سنڌ سماچار

  • خيرپور ءِ ڀرپاسي ۾ پاس ڪم ڪندڙ انڊسٽريز ، سرندي وارن ماڻهن ۽ تيل ۽ گئس ڪمپنين کي پروفيسر ڊاڪٽر مجيب صحرائي جي اپيل

    مهراڻ يونيورسٽي ڪاليج آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي خيرپور جي پرنسپال پروفيسر ڊاڪٽر مجيب صحرائي چيو آهي ته،خيرپور ۽ ان جي آس پاس ڪم ڪندڙ انڊسٽريز ، سرندي وارن ماڻهن ۽ تيل ۽ گئس ڪمپنين جي انتظاميا کي اپيل ٿو ڪريان ته اهي مهراڻ انجنيئرنگ ڪاليج ۾ پڙهندڙ ذهين شاگردن ۽ شاگردياڻين جي مدد ۽ همت افزائي لاءِ انڊومينٽ اسڪالر شپس ۾ حصو وٺن .اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪاليج ۾ ذهين شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ يونيورسٽي ايوارڊ اسڪالرشپ جا چيڪ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. پرنسپال پروفيسر ڊاڪٽر مجيب صحرائي چيو ته مونکي اميد آهي ته، جيڪي شاگرد هي اسڪالر شپ حاصل نه ڪري سگهيا آهن، اهي به محنت ڪري امتحان ۾ وڌيڪ مارڪون کڻي، اسڪالر شپ حاصل ڪندا

    وڌيڪ پڙھو
  • بروھي برادري جو شڪارپور پوليس خلاف احتجاجي

    شڪارپور ۾ قتل ٿيل ٺري مير واه جو ڊي ايس پي عبدلطيف شر جي قتل کان پو۽ سندس وارثن جي فرياد تي پوليس چڙهايون ڪندي مدئجي ، شڪارپور مان گرفتاريون ڪندي بروهي برادري جي عورتن کي گرفتار ڪيو آهي اهڙي عمل خلاف شڪارپور شهر ۾ بروهي اتحاد جي اڳواڻ رفيق جان بروهي جي اڳواڻي ۾ رستم چوڪ کان لکي در تائين ريلي ڪڍي وئي ان موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي رفيق جان بروهي چيو ته پوليس ناجائزي ڪندي بروهي برادري جي ڪجهه عورتن کي گرفتار ڪيو آهي ۽ انهن جو قاتلن سان ڪو واسطو نه آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • فرسٽ ايئر جو شاگرد حادثي ۾ فوت

    فرسٽ ايئر جو شاگرد نديم گل چنه موٽر سائيڪل تي سي اينڊ ايس ڊگري ڪاليج ويندي تيز رفتار ٽرالر لڳڻ سبب ٿڏي تي فوت تفصيل موجب ميراڻي محله جو رهاڪو فرسٽ ايئر جو شاگرد نديم گل چنه ولد سليم گل چنه موٽر سائيڪل تي سي اينڊ ڊگري ڪاليج وڃي رهيو هو ته تيز رفتار ٽرالر لڳڻ سبب ٿڏي تي ئي دم ڌڻي حوالي ڪيائين علائقي جي ماڻهن کيس اسپتال پهچايو جتي سندس پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد سندس لاش وارثن حوالي ڪيو ويو سندس لاش گهر پهچڻ تي سندس ماءُ ، پيءُ کي بيهوشي جا دورا پوڻ لڳا علائقي ۾ سوڳ وارو ڪيفيت ڇانيل رهي

    وڌيڪ پڙھو
  • سي آئي اي پوليس جو ڇاپو ، هڻي ڦر ڪيل هڪ سوزوڪي هٿ ڪري

    ٺٽي جي سي آئي اي پوليس ڇاپو هڻي ڦر ڪيل هڪ سوزوڪي هٿ ڪري ٺٽي ضلعي جي روڊ رستن تي ڦرون ڪندڙ هڪ گروه جي مک جوابدار غلام شورو کي گرفتار ڪري ورتو آهي ، جنهن جي نشاندهي تي مڪلي ٿاڻي تي ٽن ڏوهارين سميت 8 جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جڏهن ته ساڳئي ٽولي جي ربو ڇٽو سميت ٻن ساٿين کي حيدرآباد پوليس گرفتار ڪري سندن تحويل مان ڦر ڪيل ڪار برآمد ڪري ورتي آهي، ٺٽي جي سي آئي اي پوليس جي انچارج ناظم چانڊيو جي اڳواڻي ۾ پوليس جي جوڙيل خاص ٽيم ڇاپو هڻي ٺٽو ، جهمپير لنڪ روڊ تان ڦر ڪيل سوزوڪي نمبر KQ9699 هٿ ڪري هڪ جوابدار غلام شورو کي گرفتار ڪري ورتو آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • ٺٽي جي بيروزگار نوجوانن جو انوکو احتجاج

