سنڌ سماچار
-
مستونگ سانحو امت جي اتحاد کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ۽ ملڪ کي عدم استحڪام جو شڪار بڻائڻ جي سامراجي سازش آهي.عوام پنهنجي اتحاد ۽ يڪجهتي جي ذريعي غيرن جي سازشن کي ناڪام بڻائيندو.اسدالله ڀٽو
جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻي ايم اين اي مولانا اسدالله ڀٽو مستونگ سانحي سميت ڪوئٽه ۾هڪٻئي پٺيان لڱ ڪانڊاريندڙ واقعن جي سخت مذمت ڪندي انهن کي اتحاد امت ۾ ڏار وجهڻ جي سامراجي سازش قرار ڏيندي اهو گهر ڪئي آهي ته حڪومت قاتلن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ۽ آئنده اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ جوڳا قدم کڻي. هن اڄ هڪ بيان ۾ قيمتي جانين جي نقصان ۽ مقتولن جي پونئيرن سان همدردي جو اظهار ڪندي چيوته شهرين جي جان و مال ۽ ملڪيت جي حفاظت سميت امن وامان جو قيام حڪومت جي اولين ذميداري آهي.مگر مستونگ واقعي سميت بلوچستان ۾ هڪٻئي پٺيان ٿيندڙ واقعا حڪومت جي نااهلي جو چٽو ثبوت آهن..هن چيو ته سامراجي قوتون وڏي عرصي کان هڪ منظم سازش تحت ملڪ ۾ اهڙي طرح جي واقعن جي ذريعي فرقه واريت ڦهلائڻ ۽ ملڪ ۾ عدم استحڪام جهڙي صورتحال پيدا ڪري پنهنجا ناپاڪ مقصد حاصل ڪرڻ چاهين ٿيون.
وڌيڪ پڙھو -
روس سان پاڪستان جا انتهائي ويجها ۽ اعتماد وارا لاڳاپا رهيا آهن: سسئي پليجو
روس سان پاڪستان جا انتهائي ويجها ۽ اعتماد وارا لاڳاپا رهيا آهن جڏهن ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ مضبوط لاڳاپن جي بيناد تي اسٽيل ملز جهڙا تحفا پاڪستان جي عوام کي مليا . اهڙو اظهار . صوبائي وزيرثقافت محترمه سسئي پليجو، سنڌ ميوزيم حيدرآباد ۾ ” رشين سينٽر آف سائنس ۽ ڪلچر “ ۽ سنڌ ثقافت کاتي پاران ”رشيا ٽو ڊي “ جي عنوان هيٺ منعقد ڪرايل تصويرن جي نمائش جي افتتاحي تقريب ۾ موڪليل پنهنجي پيغام ۾ ڪيو _ هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي موجوده حڪومت پڻ روس سان اعتماد واري فضا کي بحال ڪرڻ واري مقصد تحت لاڳاپن کي هٿي وٺرائي رهي آهي . هن چيو ته تصويري نمائش ڏسڻ سان اسان جي نوجوان نسل ۽ اسڪولي ٻارڙن جي همٿ افزائي سميت روس جي ثقافت ، تهذيب ۽ معاشري بابت چڱي ريت ڄاڻ ملندي.
وڌيڪ پڙھو -
ڊي سي او ٺٽو پاران قومي پوليو مهم جو افتتاح
ڊي سي او ٺٽو محمد جعفر عباسي صحت کاتي ٺٽي جي عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته 26 کان 28 سيپٽمبر 2011ع تائين شروع ٿيندڙ قومي پوليو مهم دوران اهڙا جوڳا اپاءُ ورتا وڃن جو ضلعي ۾ ڪو به ٻار پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان رهجي نه وڃي. اهڙي هدايت هن اڄ سول اسپتال مڪلي ۾ ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياري ضلعي ۾ قومي پوليو مهم جو افتتاح ڪرڻ دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڏني. هن چيو ته صحت مند معاشري لاءِ گڏيل جدوجهد ۽ محنت جي سخت ضرورت آهي جنهن سان نه صرف پوليو جو مڪمل خاتمو آڻي سگھجي ٿو بلڪه ٻارن کي هن موذي مرض کان هميشه لاءِ محفوظ پڻ ڪري سگھجي ٿو. ڊي سي او ضلعي ۾ پوليو جو ٽيون ڪيس ظاهر ٿيڻ تي صحت کاتي ٺٽي جي ڪارڪردگي تي عدم اطمينان ظاهر ڪندي سخت ناراضگي جو اظهار ڪندي چيو ته پوليو جا ڪيس ظاهر ٿيڻ سنڌ واسين لاءِ هڪ وڏو چئلينج برابر آهي
وڌيڪ پڙھو -
هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي بجيٽ کٽائڻ ڪري يونيورسٽيون بئنڪن کان قرض وٺڻ لڳيون
