ڪراچي

آمريڪا حقاني نيٽ ورڪ جو الزام لڳائي دراصل پاڪستان مٿان حملي جو جواز پيدا ڪري رهيو آهي.اسدالله ڀٽو

Asad Bhutto 02ڪراچي: جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻي ايم اين اي مولانا اسدالله ڀٽو چيو آهي ته آمريڪا حقاني نيٽ ورڪ جو الزام لڳائي دراصل پاڪستان مٿان حملي جو جواز پيدا ڪري رهيو آهي.آمريڪا جي جارحاڻن ارادن سان عالمي امن کي خطرو آهي.آمريڪي وزير دفاع جي ڌمڪي ۽ آرمي چيف مائيڪ مولن جا الزام پرائي ويڙهه کي پنهنجي مٿان مڙهي پاڪستان کي ميدان جنگ بڻائيندڙ حڪمرانن جي منهن تي چماٽ آهي.پاڪستان کي ڀت سان لڳائڻ آمريڪا جي اصل ايجنڊا آهي
.هن اڄ هڪ بيان ۾ وڌيڪ چيو ته آمريڪا حقاني نيٽ ورڪ جي اوٽ ۾ پاڪستان جي اترين علائقن مٿان حملي ڪرڻ جا جواز ڳولي رهيو آهي.آمريڪا پاڪستان جو گذريل ڏهن سالن کان اتحادي آهي.آمريڪا دنيا کي ٻڌائي ته آخر حقاني نيٽ ورڪ جو الزام هاڻي ڇوٿو لڳايو وڃي.هن کان اڳ ۾ به هو نائن اليون واري ڊرامي جو بهانو بڻائي افغانستان کي تباهه ۽ خطرناڪ هٿيارن جو ڪوڙو الزام هڻي عراق تي حملو ڪري لکين انسان ماري چڪو آهي.هاڻي وري ساڳي طرح جا ڪريل الزام مڙهي پاڪستان مٿان حملي جو جواز پيدا ڪيو پيو وڃي جيڪو آمريڪا جي افغانستان ۾ ناڪام پالسين جو چٽو ثبوت آهي پر پاڪستان جو عوام هڪ جان ٿي ڪري هر طرح جي آمريڪي فوجي جارحيت خلاف ۽ ملڪ جي سرحدن جي خلاف ورزي خلاف ڄمي مقابلوڪندو هن وڌيڪ چيو ته آمريڪا هن خطي تي قبضو ڪري چين ۽ ايران تي پنهنجو ڪنٽرول ڪرڻ گهري ٿو.پاڪستان جي يرغمال ۽ غيرن جي غلام بزدل قيادت مان ڪنهن قسم جي اميد رکڻ فضول آهي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button