    ٺٽي ۾ بيروزگار نوجوانن پاران مائرن ۽ ڀينرن سان گڏ شهر ۾ جهولي کڻي معصوم ٻار ۽ گرده وڪرو ڪرڻ جون صدائون، شهرين ۽ واپارين خيرات ڏنيون ضلعي ٺٽي جي مختلف سرڪاري کاتن توڙي اين جي اوز ۾ نوڪريون نه ملڻ ۽ ٻاهرين ماڻهن جي ٿيل ڀرتين خلاف ٺٽي جي بيروزگار نوجوانن پاران 43 ڏينهن تي پڻ سندن احتجاج جاري رهيو

    وڌيڪ پڙھو
  • ٺٽي ضلعي جا رهواسي ڳوٺاڻا، عورتون معصوم ٻارڙا غذائي کوٽ جو شڪار ٿي بيمارين ۾ مبتلا

    برسات متاثر ٺٽي ضلعي جا رهواسي ڳوٺاڻا، عورتون معصوم ٻارڙا غذائي کوٽ جو شڪار ٿي بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن ۽ ڊاڪٽرن معصوم ٻارڙن سميت ڳورهاري عورتن جي زندگي تي ڳڻتي ظاهر ڪندي حڪومت کي فوري قدم کڻڻ جي اپيل ڪئي آهي، نيشنل بينڪ آف پاڪستان پاران پيپلز ڊاڪٽرز فورم جي سهڪار سان جنگشاهي ويجهو ساڏورو مڪان ڳوٺ ۾ لڳايل هڪ روزه مفت طبعي ڪيمپ ۾ ڪوهستاني علائقن ۾ پناهه لاءِ پهتل برسات متاثر هڪ هزار کان مٿي مريضن جي چڪاس ڪري ڊاڪٽرن مفت ۾ علاج ڪيو، ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي مفت ڪيمپ ۾ مريضن جو علاج ڪندڙ ڊاڪٽر اسماعيل پليجو، ڊاڪٽر قمر ٻارڻ ۽ ٻين ٻڌايو ته چڪاس دوران خارش، مليريا، دست، الٽين، پيٽ ۽ اکين جي بيماري ۾ مبتلا مريضن جو علاج ڪيو ويو

    وڌيڪ پڙھو
  • پاڻي ۾ ٻڏل علائقن مان پاڻي ترجيحي بنيادن تي جلد کان جلد پاڻي جي نيڪال ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي: قائم علي شاھ

    سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کي ڊي سي او خيرپور محمد عباس بلوچ پنهنجي دفتر جي ڪميٽي روم ۾ تازين برساتن سبب خيرپور ضلعي ۾ نقصانن متعلق تفصيلي بريفنگ ڏيندي وڏي وزير کي ٻڌايو ته خيرپور ضلعي ۾ تعلقه فيض گنج، تعلقه ٺري مير واهه ۽ تعلقو نارو بري طرح متاثر ٿيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته ضلعي جي سڀني تعلقن ۾ ڪل 9 لک 27 هزار 953 ماڻهو متاثر ٿيا آهن. 3 لک 88 هزار 638 ايڪڙ زمين متاثر ٿي آهي. 2 لک 74 هزار 233 ايڪڙ زمين تي بيٺل فصل تباهه ٿيا آهن. جڏهن ته 34 هزار 676 گهرن کي مڪمل طور نقصان پهتو آهي. ۽ 35 هزار 613 گهرن کي برسات سبب جزوي نقصان پهتو آهي. ساڳئ طرح 276 سرڪاري اسڪولن جي عمارتن کي نقصان پهتو ۽ ڪل 511 ڪلو ميٽر روڊ پڻ نقصان هيٺ آيا. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ضلعي جي سڀني تعلقن ۾ ڪل 133 پاڻي نيڪال ڪرڻ جون مشينون لڳايون ويون آهن.

