سنڌ سماچار

  • ڊي سي او خيرپور ٺري ميرواهه ۽ فيض گنج تعلقي جي مختلف علائقن جو دورو ڪيو

    ڊي سي او خيرپور محمد عباس بلوچ ضلعي جي برسات متاثر علائقن جو دورو ڪيو ۽ برسات متاثر جي بحالي واري ڪم جو سراسري طور تي جائزو ورتو. ان موقعي تي ڊي سي او ٺري ميرواهه ۽ فيض گنج تعلقي جي مختلف علائقن جو دورو ڪري مختلف علائقن جي برسات متاثرن ماڻهن کان سندن حال احوال ورتا جڏهن ته کين ضروري شين جي فراهمي جي حوالي سان ڄاڻ ورتي. ان موقعي تي ڊي سي مختلف ماڻهن ۽ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ٻُڌايو ته تازو سانوڻي واري برساتن جي نتيجي ۾ ضلعي جا ٽي تعلقاجنهن ۾ ٺري ميرواهه، فيض گنج ۽ نارا مڪمل طور تي متاثر ٿيا آهن جڏهن ته باقي ٻين تعلقن ۾ پڻ وڏو نقصان ٿيو آهي. ڊي سي او ٻُڌايو ته صوبائي توڙي ضلعي حڪومت پاران تمام وسيلا برسات متاثرن جي بحالي لاءِ ڪتب آندا پيا وڃن جڏهن جلد حڪومت پاران برسات متاثرآبادگارن کي مفت ٻج ۽ ڀاڻ ڏنو ويندو.

    وڌيڪ پڙھو
  • ماحول کي صاف سٿرو رکڻ، مليريا ۽ ڊينگي جي امڪاني حملن کان بچڻ لاءِ ذميداري جو مظاهرو: ڪيو وڃي

    سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر عبدالقادر مغل يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ شاگردن، ملازمن ۽ آفيسرن تي زور ڏنو آهي ته هو پنهنجي ماحول کي صاف سٿرو رکڻ، مليريا ۽ ڊينگي جي امڪاني حملن کان بچڻ لاءِ ذميداري جو مظاهرو ڪن، هن اها ڳالهه يونيورسٽي ۾ گندگي سب مڇرن جي پيدا ٿيڻ کي روڪڻ لاءِ شروع ڪيل 10-ڏينهن واري صفائي مهم جو افتتاح ڪرڻ بعد خطاب ڪندي ڪيو، هن چيو ته يونيورسٽي جي باغ، پارڪن، رهائشي ڪالونين توڙي شاگردن جي هاسٽل ڪمرن کي صاف ڪري ان تي مڇرن کي وڌڻ کان روڪڻ لاءِ جي لاءِ سڀني ڌرين کي پنهنجي ذميواري نڀائڻ جي هدايت ڪئي، ه ن چيو ته اڄوڪي مهم 10-ڏينهن تائين جاري رهندي، جنهن ذريعي صفائي سان گڏ اداري جي خوبصورتي ۽ رهائشي ڪالوي ۽ شاگردن جي هاسٽلز کي مليريا ۽ ڊينگي جهڙي مرضن کان پاڪ رکڻ لاءِ هر ممڪن اپاءَ ورتا ويندا

    وڌيڪ پڙھو
  • صحافي آغا طارق پٺاڻ مٿان لتن مڪن جو وسڪارو ،سخت تشدد جو نشانو بنايو ويو

    شڪارپور شهر ۾ ڦهليل گندگي جا ڍير ، ڪنو پاڻي ، در در ڪچرو ڊي سي او شڪارپور ڊاڪٽر سعيد احمد مڱڻيجو کي ڏيکارڻ تان نساسڪ آفيسر ڊوالفقار ابڙو مڇرجي پيو صحافي آغا طارق پٺاڻ مٿان لتن مڪن جو وسڪارو ،سخت تشدد جو نشانو بنايو ويو . تفصيل موجب شڪارپور شهر ۾ وڌندڙ گندگي جي شڪايتن تي ڊي سي او شڪارپور ڊاڪٽر سعيد احمد مڳڻيجو شهر جي مختلف چوراهن ، گهٽين ، روڊن رستن تي گندگي بابت مختلف ماڻهن کان پڇا ڳاڇا ڪري رهيو هيو ته شڪارپور شهر جي صحافي آغا طارق پٺاڻ گندگي بابت ڊي سي او شڪارپور کي آگاهي ڏني ۽ گندگي جا ڍير ڏيکارڻ تي نساسڪ آفيسر ذوالفقار ابڙو مڇرجي پيو ڊي سي او جي موجودگي ۾ نساسڪ آفيسر جا صحافي کي گٿا لفظ ڳالهڻ ۽ لتن مڪن جو وسڪارو صحافي کي سخت تشدد جو نشانو بنايو ويو ان موقعي ته ڊي سي او شڪارپور نساسڪ آفيسر تي ڏمجري پيو کيس پيدل گهر وڃڻ جي هدايت ۽ صحافي سان انصاف ڏيارڻ جو واعدو هوڏانهن اها خبر جيئن ئي صحافي برادري کي پئي ته صحافي برادري ان عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي

    وڌيڪ پڙھو
  • حڪمرانن جي غلاماڻين پالسين سبب اڄ پاڪستان جي وجود کي خطرا لاحق ۽ نااهلي ڪري پاڪستان ٺاهيندڙ ۽ پاليندڙ سنڌ جا لکين ماڻهو دربدري جي زندگي گذارڻ تي مجبور آهن.اسدالله ڀٽو

    جماعت اسلامي سنڌ جي امير۽ اڳوڻي ايم اين اي مولانا اسدالله ڀٽو چيو آهي ته حڪمرانن جي غلاماڻين پالسين سبب اڄ پاڪستان جي وجود کي خطرا لاحق ۽ نااهلي ڪري پاڪستان ٺاهيندڙ ۽ پاليندڙ سنڌ جا لکين ماڻهو دربدري جي زندگي گذارڻ تي مجبور آهن.چونڊيل نمائندن ۽ جيالن طرفان ڊي سي اوز آفيسن ۾ڪرپٽ ڪامورن سان ويهي غريبن لاءِ آيل امداد هڙپ ۽ پنهنجن کي نوازي وارو سلسلو بند ڪري حقدارن کي حق ڏياريو وڃي.حڪومت برسات جي بيٺل پاڻي جي نيڪال توڙي قدرتي لنگهن تي ٿيل قبضا ختم ڪرڻ لاءِ تڪڙا ۽ جوڳا اپاءَ وٺي. اهڙن خيالن جو اظّهار هن قباءِ آڊيٽوريم ۾ ٿيل اجلاس کي خطاب دوران ڪيو.صوبائي امير اسدالله ڀٽو جي صدارت هيٺ الخدمت ۽ جماعت اسلامي جي ذمه دارن جوهڪ اجلاس ٿيو جنهن ۾ هيل تائين برسات متاثرن جي واهر لاءِ ٿيندڙ سرگرمين جو جائزو ۽ اڳتي جي رٿابندي ڪئي وئي.الخدمت فائونڊيشن سنڌ جي صدر ۽ چمڙي جي بيمارين جي ماهر ڊاڪٽر تبسم جعفري اجلاس ۾رپورٽ پيش ڪندي چيو ته الخدمت طرفان هيل تائين 4340 ٽينٽ 3707 ترپال سميت ست ڪروڙ روپين کان وڌيڪ جو سامان ورهايو ويو آهي.

    وڌيڪ پڙھو
  • افغانستان ويندڙ نيٽو جا آئل ٽينڪرن تي شڪارپور جي ڀرسان هٿياربندن جي فائرنگ

    ڪراچي کان افغانستان ويندڙ نيٽو جا آئل ٽينڪرن تي شڪارپور جي ڀرسان ڳوٺ لوڊرا وٽ نامعلوم هٿياربندن جي فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ ٻن آئل ٽينڪرن کي باه لڳي وئي ۽ وري انهن آئل ٽينڪرن جي باه جي نتيجي ۾ ٻن ٻين آئل ٽينڪرن کي پڻ باه لڳي وئي آئل ٽينڪر باه لڳڻ سبب سڙي رک ٿئي ويا جڏهن ته ٽئي آئيل ٽينڪرن کي معمولي قسم جو نقصان پهتو ٽينڪرن جا ڊرائيور پنهجي فرار ٿئي ويا اهڙي خبر پوندي ئي فائر برگيڊير جو عملو باه تي قابو پائڻ لا۽ پهچي ويو آخري اطلاعن تائين باه تي قابو نه ٿئي سگهيو جڏهن ته پوليس ۽ رينجرس جا اهلڪار موقعي تي پهچي ويا رابطو ڪرڻ تي ايس ايس پي شڪارپور جنيد احمد شيخ ٻڌايو ته اڪٽر تيل جا ٽينڪر پراڻا هوندا آهن تيل جي ٽينڪرن جا مالڪ تيل ۽ ٽينڪرن کي باه لڳائي ڪري انشورنس ڪمپنين کان ٽينڪرن جا پئسا ڀرائڻ لا۽ اهڙا واقعا ڪرائيندا آهن