ستادن جي وفاقي تنظيم فپوسا جي سنڌ چيپٽر جي صدر ۽ سائوتا جي صدر پروفيسر نعمت الله لغاري، سيڪريٽري لياقت علي تنيو، ڊاڪٽرعابد حسنين، ڊاڪٽر اظهر شاهه، ڊاڪٽر عبدالمجيد، ڊاڪٽر نور شاهه، ڊاڪٽر عثمان ڪيريو، احسان ميمڻ، ڊاڪٽرعرفانه ملاح، ۽ ٻين چيو آهي ته حڪومت پاران هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي بجٽ گهٽائي ڇڏي آهي، جنهن جي موٽ هائير ايجوڪيشن ڪميشن پاران ملڪ جي يونيورسٽين جي بجيٽ گهٽائي ڇڏي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ يونيورسٽيون پنهنجو ڪارونهوار بئنڪن مان قرض کڻي هلائي رهيو آهن. جنهن جو تدريسي عمل کي شديد جهٽڪو لڳو آهي، هوڏانهن خيبرپختونخواهه صوبي ۾ اتان جي استادن کي وفاقي حڪومت پاران بجيٽ ۾ وڌايل 15 سيڪڙو پگهار به نه ملي سگهي آه
وڌيڪ پڙھو -
ماڻهن کي تفريحي سهولتون فراهم ڪرڻ ضلعي حڪومت جو اولين فرض آهي: ڊي سي او حيدر آباد
ضلعي ايڊمنسٽريٽرحيدرآباد احمد بخش ناريجو چيو آهي ته راڻي باغ مان برساتي پاڻي جي نيڪال وارو ڪم هنگامي بنيادن تي هلندڙ آهي جڏهن ته گهڻو ڀاڱي برساتي پاڻي جي نيڪال کي يقيني بڻايو ويو آهي . اهڙن خيالن جو اطهار هن اڄ حيدرآباد جي راڻي باغ ۾ پاڻي جي نيڪال واري ڪم جو جائزو وٺڻ جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو .ان موقعي تي تعلقي ايڊمنسٽريٽر، ٽي ايم او قاسم آباد ، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر چڙياگهر ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار پڻ موجود هئا.ضلعي ايڊمنسٽريٽر احمد بخش ناريجو چيو ته راڻي باغ ۾ پاڻي جي نيڪال وارو نظام بهتر نه هئڻ سبب برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ ۾ مشڪلاتون پيش اچي رهيون پر ٽي ايم ايز قاسم آباد جي ڪوششن سان گهڻي ڀاڱي برساتي پاڻي کي نيڪال ڪيو ويو آهي جڏهن ته ٽي ايم ايز جو عملو ڏينهن رات برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ واري ڪم ۾ مصروف عمل آهي .
وڌيڪ پڙھو -
ڊاڪٽر عافيه صديقي جي رھائي لاءِ ٺٽو پريس ڪلب آڏو مظاھرو
ڊاڪٽر عافيه صديقي جي آزادي لاءِ پريس ڪلب ٺٽو آڏو مختلف تنظيمن جو احتجاجي مظاهرو ۽ ريلي ، ڊاڪٽر عافيه صديقي جي آزادي لاءِ پاسبان ٺٽو جي اڳواڻن احسان جاکرو هوش محمد عباسي انصاف اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي اڳواڻن وقار عباسي زوار خان ۽ بيروزگار نوجوان تحريڪ جي اڳواڻن عنايت شاهه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن ريلي ڪڍي پريس ڪلب ٺٽو آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو مظاهرين جي هٿن ۾ ڊاڪٽر عافيه صديقي جي آزادي جا پلي ڪارڊ ۽ بينر هئا ، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيوته آمريڪي باشندو ريمينڊ ڊيوس کلي عام ڏوهه ڪري ٻه ماڻهن کي ماري ٿو پر کيس بي ڏوهي قرار ڏيئي آزاد ڪيو ٿو وڃي
وڌيڪ پڙھو -
خيرپور ۾ قومي پوليو مھم اڄ کان شروع
اي ڊي او هيلٿ ڊاڪٽر احسان الله سيال هڪ اعلان ذريعي ڄاڻايو آهي ته قومي پوليو مهم جي سيپٽمبر 26 کان سيپٽمبر 28 تائين جي ڏينهن ۾ پوليو کان بچاءُ جا ڦُڙا پياريا ويندا جنهن لاءِ والدين کي گذارش ڪئي وئي آهي ته 5 سالن تائين پنهنجن گُلڙن جهڙن ٻارن کي مقرر ڏينهن ۾ پوليوکان بچاءُ جا ڦُڙا پيارڻ لاءِ صحت کاتي مقرر پوليو ٽيم سان رابطي ۾ اچن يا ايِ ڊي او هيلٿ آفيس جي نمبرن 9280151 ۽ 9280152 تي رابطو ڪري مدد وٺي سگهن ٿا.
