سنڌ سماچار
-
سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي وي سي 35 ڪچن ملازمن ۾ پڪا آرڊر ڏنا
سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر عبدالقادر مغل چيو آهي ته يونيورسٽي جا ملازم يونيورسٽي جي خوبصورتي جا ضامن آهن ۽ هنن اداري جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، هن اها ڳالهه يونيورسٽي جي 35-ڪچن ملازمن ۾ پڪا آرڊر ڏيڻ واري تقريب کي صدارتي خطاب ڪندي چئي، هن چيو ته يونيورسٽي جي جڏهن به مشڪل مرحلو آيو ته يونيورسٽي جي ملازمن سخت محنت ڪئي ۽ خاص طور تي يونيورسٽي جي بجيٽ جي کوٽي جي ڏينهن ۾ ملازمن پنهنجي هڪاري ڪردار ادا ڪيو ۽ اڄ يونيورسٽي جي خوبصورتي ۽ ليبارٽرين ۾ ٿيندڙ تحقيق ۾ ملازمن جو ڪم نظر ايندو آهي
وڌيڪ پڙھو -
ايراني حڪومت جي اعلٰي سطحي وفد جو ٺٽي جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو. سنڌ حڪومت جي ٻوڏ متاثرين جي امداد، بحالي ۽ خصوصن انفرا اسٽرڪچر جي نئين سر تعمير ۾ مدد ڪرڻ جو اعلان.
ايراني حڪومت سنڌ حڪومت کي ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۽ انهن جي آبادڪاري لاءِ انفرا اسٽرڪچر جي ٻيهر تعمير ۾ مدد ڪرڻ جو يقين ڏياريو. اهڙو اعلان ايراني حڪومت جي هڪ اعلٰي سطحي وفد ايران حڪومت جي نائب وزير ۽ ايران ڪرائسس مئنيجمينٽ جي سربراه جناب قدمي جي اڳواڻي ۾ اڄ سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو شروع ڪندي ٺٽي پهچي ڪيو. ٺٽي پهچڻ تي ڊي سي او ٺٽو محمد جعفر عباسي ۽ اي ڊي او روينيو حفيظ احمد سيال ايراني وفد کي ٻوڏ ۽ برساتن سبب ضلعي ٺٽي کي پهتل نقصانن بابت بريفنگ ڏيندي آگاه ڪيو ته 220 ملي ميٽر برسات ۽ ايل بي او ڊي جي سم نالن سبب ٺٽي ضلعي جي ٻن تعلقن جاتي ۽ ميرپور بٺورو ۾ تباهي آئي ۽ 187000 ماڻهو متاثر ٿيا، جڏهن ته 35666 ايڪڙن تي بيٺل فصل پڻ تباه ٿي ويا. وفد کي ٻڌايو ويو ته 629 ڳوٺن کي نقصان پهتو
وڌيڪ پڙھو -
خيرپور پوليس گذريل مھيني 27 ڌاڙيل، 368 روپوش، 10 اشتهاري ڏوهاري گرفتار ڪيا: ايس ايس پي
ايس ايس پي خيرپور عرفان بلوچ سيپٽمبر مهيني 2011 جي ڪارڪردگي رپورٽ جاري ڪندي ڄاڻايو آهي ته گذريل مهيني دوران پوليس مختلف ڪارروايون ڪندي 27 ڌاڙيل، 368 روپوش، 10 اشتهاري ڏوهاري گرفتار ڪيا آهن جڏهن ته ٻه ڌاڙيل پوليس مقابلي ۾ مارجي ويا. ڪارڪردگي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ضلعي پوليس خيرپور ضلعي جي مختلف علائقن ۾ ڏوهارين خلاف ڪارروايون ڪندي 02 ڪلاشنڪووز، 12 عدد بندوقون، 22 عدد پسٽل، هڪ عدد رائيفل، 04 عدد ريوالور، 04 ڪيربين، 35 ڪارتوس ۽ 82 گولين جا رائونڊ پڻ هٿ ڪيا ويا آهن. جڏهن ته اهڙي طرح ضلعي پوليس ٻيون ڪارروايون ڪندي 9 ڪلو 960 گرام چرس، 9 ڪلو 500گرام ڀنگ، 155 گرام هيروئين ۽ 6 عدد شراب جون بوتلون پڻ هٿ ڪيون آهن.