    وڌيڪ پڙھو
  • صوبائي گهرو وزير منظور حُسين وساڻ ڊي سي او هائوس خيرپور ۾ برسات جي صورتحال جي ڄاڻ ورتي

    :صوبائي گهرو وزير منظور حُسين وساڻ ڊي سي او هائوس خيرپور ۾ ضلعي جي مختلف کاتن جي عملدارن سان گڏجاڻي ڪئي. ان موقعي تي ڊي سي او خيرپور محمد عباس بلوچ صوبائي گهرو وزير منظور حُسين وساڻ کي ضلعي اندر تازو برسات جي صورتحال جي حوالي سان جامعي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي ڊي سي او بريفنگ دوران گهرو وزير کي ٻُڌايو ته ضلعي اندر ٽي تعلقا فيض گنج، ٺري ميرواهه ۽ نارا وڌ ۾ وڌ متاثر ٿيا آهن جڏهن ته هزارين ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه ٿيا آهن. ڊي سي او بريفنگ ڏيندي کيس ٻُڌايو ته برسات متاثر جي رليف ۽ بحالي واري ڪم ۾ ضلعي حڪومت، پاڪستان آرمي سان گڏجي ضلعي جي برسات متاثر علائقن جي ڳوٺن مان پاڻي جي نيڪال جو بندوبست ڪيو جنهن ۾ ڪيترن ئي ڳوٺن مان برسات جو پاڻي ڪڍيو ويو. ڊي سي او وڌيڪ ٻُڌايو ته بحالي واري ڪم ۾ مختلف اين جي اوز جي تعاون سان ڪيترن ئي برسات متاثر ڳوٺن ۾ کاڌي پيتي جو سامان ورهايو پيو وڃي

    وڌيڪ پڙھو
  • تيل قيمتن اضافو عوامي حڪومت جي واعدن ۽ دعون جي نفي آهي .اسدالله ڀٽو

    جماعت اسلامي سنڌ جي امير۽ اڳوڻي ايم اين اي مولانا اسدالله ڀٽو حڪومت پاران پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر واڌ جي مذمت ڪندي ان کي ظالماڻو قدم ۽ عوام مٿان بجلي ڪيرائڻ جي برابر قرار ڏنو آ هي .هن اڄ هڪ بيان ۾ چيو ته عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمتن ۾ لاڳيتو گهٽتائي باوجود پاڪستان ۾ تيل قيمتن ۾ بنا ڪنهن سبب جي اضافو عوامي ۽ جمهوري حڪومت جي واعدن ۽ دعون جي نفي آهي .تيل قيمتن ۾ هاڻو ڪي اضافي سان عوام جي مشڪلات ۾ اڃان به وڌارو ٿي ويندو ۽ ٽرانسپورٽ سميت زندگي جي روزاني استعمال وارين شين جي قيمتن ۾ ٻيڻ تي اضافو ٿي ويندو

    وڌيڪ پڙھو
  • نعمت الله خان 60لک رپين جي ماليت جو سامان متاثر علائقن ڏانهن روانو ڪيو

    الخدمت فائونڊيشن طرفان مخير حضرات جي تعاون سان جمعي ڏينهن 60 لک روپين جي ماليت جو ڏهن ٽرڪن تي ٻڌل امدادي سامان اڄ برسات متاثر علائقن ڏانهن روانو ڪري ڇڏيو.امدادي سامان ۾ خشڪ اشن،دوائون،کنڊ،اٽو،گيهه،سڪوکير،چانهه،پيئڻ جو صاف پاڻي ۽ خيما پڻ شامل آهن .الخدمت فائونڊيشن پاڪستان جي صدر نعمت الله خان پننجي نگراني ۾ سامان کي روانو ڪيو.ياد رهي ته هي سامان برسات متاثرضلعن ٽنڊو الهيار،ميرپور خاص،بدين،عمر ڪوٽ،ٽنڊو باگو۽ جهڏي موڪليو ويو آهي.جتي الخدمت ۽ جماعت اسلامي جا اڳواڻ اهو سامان ورهائيندا

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button