري، مظهر جانوري، قربان جانوري جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب جي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.
وڌيڪ پڙھو -
مرحوم پروفيسر زاهد پيرزادو جي 6 هين ورسي پريس ڪلب هنڱورجا ۾ ملهائي وئي
سنڌي ادبي سنگت ۽ زاهد پيرزادو يادگار ڪاميٽي پاران سنڌ جي نوجوان ليکڪ ، تعليمي ماهر ۽ سماج سڌارڪ اڳواڻ مرحوم پروفيسر زاهد پيرزادو جي 6 هين ورسي پريس ڪلب هنڱورجا ۾ ملهائي وئي جنهن ۾ شاعرن ، اديبن، صحافين ، شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.
وڌيڪ پڙھو -
رسول آباد واقعو: انسانيت جا سڀئي ليڪا لتاڙجي ويا آهن: نصرت سحر عباسي
فنڪشنل مسلم ليگ جي ايم پي اي نصرت سحر عباسي رسول آباد ۾ عورتن سان ٿيل اجتماعي ڏاڍائي واري سانحي جي مذمت ڪندي هنڱورجا جي صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته انهي واقعي سان انسانيت جا سڀئي ليڪا لتاڙجي ويا آهن ۽ جوابدار اڃان تائين گرفتار نه ٿيڻ وڏو افسوس ناڪ عمل آهي.
وڌيڪ پڙھو -
رسول آباد ۾ 4 عورتن سان اجتماعي ڏاڍائي ۽ گهر ۾ لڳل ڌاڙي جا جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا
رسول آباد ۾ 4 عورتن سان اجتماعي ڏاڍائي ۽ گهر ۾ لڳل ڌاڙي جا جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا. ٽئين ڏهاڙي به ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي ڪاروبار نه کليو. شهر ۾ مڪمل شٽربند هڙتال. هنڱورجا ۾ سگا جي سڏ تي قومي شاهراه تي ڌرڻو هڪ ڪلاڪ ٽريفڪ بند گاڏين جون قطارون لڳي ويون
وڌيڪ پڙھو -
وانا جي ٻاهران ڪئمپون هنيون وڃن آءِ ڊي پيز کي سنڌ ۾ امداد ڏيئي نه رهايو وڃي، جساف
وانا وزيرستان ۾ فوجي آپريشن ڪري دهشتگردن کي چٿڻ ۾ حڪومت جي سنجيده آهي ته وانا جي ٻاهران ڪئمپون هنيون وڃن انهن کي سنڌ ۾ امداد ڏيئي نه رهايو وڃي ڇاڪاڻ ته جيڪي پناهگير 1500 ڪلوميٽر پنڌ ڪري ڌاريا ڪراچي ۾ جيڪي اچن ٿا اهي وانا وزيرستان ۾ ڪنهن به صورت ۾ واپس وڃڻ لاءِ نه آهي ٿيندا
وڌيڪ پڙھو