سنڌ سماچار

  • خيرپور هيريٽيج ويلفيئر طرفان ٺري ميرواھ ۾ ھڪ روزه مفت طبي ڪيمپ لڳائي ويئي

    خيرپور هيريٽيج ويلفيئر اين جي اوز ۽ خيرپور سنڌ برادري جي طرفان ميرواه تعلقي جي يوسي صبڙ رند جي ڳوٺ ظفر علي شر ۾ هڪ روزه فري ميڊيڪل ڪيئمپ لڳائي وئي جنهن ۾ سنڌ جي مشهور ڊاڪٽرن ۽ ليڊي ڊاڪٽرياڻين شرڪت ڪئي برسات متاثرين 800 کان وڌيڪ مريضن ڳوٺاڻن کي مفت دوائون ۽ مشهورا پڻ ڏنا ويا واضع رهي ت هي فري ميڊ يڪل ڪيئمپ خيرپور رياست جي والي مير مهدي رضا جي سهڪار سان لڳائي وئي سوين برسات متاثرين ۾ مفت دوائون مهيا ڪرڻ منهجي ذميواري ۾ شامل آهي عوام جي ڀلائي لاءَ قدم کنيا ويندا ۽ هر وقت عوام جي خدمت ڪرڻ کي عبادت سمجهان ٿو

    وڌيڪ پڙھو
  • مسلم ليگ ن لانگ مارچ ڪري ملڪ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 1990 وارو واقعو دهرائي رهي آهي: خورشيد شاھ

    )وفاقي وزير مذهبي امور سيد خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته مسلم ليگ ن لانگ مارچ ڪري ملڪ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 1990 وارو واقعو دهرائي رهي آهي، هن ماضيءَ مان ڪو به سبق نه سکيو آهي ۽ پنهنجو لانگ مارچ ڪري شوق پورو ڪري وٺي، ججن جي بحالي ان جي لانگ مارچ سان نه پيپلز پارٽيءَ جو ڪارنامو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي ڪيون. هن وڌيڪ چيو ته مسلم ليگ ن جي رويي جي ڪري ملڪ ۾ 10 سالن تائين مارشل لا نافذ رهيو ۽ انهن جي لانگ مارچ سان اسان تي ڪو به فرق نه پيو آهي، هن چيو ته پنجاب وفاق کي فوج ڪشي جي تياري ڪري رهيو آهي،

    وڌيڪ پڙھو
  • سينيٽر اسلام الدين شيخ کي پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان سينيٽ ۾ چيف وهپ مقرر ڪرڻ جي خوشيءَ ۾ سکر ۾ ريلي

    سکر سان تعلق رکندڙ سينيٽر اسلام الدين شيخ کي پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان سينيٽ ۾ چيف وهپ مقرر ڪرڻ جي خوشيءَ ۾ جناح ويلفيئر ايسوسئيشن سکر جي جنرل سيڪريٽري اصلاح الدين شيخ جي اڳواڻيءَ ۾ ريلي ڪڍي وئي. ريليءَ ۾ حاجي فيض محمد قريشي، امير الدين شيخ، نعيم بيگ، رفيق ميراڻي، منير راجپوت ۽ ٻين سماجي رهنمائن شرڪت ڪئي. ريليءَ ۾ شرڪت ڪندڙن جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ کنيل هئا جن تي صدر آصف زرداري، وزير اعظم يوسف رضا گيلاني ۽ سينيٽر اسلام الدين شيخ جي حق ۾ نعرا لکيل هئا. ريليءَ کي جناح ويلفيئر ايسوسئيشن جي جنرل سيڪريٽري اصلاح الدين شيخ خطاب ڪندي چيو ته اسلام الدين شيخ هميشه سکر جي عوام جي بي لوث خدمت ڪئي آهي ۽ سکر جا ڪيترائي مسئلا حل ڪيا آهن

    وڌيڪ پڙھو
  • اڄ 4 وڳي حضرت قادر بخش جي مزار تي محفل مشاعرو ٿيندو

    سنڌ ۽ هنڌ جي عظيم صوفي مفڪر، عالم ۽ شاعر حضرت قادر بخش بيدل جي 143 هين سالياني عرس مبارڪ جي ٻئي ڏينهن تي مهنديءَ جي رسم ادا ڪئي وئي ۽ راڳ رنگ جي محفل شروع ٿي، جنهن ۾ مقامي فنڪارن صوفياڻا راڳ ڳائي عقيدتمندن کي جهومائي ڇڏيو. اڄ 4 وڳي محفل مشاعرو ٿيندو ۽ 6 وڳي بيدل ادبي ڪانفرنس بيدل آڊيٽوريم هال ۾ منعقد ٿيندي جنهن جو مهمان خاص وفاقي وزير مذهبي امور سيد خورشيد احمد شاهه هوندو

    وڌيڪ پڙھو
  • ڪتي جي ڏاڙھيل 12 سالن جي نينگري فريدا کي ڊيوٽي ڏيندڙ ڊاڪٽر انجيڪشن نه هجڻ جو چئي کين موٽائي ڇڏيو

    سکر جي شمس آباد واري علائقي جي رهواسڻ 2 1 سالن جي نينگري فريدا ڌيءَشيرمحمد مهر کي ڪتي ڏاڙهي وڌو جنهن کي شام ڌاري سول اسپتال پهچايو ويو ته ڊيوٽي ڏيندڙ ڊاڪٽر انجيڪشن نه هجڻ جو چئي کين موٽائي ڇڏيو وارثن موجب ڊاڪٽر اڄ ڇنڇر تي اچڻ لاءِ چيو آهي ۽ هوڏانهن حڪومت پاران موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي جيڪڏهن اسان جي ٻارڙي کي ڪجهه به ٿيو ته ڊاڪٽر ۽ سول اسپتال انتظاميا ذميوار هوندي.