    وڌيڪ پڙھو
  • مستقبل ۾ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ ۽ برسات متاثرن کي درپيش مسئلن جي فوري حل لاءِ ننڍي ۽ ڊگهي مدي واريون پاليسيون جوڙيون ويون

    ٻيلي کاتي جي صوبائي سيڪريٽري سهيل اڪبر شاهه جنهن کي ضلعي سطح تي سنڌ ۾ برسات سبب متاثر ٿيل علائقن حيدرآباد ، ٽنڊو محمد خان ، ٽنڊو الهيار ۽ مٽياري ضلعن ۾ جاري رليف آپريشن جو نگران مقرر ڪيو ويو آهي چيو آهي ته مستقبل ۾ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ ۽ برسات متاثرن کي درپيش مسئلن جي فوري حل لاءِ ننڍي ۽ ڊگهي مدي واريون پاليسيون جوڙيون ويون آهن جڏهن ته حڪومت متاثر علائقن ۾ امدادي سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون آهن ۽ اميد آهي ته ٿوري وقت ۾ صورتحال معمول تي اچي ويندي. اهڙو اظهار هن اڄ ضلعي ايڊمنسٽريٽر حيدرآباد احمد بخش ناريجو جي آفيس ۾ ساڻس ملاقات دوران ڪيو. ان موقعي تي ايم اين اي سيد امير علي شاهه ڄاموٽ جيڪو رليف ڪيمٽي جي ميمبر پڻ آهي ، ٽِي ايم اوز ، ايڇ ڊي اي ۽ ضلعي انتظاميه جا عملدار پڻ موجود هئا.

    وڌيڪ پڙھو
  • تازين برساتن دوران 977363مريضن جو علاج ڪيو ويوآهي: ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ

    ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ سنڌ حيدرآباد ٻڌايوآهي ته تازين برساتن دوران هن وقت تائين مقررڪيل ۽ گشتي طبي ڪيمپن ذريعي 977363مريضن جو علاج ڪيو ويوآهي. هن چيو ته هڪ جاءِ مقرر ڪيل 241۽ 162گشتي طبي ڪيمپن کي فعال بڻايو ويو آهي جتي 1450 ماڻهن تي مشتمل طبي عملو پنهنجا فرض ادا ڪري رهيو آهي. هن ٻڌايو ته977363مريضن مان 441038مريضن جو مقرر ڪيل طبي ڪيمپن ۾ علاج ڪيو ويو جڏهن ته 536325 مريضن کي گشتي طبي ڪيمپن ذريعي علاج جون سهولتون مهيا ڪيون ويون آهن. پنهنجي رپورٽ ۾ هن وڌيڪ ڄاڻايو آهي ته برسات متاثرن ۾ چمڙي جون بيماريون وڌيڪ پکيڙجي رهيون آهن ۽ هن وقت تائين 162400 چمڙي جي بيماري ۾ ورتل مريضن جو علاج ڪيو ويو آهي جڏهن ته اکين جي انفيڪشن جي بيماري جي49587 مريضن جو علاج پڻ ڪيو ويو

    وڌيڪ پڙھو
  • برسات ستايل جي امداد نه ٿيڻ تي ايم اين جو ڊي سي آفيس آڏو احتجاج جو اعلان