وڌيڪ پڙھو -
شڪارپور پوليس جو ميڊيڪل اسٽور تي ڇاپو، دوائن جي آڙ ۾ شراب جو وڪرو
شڪارپور شهر جي مشهور علائقي صدر بازار ۾ ميڊيڪل اسٽور تي ڇاپو ، اعلي درجي جون 30 بوتلون برآمد ، تفصيل موجب صدر بازار ۾ قائم عباس ميڊيڪل اسٽور جيڪو روني ڪمار عرف سنجي بابا هلائيندو آهي پوليس کي خفيه اطلاع مليو ته روني ڪمار پنهنجي ميڊيڪل اسٽور تي شراب وڪڻي رهيو آهي اهڙي اطلاع تي ايس ايڇ او نيو فوجداري نور محمد جگرو ڇاپو هڻي شراب جي بوتلن سميت ملزم کي سڳ سوڌو گرفتار ڪري ورتو جنهن تي ملزم روني ڪمار ايس ايڇ او نور محمد کي ڌهمڪيون پڻ ڏنيو ته مون جي پهچ مٿي تائين آهي توهان کي مان ڊسمس ڪرائيندس
وڌيڪ پڙھو -
يونيورسٽي جا ملازم يونيورسٽي جي خوبصورتي جا ضامن آهن: ڊاڪٽر عبدالقادر مغل
سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر عبدالقادر مغل چيو آهي ته يونيورسٽي جا ملازم يونيورسٽي جي خوبصورتي جا ضامن آهن ۽ هنن اداري جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، هن اها ڳالهه يونيورسٽي جي 35-ڪچن ملازمن ۾ پڪا آرڊر ڏيڻ واري تقريب کي صدارتي خطاب ڪندي چئي، هن چيو ته يونيورسٽي جي جڏهن به مشڪل مرحلو آيو ته يونيورسٽي جي ملازمن سخت محنت ڪئي ۽ خاص طور تي يونيورسٽي جي بجيٽ جي کوٽي جي ڏينهن ۾ ملازمن پنهنجي هڪاري ڪردار ادا ڪيو ۽ اڄ يونيورسٽي جي خوبصورتي ۽ ليبارٽرين ۾ ٿيندڙ تحقيق ۾ ملازمن جو ڪم نظر ايندو آهي
وڌيڪ پڙھو -
برسات جي ٻن مھينن باوجود به ٺري ميرواھ ۾ پاڻي نيڪال نه ٿيو
ٺري ميرواه تعلقي ۾برساتي تباهي پاڻي 2 مهينا گڊرڻ باوجود نيڪال نه ٿيو انيڪ بيمارن سبب 15 ماڻهو فوت ٿي چڪا تعلقي جي يوسيز ٺري ، هنڊياري،صبڙ رند اڃا تائين پاڻي جي گهيري هيٺ ڳوٺ ظفر علي شر ،زوار حسين ، سجاول فقير موٿر، ڍ يڍاڻو ۽ بين علائقن ۾ 3 کان 4 فوٽ پاڻي بيٺل پاڻي بيهڻ ڪري انيڪ بيماريو پکرجي ويو بيمارين سبب 15 ماڻهون فوت ٿي چڪا تعلقي ا ختيارين ڪو ب تحرڪ ن ورتوٺري ميرواه تعلقي جي مختلف علائقن بوزدار وڏا ،ظفر علي شر ،رسول پور ،هنڊياري ،عبدالغني شر، صبڙ رند ملان بانڀن،لياقت چنو ،کرڙي ،فقير سجاول ،جواڻ شر ۽ ٻين ڪيترن ئي ڳوٺن مان 2 مهينا گذرڻ باوجود برساتي پاڻي نيڪال ن ٿي سگھيو
وڌيڪ پڙھو -
ڪارو ڪاري جي الزام هيٺ هڪ اشتهاري ڏوهاري قتل، پوليس طرفان پوليس مقابلو ڄاڻايو ويو
ڪارو ڪاري جي الزام هيٺ هڪ اشتهاري ڏوهاري قتل سندس لاش هڪ ڪلاڪ تائين واقعي واري هنڌ پيل رهيو بعد ۾ پوليس کي اطلاع ملندي ئي لاش کي پوليس پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو ، مقابلي جي دعوي . تفصيل موجب هڪ اشتهاري ڏوهاري اربيلو ٻٻر ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪيو ويو اهو واقعو ڳوٺ محمد اسمائيل سندراڻي ۾ پيش آيو ذرائع کان معلوم ٿيو آهي ته هڪ خفيه ڊيل تحت پنج مهينا اڳ اربيلو ٻٻر پاڻ پوليس وٽ پيش پيو هيو ملزم تي رکيل پنج لک روپيا انعام واري رقم کيس کي ئي ڏني ويندي ۽ سندس ڪيسن جي پيروي به نه ڪئي ويندي ان ڊيل تحت ملزم گرفتاري پيش ڪئي ۽ چئن مهينن ۾ ئي آزاد ٿئي ويو ان وقت جي ايس ايڇ او ۽ اهلڪارن پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکاريندي پنهنجي ترقي جي سفارش به ڪري ڇڏئي هئي پوليس ڪنهن به ڪيس جي پيروي نه ڪئي
