سنڌ سماچار

  • مھا ٻوڏ جي ھڪ سال گذرڻ کان پوءِ سماجي ادارا جاڳي پيا

    گذريل ٻوڏ جي تباهڪارين کي سال کان مٿي عرصو گذرڻ کان پوءِ حڪومتي ادارن جيان سماجي ادارا به هاڻي نيٺ جاڳي پيا آهن ۽ سال گذرڻ کان پوءِ کين متاثر ٿيل ٻوڏ سٽيل ماڻهن جون مصيبتون ياد اچي ويون آهن ۽ انهن مختلف ادارن مختلف اسڪيمون کڻي ميدان تي نڪري پيا آهن جنهن تحت هڪ سماجي اداري سجاول جي ٻوڏ متاثر ٽن يوسيز ۾ ڪروڙين رپين جي لاڳت سان مختلف ترقياتي اسڪيمون شروع ڪرائڻ جو اعلان ڪندي غريب ۽ متاثر ماڻهن کي روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ان سلسلي ۾ عالمي اداري يو اين ڊي پي جي سهڪار سان هڪ سماجي اداري پاران مڪلي جي دربار هال مڪلي ۾ (تعمير پراجيڪٽ ) جي نالي سان شروع ٿيندڙ منصوبي جي تعارفي تقريب منعقد ڪئي ويئي

    وڌيڪ پڙھو
  • جاپان جي ڪراچي ۾ مقرر ڊپٽي ڪونسل جنرل ماسامچي ابي پاران ٺٽي جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو.متاثرين جي مڪمل بحالي لاءِ سنڌ حڪومت سان گڏجي ڪم ڪنداسين.

    جاپان جي ڪراچي ۾ مقرر ڊپٽي ڪونسل جنرل ماسامچي ابي اڄ ٺٽي پهچي ڊي سي او ٺٽو محمد جعفر عباسي سان گڏ ٻوڏ متاثرن لاءِ مڪلي ٺٽي ۽ جاتي ۾ قائم ڪيل رليف ڪيمپن جو دورو ڪيو ۽ ٻوڏ متاثرن کان مسئلا معلوم ڪيا. ان موقعي تي ڊي سي او ٺٽو جاپان جي سفارتڪار کي ٻڌايو ته ٺٽي ضلعي جي ٻن تعلقن جي 11 يونين ڪائونسلن کي ٻوڏ سبب سخت نقصان پهتو ۽ هڪ لک 87 هزار ماڻهو متاثر ٿيا. ڊي سي او ٺٽو وڌيڪ ٻڌايو ته ٺٽي ضلعي کي برساتن کان وڌيڪ نقصان ايل بي او ڊي جي ڪارو گونگھڙو سم نالي رسايو، جنهن ۾ پاڻي جي گنجائش 1230 ڪيوسڪ هئي پر ان ۾ 3080 ڪيوسڪ پاڻي آيو

    وڌيڪ پڙھو
  • هزارين ڳوٺاڻا کلي آسمان هيٺ زندگي گهارڻ تي مجبور بڻيل آهن، واھر ڪئي وڃي: فشر فوڪ فورم

    ضلعي ٺٽي جي سامونڊي پٽي ۾ هزارين برسات متاثر حڪومتي امداد ۽ بنيادي سهوليتن کان محروم، فشرفوڪ جو ميڙاڪو کاڌ خوراڪ صحت ۽ پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم ڪرڻ جو مطالبو ، تازي پيل برسات سبب ضلعي ٺٽي جي سامونڊي پٽي جي رهواسين جو زندگي سان ڪاروهنوار ۽ ڪاروباري سرگرميون اڃان تائين بحال ٿي نه سگهيون آهن جڏهن ته سون جي تعداد ۾ ڪري پيل گهارن سبب وڏي تعداد ۾ مقامي رهواسي کلي آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل آهن

    وڌيڪ پڙھو
  • ٺٽي جي برسات متاثر علائقن ۾ ماغي مليريا جي بيماري وبائي صورت اختيار ڪري ورتي

    ٺٽي ضلعي جي 55 يوسيز جي 51 بنيادي صحت مرڪزن ۾ ڪم ڪندڙ پي پي ايڇ آءِ جي ڊاڪٽرن انڪشاف ڪندي چيو آهي ته تازين برساتن کان پوءِ ٺٽي ضلعي جي مختلف متاثر علائقن ۽ جاتي چوڪ جي رليف ڪيمپ ۾ دماغي مليريا جي بيماري وبائي صورت اختيار ڪري ورتي آهي پر ڦوهارو مهم نه هلڻ ڪري متاثر علائقن جي ماڻهن جون زندگيون خطري هيٺ اچي ويون آهن ، پي پي ايڇ آئي ۾ ڪم ڪندر ڊاڪٽرن جو هڪ اهم اجلاس مڪلي جيم خانه ۾ ٿيو، جنهن ۾ پي پي ايڇ آئي ايمپلائيز فورم جو بنياد وجهي ڊاڪٽر عبدالحسين شاهه، ڊاڪٽر حبيب خواجه، ڊاڪٽر عمر ميمڻ ۽ ڊاڪٽر عطاءُ الله ڪلمتي جي اڳواڻي ۾ 9 رڪني آرگنائزنگ ڪميٽي جوڙي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • ٽارگيٽ ڪلر ، ڀتا خورن ، لينڊ مافيا ، خلاف آپريشن جاري رهندو:منظور وساڻ