    ق ليگ سان تعلق رکندڙ ٺٽي جي ايم اين اي اياز شاهه شيرازي سندن تڪ ۾ برسات متاثرين جي امدادي سهائتا نه ٿيڻ ۽ ضلعي انتظاميا پاران من پسند ماڻهن کي نوازڻ خلاف ايندڙ سومر واري ڏينهن ڊي سي او آفيس اڳيان احتجاجي ڌرڻي ۽ گهيراءُ جو اعلان ڪندي الزام هنيو آهي ته ٺٽي جو ڊي سي او برسات متاثرين جي سهائتا نه ٿيڻ جو ذميوار آهي جيڪو نان ڪيڊر آفيسر هجڻ ڪري معاملن کي الجهائي رهيو آهي پريس ڪلب ٺٽو ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ق ليگ جي ايم اين اي اياز علي شاهه شيرازي ۽ ايم پي اي چيتن مل چيو آهي ته سندن ميرپوربٺورو ۽ جاتي تعلقن سميت سڄي ضلعي اندر تازين زوردار برساتن سبب تمام وڏي تباهي آئي آهي پر اڃان تائين سخت متاثر سندن ٻن تعلقن مان برساتي پاڻي جي نيڪال ۽ متاثرين جي سهائتا لاءِ ڪي به جوڳا قدم نه کنيا ويا آهن جنهن سبب هزارين متاثر ماڻهو بي يارومددگار بڻجي بکن ۾ پاهه ٿي رهيا آهن

    وڌيڪ پڙھو
  • خيرپور ضلعي جي 136 مختلف اسڪولس کي ڪئمپس اسڪول بڻائي ٻيا اسڪول ضم ڪيا پيا وڃن: اِي ڊي او ايجوڪيشن

    اِي ڊي او ايجوڪيشن خيرپورغلام اصغر ميمڻ هڪ پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته ضلعي خيرپور اندر تعليم جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ وڌ ۾ وڌ قدم کنيا پيا وڃن جڏهن ته حڪومتِ سنڌ جي تعليم کاتي جي “ اسڪول ڪنساليڊيٽيڊ پاليسي” مطابق ضلعي اندر مختلف ساڳين علائقن جي 500 ميٽر اندر هلندڙ مختلف اسڪول کي هڪ مرڪزي اسڪول سان ڳنڍي ڪري حڪومت جي وسيلن کي موثر انداز سان ڪتب آندو پيو وڃي. هن پڌرائي ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ته استاد تنظيمن جي اڳواڻن جا ان سلسلي ۾ خدشات دور ڪرڻ جي لاءِ ڊي سي او خيرپور پاران کين گڏجاڻي ڪرڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو هو پرانهن احتجاج جو رستو اختيار ڪريو. اِي ڊي او ايجوڪيشن واضح ڪيو ته اهڙي پاليسي سنڌ حڪومت جي تعليم کاتي پاران جوڙي وئي آهي ته جيئن صوبي اندر تعليم جي معيار کي بهتر بڻايو وڃي جڏهن ته استاد تنظيمن جي اڳواڻن اسڪول ڪنساليڊيٽيڊ پاليسي کي ضلعي حڪومت جي پاليسي سمجهڻ غلط فهمي جو نتيجو آهي.

    وڌيڪ پڙھو
  • فقير غلام رسول شر ٺري ميرواه جي مختلف متاثر ٿيل ڳوٺن جو دورو ڪيو امداد جي غير منصفانه ورڇ تي احتجاج

    ) فنڪشنل مسلم ليگ ليبر ونگ ضلع خيرپور جي اڳوڻ فقير غلام رسول شر ٺري ميرواهه جي مختلف ٻوڏ متاثر ڳوٺن جو دورو ڪرڻ کان پوءِ چيو آهي ته حڪومت ۽ حڪومتي ڪامورا امداد جي نالي تي ٻوڏ ستايل سان سنگين مذاق ڪري رهيا آهن. حڪومتي عملدار امداد مستحق ماڻهن کي ڏيڻ بداران پارٽي ورڪن جي نمائندن کي ڏئي رهيا آهن جيڪي غريبن جي مدد ڪرڻ بدران امدادڏيڻ کي سياسي بڻائي رهيا آهن اهي صرف پهنجي پارٽي ورڪرن يا ووٽرن کي ورهائڻ پيا ۽ ٻين پارٽين سان تعلق رکندڙ ٻوڏ متاثر بي يارور مددگار آهن ۽ آفيسرن جي درن ۽ جيالن جي اوطاقن تي دربدر ٿي رهيا آهن اسان حڪومت جي اهڙي عمل جي مذمت ڪريون ٿا ۽ مطالبو ڪريون ٿا ته بنا فرق جي جي حقدارن کي امداد ورهاست کي يقيني بڻايو وڃي ۽ هن ڏکي مهل ۾ هن عمل کي سياسي بڻائڻ بدران مجبور ماڻهن جي مدد ڪئي وڃي

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button