سنڌ سماچار
-
هنڱورجا:رسول آباد سانحي جي متاثر خاندان کي انصاف نه ملي سگهيو، متاثر عورتون ڪراچي لاءِ روانيون
رسول آباد سانحي جي متاثر خاندان کي انصاف نه ملي سگهيو، اڃان تائين جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا، انصاف لاءِ متاثر عورتون رسول آباد کان ڪراچي لاءِ روانيون، ڪراچي روانو ٿيڻ کان اڳ متاثر خاندان وٽ پوليس عملدار پهچي کين کي ڪراچي ۾ احتجاج ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ منٿ ميڙ ڪري 2 ڏينهن جي اندر سڀني جوابدار گرفتار ڪرڻ جو واعدو، متاثر خاندان کين جي هڪ به نه ٻڌي
وڌيڪ پڙھو -
ڪنڌڪوٽ جي نابينن پاران زمين تي قبضي خلاف ٻئي ڏينهن به سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو
ڪنڌڪوٽ جي نابينن پاران زمين تي قبضي خلاف ٻئي ڏينهن به سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي ڪنڌڪوٽ جي رهواسي ٽن نابين ڀائرن عبدالڪريم، حافظ عبدالرحمان، همت علي بلو صحافين کي ٻڌايو ته سندن علائقي جي با اثر جوابدارن ببلو پٺاڻ، مختيار، فيروز ۽ ٻين سندن ٻه ايڪڙ زمين تي قبضو ڪري هٿياربند ويهاري ڇڏيا آهن
وڌيڪ پڙھو -
سمورا ڊپٽي ڪمشنرز پنهنجون ذميواريون ڀرپور طريقي سان ادا ڪن، قائم علي شاھ
وزير اعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته صوبي ۾ جاري ترقياتي اسڪيمن جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ سمورن ڊپٽي ڪمشنرز پنهنجون ذميواريون ڀرپور طريقي سان ادا ڪن هر ضلع ۾ نساسڪ جي ڪمن، واٽر سپلاءِ، نڪاسي آب ۽ تعليم سان گڏو گڏ صحت جي حوالي سان سمورن اُپائن تي ڀرپور توجه ڏني وڃي
وڌيڪ پڙھو -
مورو: دادو پل موجوده زبون حالت ۾، هنڌان هنڌان وڏا وڏا ڏار پئجي ويا
ايشيا جي پهرئين وڏي ۾ وڏي دادو/مورو پل موجوده وقت ۾ زبون حالت جو شڪار ٿي وئي آهي پل کي هنڌان هنڌان وڏا وڏا ڏار پئجي ويا آهن ۽ پل جي مٿان رستي جي وچ ۾ ڪجھ ڪجھ فاصلي تي لڳل لوهيون پٽيون مڪمل طور تي اکڙي ويون آهن
وڌيڪ پڙھو -
عوامي تحريڪ پاران سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، مهنگائي، بدامني، ڌارين جي آبادڪاري خلاف احتجاجي مظاهرو
عوامي تحريڪ پاران سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، مهنگائي، بدامني، ڌارين جي آبادڪاري خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهرين پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هڻي ويهي رهيا. مظاهرين چتاءُ ڏيندي چيو ته ڌارين جي سنڌ ۾ داخلا برداشت نه ڪبي.
وڌيڪ پڙھو -
نوشھروفيروز: قومي عوامي تحريڪ پاران فلسطين تي ٿيل حملي خلاف احتجاجي ڪيمپ
نوشھروفيروز قومي عوامي تحريڪ پاران فلسطين تي ٿيل حملي خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي ڪيمپ، سخت نعريبازي . تفصيل موجب فلسطين تي ٿيل حملن خلاف عوامي تحريڪ پاران نوشهروفيروز پريس ڪلب اڳيان احتجاجي ڪيمپ لڳائي وئي
وڌيڪ پڙھو -
وزيراعلي پاران نوٽيس وٺڻ باوجود پوليس جي ڪن تي جونءَ به نه چري
رسول آباد ۾ هوٽل مالڪ جي گهر ۾ لکين روپين جي لڳل ڌاڙي ۽ 4 عورتن سان اجتماعي لڄالٽ واري واقعي جو وزيراعلي پاران نوٽيس وٺڻ باوجود پوليس جي ڪن تي جونءَ به نه چري ، پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪري نه سگهي، جوابدارن پاران متاثر خاندان کي قتل جون ڌمڪيون
وڌيڪ پڙھو -
رسول آباد: نفيسا شاھ ۽ مھرين ڀٽو جي ڊيس پي پي ڇنڊ، عورتن پاران پاڻ ساڙن جو چتاءُ
رسول آباد ۾ محمد پريل بابو ميمڻ جي گهر ۾ لڳل لکين روپين جي ڌاڙي ۽ 3 ڀينرن سميت 4 عورتن سان اجتماعي ڏاڍائي جون مسلسل ميڊيا تي خبرون اچڻ کان پوءِ نيٺ حڪمران جماعت جي عورت ايم اين ايز رسول آباد پهچي ويون.
وڌيڪ پڙھو -
سنڌ ڌرتي شاعرن کي جنم ڏنو جن جي درس ۾ عالمي امن، ڀائيچاري ۽ مذهبي رواداري جو پيغام سمايل آهي، قائم علي شاھ
سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ڌرتي عظيم صوفي بزرگن ۽ شاعرن کي جنم ڏنو جن جي درس ۾ عالمي امن، ڀائيچاري ۽ مذهبي رواداري جو پيغام سمايل آهي جيڪو اسانجي لاءِ مشعلِ راهه آهي جڏهن ته سنڌ ڌرتي صوفي بزرگن سان گڏو گڏ عظيم سياسي ليڊر پڻ پيدا ڪيا
وڌيڪ پڙھو -
مورو: سنڌ بچايو ڪاميٽي طرفان دادو مورو باءِ پاس تي ڌارين جي آبادڪاري جي خلاف ڌرڻي جون تياريون مڪمل
مورو ۾ سڀاڻي لڳندڙ سنڌ بچايو ڪاميٽي طرفان دادو مورو باءِ پاس تي ڌارين جي آبادڪاري جي خلاف ڌرڻي جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن جڏهن ته ڌرڻي واري ٻنهي طرفن کان وڏا وڏا بينر پلي ڪارڊ ۽ پارٽي جهنڊا پڻ لڳايا ويا آهن ۽ ڌرڻي واري هنڌ تنبو لڳايو ويو
وڌيڪ پڙھو