    صوبائي وزير منظور وساڻ چيو آهي ته ڪراچي سميت سڄي صوبي اندر ٽارگيٽ ڪلر ، ڀتا خورن ، لينڊ مافيا ، خلاف آپريشن جاري رهندو سندس وزارت سنڀالڻ دوران امن امان بگڙيل صورتحال هئي جنهن تي مڪمل ضابطو آندو ويو آهي امن امان جي حوالي سان ڪنهن کي به بخش نه ڪيو ويندو هن وقت ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر آهي ۽ سنڌ جي عوام جي خواهشن تي ڪراچي ۾ آپريشن ڪيو پيو وڃي ۽ اهو آپريشن ڪنهن مخصوص علائقن اندر ڪرڻ بجائي ڏوهارين جي سرگرمين وارن علائقن اندر ڪيو پيو وڃي جتي به ضرورت پوندي اتي آپريشن ڪيو ويندو

    وڌيڪ پڙھو
  • صوبائي حڪومت جي ٺٽي لاءِ مقرر رليف ڪوآرڊينيٽر آغا جان اختر جو ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو. ضلع لاءِ راشن ۽ هڪ هزار لٽر اينٽي مليريا دوائون جاري ڪرايون.

    ضلع ٺٽي جي ٻوڏ متاثرين لاءِ مقرر رليف ڪوآرڊينيٽر ۽ سيڪريٽري زراعت آغا جان اختر اڄ ضلعي جي چونڊيل نمائندن ۽ ضلعي عملدارن سان گڏ ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪري رليف ڪيمپن جو معائنو ڪيو. دوري دوران مقامي ايم اين اي ڊاڪٽر عبدالواحد سومرو، سابق ايم پي اي غلام قادر پليجو، ڊي سي او ٺٽو محمد جعفر عباسي ۽ ٻيا ضلعي عملدار ڪوآرڊينيٽر سان گڏ هئا. هن ضلعي ٺٽي ۾ تباهي مچائيندڙ ۽ ٻوڏ جو سبب بنجندڙ ايل بي او ڊي جي سم نالن جو معائنو ڪيو ۽ لاڳاپيل ڊرينيج کاتي کي هدايت ڪئي ته سم نالن کي مظبوط ڪري ٻوڏ جو پاڻي سمنڊ ۾ نيڪال ڪيو وڃي ته جيئن عوام کي موت مار بيمارين کان بچائي سگھجي.

    وڌيڪ پڙھو
  • ڪرن شريف پوليس اهلڪارن جو پورهيت عبدالقيوم ڀٽي مٿان وحشياڻو تشدد

    ڪرن شريف پوليس اهلڪارن جو پورهيت عبدالقيوم ڀٽي تي وحشياڻو تشدد کيس بي هوشي جي حالت ۾ گهر ٻاهران ڦٽو ڪيو ويو . تفصيل موجب ڪلهه رات جو عبدالقيوم ڀٽي مزودوري ڪري پنهنجي گهر طرف وڃي رهيو هيو ته ڪرن شريف ٿاڻي جي پوليس اهڪارن کيس پڪڙي ڪري سڄي رات وحشياڻي تشدد جو نشانو بنايو کيس بيهوشي جي حالت ۾ سندس گهر ٻاهران اڇلايو ويو کيس علائقي جي ماڻهن سول اسپتال علاج لا۽ پهچايو اهڙي خبر پوندي سندس گهر وارا روڄ راڙو ڪندا سول اسپتال پهتا جتي سندس حالت خطري کان ٻاهر هئي ان موقعي تي عبدالقيوم ڀٽي چيو ته مون کان پوليس اهلڪارن پئسا پڻ ڦريا آهن بعد ۾ سندس ڀاءُ ، سوٽ ۽ سندس امڙ امينه خاتون ايس ايس پي هائوس تي پهچي ڪري قران پاڪ کڻي سخت احتجاج ڪيو سندس اهڙي احتجاج جو ايس ايس پي جنيد احمد شيخ ٿڏي تي نوٽيس وٺندي انڪوائري جو حڪم جاري ڪيو

    وڌيڪ پڙھو
  • سنڌ جي ناليواري شخصيتن نڌ جي سياحت کي نظرانداز ڪرڻ واري حڪومتي پاليسي تي ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي

    سنڌ جي ناليواري ڪهاڻيڪارن ماحولياتي ماهرن اديبن توڙي دانشورن سنڌ جي سياحت کي نظرانداز ڪرڻ واري حڪومتي پاليسي تي ڳڻتي ظاهر ڪندي سنڌ جي تاريخي سياحت جي مرڪزن ۽ قديم ماڳن کي بهتر بنائڻ ۽ ماحوليات جا مسئلا ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته سنڌ جي سياحت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ عوامي سطح تي جاڳرتا مهم هلائي ويندي ماحوليات تي ڪم ڪندڙ عالمي اداري ڊبليو ڊبليو ايف پاران سياحت جي عالمي ڏهاڙي جي سلسلي ۾ ڪينجهر ڍنڍ تي منعقد ٿيل هڪ تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي ناليواري ڪهاڻيڪار بدر ابڙو چيو ته سنڌ ۾ 2 هزار کان مٿي تاريخي تفريحي ماڳ آهن جن مان 2 سئو ماڳ سنڌ جي تاريخي شهر ٺٽي سان تعلق رکن ٿا پر انتهائي افسوس آهي جو انهن تاريخي ماڳن کي مڪمل طور تي حڪومتي سطح تي نظرانداز ڪيو ويو آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • مهراڻ يونيورسٽي ڪاليج آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي جو ملائشيا جي پنج ٽاپ رينڪنگ يونيورسٽين مان ٽن سان تعليمي ۽ تحقيقي سرگرمين جي مٽا سٽا جو معاهدو ٿي ويو

    مهراڻ يونيورسٽي ڪاليج آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي جو ملائشيا جي پنج ٽاپ رينڪنگ يونيورسٽين مان ٽن سان تعليمي ۽ تحقيقي سرگرمين جي مٽا سٽا جو معاهدو ٿي ويو، معاهدي ٿيل يونيورسٽين ۾ پترا يونيورسٽي، پيٽروناس يونيورسٽي ۽ ملايا يونيورسٽي، جيڪا يو ايس ورلڊ رينڪنگ ۾ 161 هين نمبر تي آهي، شامل آهن. اهڙو معاهدو مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ڄامشورو جي پرو وائس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اسلم عقيلي ۽ مهراڻ انجنيئرنگ ڪاليج خيرپور جي پرنسپال پروفيسر ڊاڪٽر مجيب صحرائي پاران ملائشيا جي ڄاڻايل يونيورسٽين جي دوري دوران عمل ۾ آيو. معاهدي موجب ملائيشيا جي ٽاپ رينڪنگ ملايا، پيٽروناس ۽ پترا يونيورسٽي سان مهراڻ انجنيئرنگ ڪاليج گڏيل تحقيقي ۽ تعليمي سرگرميون ڪري سگهندو، جن ۾ اسڪالر شپ تحت استادن ۽ شاگردن جي مٽا سٽا، تحقيقي جرنلن سميت ٻئي تحقيقي مواد جي ڏي وٺ ۽ گڏيل ڪورسن جي ترتيب، سيمينار، ڪانفرنسون ۽ ليڪچر وغيره ڪرائڻ شامل آهن.

    وڌيڪ پڙھو
  • ڊيوٽي ڊاڪٽر جي غير حاضري ڪري اسڪول پٽيوالو تڙپي تڙپي فوت

    ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ جو پٽيوالو سول اسپتال ۾ تڙپي تڙپي فوت ڊيوٽي ڊاڪٽر غير حاضر ، وارثن جو سول اسپتال جي عملي خلاف احتجاج . تفصيل موجب ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ جو پٽيوالو غازي ناپر گورنمينٽ ها۽ اسڪول نمبر 1 ۾ ڊيوٽي دوران بي هوش ٿئي ڪري پيو سندس هم منصبن کيس سول اسپتال (جيڪا هڪ منٽ جي مفاصلي تي آهي ) پهچايو پر آ۽ ، سي ، يو ۾ ڊيوٽي ڊاڪٽر موجود نه هئو هڪ ڪلاڪ جي انتظار باوجود ڊيوٽي ڊاڪٽر سول اسپتال نه پهچي سگهيو غازي ناپر جيڪو اصل ڳوٺ صاد الله ناپر (بوجا ناپر ) جو رهواسي ٻڌايو پيو وڃي ان ڪلاڪ دوران تڙپي تڙپي فوت ٿئي ويو سندن وارثن کي جئين ئي ان فوتگي جو اطلاع مليو ته وارث اوڇانگرون ڏيندا سول اسپتال پهچي ويا بعد ۾ سندن وارثن سول اسپتال جي عملي کي ايمبولينس ڏيڻ لا۽ چيو جيئن مرحوم جو مڙهه سندس اباڻي ڳوٺ روانو ڪيو وڃي پر اسپتال انتظاميه بي حسي جي انتها ڪندي چيو ته ايمبولينس ۾ تيل نه آهي

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button