شڪارپور

ڪنڌڪوٽ کان لاڙڪاڻي ويندڙ وين اسڪول کان موٽندڙ ٻار کي بچائيندي ڪلٽي

shikarpur شڪارپورشڪارپور (وحيد ڦلپوٽو) ڪنڌڪوٽ کان لاڙڪاڻي ويندڙ وين اسڪول کان موٽندڙ ٻار کي بچائيندي ڪلٽي ٿيڻ سبب 3 مسافر فوت ۽ 6 عورتن سميت 15 مسافر شديد زخمي ، تفصيل موجب ڪنڌڪوٽ کان لاڙڪاڻي ويندڙ مسافر وين ڪرن شريف وٽ اسڪول کان ايندڙ ٻار کي بچائيندي ڪلڻي ٿيڻ سبب 3 مسافر فوت ٿئي ويا جن ۾ 40 سالا عبدالبصير ، 35 سالا مختيار منگي ۽ 7 سالن جو معصوم عبدالباقي اوڍو آهن جڏهن ته زخمين ۾ نصرالله ، سڪندر بروهي ، رياض حسين ، حبيب الله جتوئي ، توصيف احمد اوڍو ، حسين احمد بروهي ، مولا بخش ، ڪرم الله گولو ، مسمات خالده منگي ، مسمات جميلان ، مسمات جبائي بروهي ، مسمات خيئر بيبي معصوم ٻارن ۾ 2 سالا محمد قاسم ۽ 5 سالا ابراهيم قريشي شامل آهن رستي کان گذرندڙ راهگيرن ۽ ايڌهي وارن مسافرن کي سول اسپتال پهچايو جڏهن ته سول اسپتال شڪارپور ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي جتي زخمي عورتن کي فرسٽ ايڊ ڏني وئي ۽ سيريز مريضن کي سول اسپتال لاڙڪاڻي ريفر ڪيو ويو جڏهن ته ڪرن شريف ۽ لکي در ٿاڻي جي پوليس اڌ ڪلاڪ دير سان پهچي ڪري اتي بيٺل ماڻهن کان مواد وٺڻ لڳي ۽ سول اسپتال ۾ بيٺل ماڻهن کي هٽائي ڪري ڪڙو چاڙهي ڇڏيو
جڏهن ته سڄي شهر ۾ سوڳ واري صورتحال طاري ٿئي وئي آهي .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button