    وڌيڪ پڙھو
  • اخبارن ساڙڻ خلاف صحافين جو مظاھرو

    ) نا معلوم شرپسند پاران ٺري ميرواه ايندڙ سنڌي اخبارن بنڊلن کي باه ڏئي ساڙي ڇڏيو اهڙي واقئي خلاف ٺري ميرواه جي صحافين پاران مظاهرو ڪري ٺري ميرواه ٿاڻي جي آڏو ڌرڻو هنيو ۽ سنڌي اخبارون ساڙيندڙ جوبدارن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو

    وڌيڪ پڙھو
  • ڪنڌڪوٽ کان لاڙڪاڻي ويندڙ وين اسڪول کان موٽندڙ ٻار کي بچائيندي ڪلٽي

    ڪنڌڪوٽ کان لاڙڪاڻي ويندڙ وين اسڪول کان موٽندڙ ٻار کي بچائيندي ڪلٽي ٿيڻ سبب 3 مسافر فوت ۽ 6 عورتن سميت 15 مسافر شديد زخمي ، تفصيل موجب ڪنڌڪوٽ کان لاڙڪاڻي ويندڙ مسافر وين ڪرن شريف وٽ اسڪول کان ايندڙ ٻار کي بچائيندي ڪلڻي ٿيڻ سبب 3 مسافر فوت ٿئي ويا جن ۾ 40 سالا عبدالبصير ، 35 سالا مختيار منگي ۽ 7 سالن جو معصوم عبدالباقي اوڍو آهن جڏهن ته زخمين ۾ نصرالله ، سڪندر بروهي ، رياض حسين ، حبيب الله جتوئي ، توصيف احمد اوڍو ، حسين احمد بروهي ، مولا بخش ، ڪرم الله گولو ، مسمات خالده منگي ، مسمات جميلان ، مسمات جبائي بروهي ، مسمات خيئر بيبي معصوم ٻارن ۾ 2 سالا محمد قاسم ۽ 5 سالا ابراهيم قريشي شامل آهن

    وڌيڪ پڙھو
  • شڪارپور لڳ لڳ نامعلوم ھٿياربندن نيٽو جي ٽينڪرن تي فائرنگ ڪري ڏني، چار ٽينڪر مڪمل تباھ

    شڪارپور لڳ نامعلوم مسلح هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نيٽو جي 6 آئل ٽنڪرن تي ڇتي فائرنگ جنهن جي نتيجي ۾ نيٽو جا چار آئل ٽينڪر مڪمل طور تباه ٿئي ويا جڏهن ته ٻن آئل ٽينڪرن کي پوليس بچائي ورتو . تفصيل موجب شڪارپور شهر جي لڳ عبدال شاخ وٽ موٽر سائيڪل سوار ملسح هٿياربندن نيٽو جي آئل ٽينڪرن تي ان وقت فائرنگ شروع ڪري ڏني جڏهن اهي همايون ٿاڻي جي حد عبدال شاخ وٽان گذري رهيا هئا فائرنگ جي نتيجي ۾ نيٽو جا چار آئل ٽينڪر مڪمل طور تي سڙي ويا جڏهن ته ٻن آئل ٽينڪرن کي پوليس حفاظتي انتظام ڪندي سڙڻ کان بچائي ورتو

    وڌيڪ پڙھو
  • حضرت فقير قادر بخش بيدل جو 3 4 1 هون ساليانو عرس روھڙي ۾ شروع ٿي ويو

    سنڌ ۽ هنڌ جي عظيم صوفي شاعر، مفڪر ۽ عالم حضرت فقير قادر بخش بيدل جو 3 4 1 هون ساليانو عرس مبارڪ خميس کان شروع ٿي ويو ۽ ٽن ڏينهن جي تقريبن جو آغاز ٿي ويو آهي حضرت فقير قادر بخش جي سالياني عرس مبارڪ جو افتتاح ثقافت کاتي جي صوبائي سيڪريٽري عبدالعزيز عقيلي مزار تي چادر چاڙهي ڪئي، ان کانپوءِ محفل سماع شروع ٿي ان موقعي تي بيدل يادگار ڪميٽي جي سيڪريٽري اختر درگاهي پاران مزار ڀرسان بيدل آڊيٽوريم هال تعمير نه ٿيڻ سميت ٻيا به مسئلا پيش ڪيا

    وڌيڪ پڙھو
  • ٺٽي پوليس ٻن بدنام ڏوھارين کي گرفتار ڪري ورتو

    ٺٽي جي سي آئي اي پوليس پنج پنج لک رپيا انعام يافته ٻن بدنام ڏوهارين کي گرفتار ڪري ورتو، سندن تحويل مان هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعوا ، ٺٽي جي سي آئي اي پوليس سي آئي اي انچارج ناظم چانڊيو جي اڳواڻي ۾ ڇاپا هڻي پنج پنج لک رپيا انعام يافته ٻن بدنام ڏوهارين سبحان بروهي ۽ علي ملاح کي گرفتار ڪري ورتو آهي پوليس موجب انعام يافته ڏوهاري سبحان بروهي جي تحويل مان هڪ رپيٽر ۽ ڪارتوس ۽ علي ملاح جي حراست مان هڪ ڪلاشن ڪوف برآمد ڪري کين جيل موڪليو ويو آهي

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button