وڌيڪ پڙھو -
آمريڪا حقاني نيٽ ورڪ جو الزام لڳائي دراصل پاڪستان مٿان حملي جو جواز پيدا ڪري رهيو آهي.اسدالله ڀٽو
جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻي ايم اين اي مولانا اسدالله ڀٽو چيو آهي ته آمريڪا حقاني نيٽ ورڪ جو الزام لڳائي دراصل پاڪستان مٿان حملي جو جواز پيدا ڪري رهيو آهي.آمريڪا جي جارحاڻن ارادن سان عالمي امن کي خطرو آهي.آمريڪي وزير دفاع جي ڌمڪي ۽ آرمي چيف مائيڪ مولن جا الزام پرائي ويڙهه کي پنهنجي مٿان مڙهي پاڪستان کي ميدان جنگ بڻائيندڙ حڪمرانن جي منهن تي چماٽ آهي.پاڪستان کي ڀت سان لڳائڻ آمريڪا جي اصل ايجنڊا آهي .هن اڄ هڪ بيان ۾ وڌيڪ چيو ته آمريڪا حقاني نيٽ ورڪ جي اوٽ ۾ پاڪستان جي اترين علائقن مٿان حملي ڪرڻ جا جواز ڳولي رهيو آهي.آمريڪا پاڪستان جو گذريل ڏهن سالن کان اتحادي آهي.آمريڪا دنيا کي ٻڌائي ته آخر حقاني نيٽ ورڪ جو الزام هاڻي ڇوٿو لڳايو وڃي
وڌيڪ پڙھو -
اڳوڻي صوبائي صلاحڪار ۽ ڀٽو اسٽيٽ جي مئنيجر رياض ڦلپوٽو وچ ۾ مريد ڀٽو جي قتل واري معاملي تان ڇڪتاڻ وڌي وئي
سنڌ جي وڏي وزير جو اڳوڻو صوبائي صلاحڪار شھيد محترمھ بينظير ڀٽو جو سئوٽ ڀٽا برادريءَ جو سردار عامر خان ڀٽو ۽ ڀٽو اسٽيٽ جي مئنيجر رياض ڦلپوٽو وچ ۾ مريد ڀٽو جي قتل واري معاملي تان ڇڪتاڻ وڌي وئي آھي، جڏھن تھ ھڪٻئي خلاف الزامن ۽ بيان بازيءَ وارو سلسلو شروع ٿي ويو آھي، جڏھن تھ سردار عامر ڀٽو پاران نئون ديرو پوليس کي رياض ڦلپوٽو جي خلاف شڪايت ڪئي، جنھن تي نئون ديرو پوليس ڀٽو اسٽيٽ جي مئنيجر رياض ڦلپوٽو کي پوليس گرفتار ڪري نئون ديرو ٿاڻي تي لاڪپ ڪري ڇڏيو آھي، جڏھن تھ ڀٽو اسٽيٽ جي مئنيجر جي گرفتاريءَ جي خبر باھھ جيان پکڙجي وئي ۽ ان جو اطلاع صدر پاڪستان آصف علي زرداري، ايم اين اي فريال ٽالپر کي پڻ ڏنو ويو آھي.
وڌيڪ پڙھو -
مظفر ڀٽو، لالا ياسر، ڄام ڀٽو ۽ ٻين اڳواڻن کي آزاد ڪيو وڃي: جيئي سنڌ متحدھ محاذ
لاڙڪاڻي ۾ جيئي سنڌ متحدھ محاذ پاران مرڪزي اڳواڻ مظفر ڀٽو، لالا ياسر، ڄام ڀٽو، رياض ڪاڪيپوٽو، نواب مھر سميت ٻين قومي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ واري عمل خلاف ڪالھھ 2 ڏينھن بھ نيشنل پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، جن ۾ عمران چانڊيو، رحيم ڪلھوڙو، ڏاھر منگي، ڪامران کوکر ۽ ٻيا شامل ھئا، ھنن حڪومت کي چتا/ ڏيندي چيو تھ سمورن گم ڪيل ڪارڪنن کي ظاھر ڪري فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي ۽ قومي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ وارو عمل مذمت جوڳو آھي، جڏھن تھ سنڌو ديش جي آزاديءَ تان ھٿ کڻڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي پئي وڃي
وڌيڪ پڙھو