وڌيڪ پڙھو -
شڪار ۾ انتظاميه جي نااھلي سبب گندي پاڻي جي نيڪال نه ھجڻ ڪري بيماري پکڙجڻ لڳيون
شڪارپور شهر جي ساهڙ محلي ۾ انتظاميه جي بي ڌياني سبب گندي پاڻي جو نيڪال نه هئڻ سبب پاڻي ساهڙ محلي جي گهرن ۾ ڪاهي پيو ، علائقي واسين جو ٽي ايم او ۽انتظاميه خلاف سخت احتجاج . تفصيل موجب شڪارپور شهر جي مشهور علائقي اسٽور گنج لڳ مختيارڪار آفيس جي ساهڙ محلي ۾ ڪني تلا۽ جو پاڻي علائقي واسين جي گهرن ۾ ڪاهي پيو پاڻي گهرن ۾ اچڻ سبب علائقي واسين جو ٽي ايم او آغا جلال الدين پٺاڻ ۽ نظير سومرو خلاف سخت احتجاج ڪيو ۽ چيو ته هتي هڪ ننڍو موٽر لڳل آهي جيڪو به خراب پيو آهي پاڻي جي نيڪال نه ٿيڻ سبب گندو پاڻي اسان جي گهرن ۾ ڪاهي پيو آهي گندي پاڻي گهرن ۾ اچڻ سبب هڪ ته اسان جو جڳهون ڪري رهيون آهي
وڌيڪ پڙھو -
خيرپور ۾ برسات جي ڪري 9 لک 66 ھزار ماڻھو متاثر
خيرپور ضلعي اندر برسات سبب ٿيل نقصان جا انگ اکر مختلف ذريعن وٽان هن ريت مليا آهن خيرپور ضلعي ۾ برسات سبب 9 لک 66 هزار ماڻهو متاثر ۽3 لک 25 هزار ايڪڙ فصل تباه ٿي چڪو ٺري ميرواه،فيض گنج۽نارو تعلقا سخت متاثر ٿيا 4 لک 35 هزار ايڪڙ زمين متاثر ،50 هزار کان وڌ يڪ گهرن کي نقصان پهتو 300 کان وڌ يڪ اسڪولي عمارتن کي نقصان پهتو600 ڪلوميٽرن تائين روڊن کي پڻ نقصان پهتو سڄي ضلعي ۾10 لک کان وڌ يڪ ماڻهون متاثر ٿيا آهن 4 لک 25 هزارکان ايڪڙن زمين متاثر ٿئي آهي ۽ 3 لک ايڪڙن کان وڌ يڪ بيٺل فصل تباه ٿيو آهي جڏهن ت 50 هزار کان وڌ يڪ گهر مڪمل طور تباه ٿيا آهن ساڳي طرح 300 کان وڌ يڪ سرڪاري اسڪولي عمارتون پڻ تباه ٿيون آهن
وڌيڪ پڙھو -
سلطان ڪوٽ ۾ پٺاڻ برادري ۾ تڪرار ٻه ڄڻا مارجي ويا
شڪارپور جي شهر سلطان ڪوٽ ۾ پٺاڻ برادري جي تڪرار ۾ ٻه ڄڻا مارجي ويا ۽ چار ڄڻا شديد زخمي تفصيل موجب شڪاپور شهر جي نزديڪ سلطان ڪوٽ شهر ۾ آغا مجن ۽ آغا معشوق پٺاڻ جي ملازمن ۾ آغا مجن جي شيل جي پئٽرول پمپ تي معلومي ڳالهه تان جهيڙو ٿئي پيو جهيڙي ۾ جديد هٿيارن جو هڪ ٻئي تي کلي عام استعام ڪيو ويو جهيڙي جي نتيجي ۾ غلام مصفطي بروهي ويٺل سنڌ واه ۽ پپو عرف الاهي بخش ڪاڪيپوٽو ٿڏي تي مارجي ويا ۽ چار ڄڻا شديد زخمي ٿئي پيا زخمين ۾ شانگري لوڊرو ، آغا معشوق پٺاڻ، عبدالحڪيم ، سعيد خان سخت زخمي ٿئي پيا قتل ٿئي ويل لاشن کي رورل هيلٿ سينٽر ۾ آندو ويو جتي سندن لاشن جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويو
وڌيڪ پڙھو