سنڌ سماچار

  • مخالف ميان نواز شريف جي سنڌ جي دوري دوران متاثرن جي امداد ڪرڻ کان بوکلائجي ويا آهن: ميمبر غلام شبير دايو ايڊووڪيٽ

    پاڪستان مسلم ليگ ن سکر ڊويزن جي آرگنائيزر ڪميٽيءَ جي ميمبر غلام شبير دايو ايڊووڪيٽ چيو آهي ته ميان نواز شريف اندروني سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن جي بي لوث خدمت ۽ امدادي سامان تقسيم ڪري رهيو آهي مخالف ميان نواز شريف جي سنڌ جي دوري دوران متاثرن جي امداد ڪرڻ کان بوکلائجي ويا آهن ۽ منفي پروپئگنڊا جي پاليسي اختيار ڪئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي آفيس ۾ مختلف وفدن سان ڳالهيون ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان مسلم ليگ ن جي صدر نواز شريف ملڪ ۽ قوم جو خيرخواه آهي ان کي اقتدار جي نه عوام جي خدمت سڀ کان وڌ يڪ عزيز آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان ضلع سکر طرفان انساني حقن جو عالمي منشور ۽ رواداري جو موضوع تي پروگرام ٿي گذريا

    هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان ضلع سکر طرفان ضلعي ڪور گروپ ڪو آرڊينيٽر شاڪر جمالي جي سربراهي ۾ گورنمينٽ ڊبل اليڪشن هائي اسڪول سکر ۽ گورنمينٽ ڪمپريهينسو هائير سيڪنڊري اسڪول ۾ انساني حقن جو عالمي منشور ۽ رواداري جو موضوع تي پروگرام ٿي گذريا. رواداري جي موضوع تي ضلعي ڪور گروپ ڪو آڊينيٽر شاڪر جمالي چيو ته اسلام اسان کي هڪجهڙائي، پيار محبت جو درس ڏنو آهي، حديث پاڪ ۾ آهي ته ڪنهن به عربي کي عجمي تي ۽ عجمي کي عربي تي ڪا به فوقيت ناهي. اسين سڀ پاڪستاني آهيون، اسان سڀ تي ڀائيچاري، ايڪي ۽ ٻڌي سان رهون ۽ نه ئي ڪنهن کي گهٽ سمجهون ڀلي اهو مسلم هجي يا غير مسلم، دل مان بغض ڪينو ۽ ساڙ ڪڍي ڇڏيون ته اسان جون ملڪ خوشحالي طرف وڌندو

    وڌيڪ پڙھو
  • روھڙي جي ميراڻي برادري جو ماڻهن جوابدارن جي گرفتاري سکر ۾ مظاھرو

    روهڙي جي علائقي جهانگڙو جي رهائشي ميراڻي برادري جي ماڻهن جوابدارن جي گرفتاري خلاف سعيد سرهندي روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ نعريبازي ڪئي، مظاهري جي قيادت شير محمد، محمد يوسف ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا، ان موقعي تي هنن ميڊيا کي ٻڌايو ته گذريل ڏينهن اسان جي برادري جا ماڻهو روز وانگر درياءَ ۾ ٻيڙي جي ذريعي ڄار وجهڻ لءِ مڇيون پڪڙي رهيا هئا ته اچانڪ انهن تي جاگيراڻي برادري جي ماڻهن حملو ڪري فائرنگ ڪري اياز احمد ميراڻي کي زخمي ڪيو ۽ اسان جي ماڻهن کان ڄار کسي ٻيڙي تي قبضو ڪري ڇڏيو

    وڌيڪ پڙھو
  • اصل عبادت غريب ماڻهن جي خدمت ڪرڻ آهي: اقبال خان بجاراڻي

    سجاڳ سماجي اتحاد ايسوسيئيشن ڪرم پور جي چيئر مين اقبال احمد خان بجاراڻيچيو آهي اصل عبادت غريب ماڻهن جي خدمت ڪرڻ آهي انسانيت جي ناتي همدردي ڪرڻ سان روحاني سڪون ملي ٿو اقبال احمد خان بجاراڻي وڌيڪ چيو ٺري مير واه برسات متاثرعلائڪن ۾ مسلسل ٽن مهينن تائين مفت ميڊيڪل ڪيمپون لڳايون وينديون ۽ برسات متاثرن جي هر ممڪن مدد ڪئي ويندي انهن جو اهنج اسان جو اهنج آهي برسات متاثرين جي ڏک سک ۾ گڏ آهيون سرمائيدارن کي گهرجي برسات متاثرين جي بنا فرق جي خدمت ڪن .

    وڌيڪ پڙھو
  • حڪومت پاڪستان ريلوي کي مالي بحران مان ڪڍڻ لاءِ سڄي ملڪ ۾ ريلوي جي کربين روپين جي قبضي ڪيل ايراضيءَ تان قبضا ختم ڪرائڻ جو اصولي فيصلو ڪري ورتو

    حڪومت پاڪستان ريلوي کي مالي بحران مان ڪڍڻ لاءِ ۽ ان تي منافع بخش ادارو بنائڻ لاءِ سکر سميت سڄي ملڪ ۾ ريلوي جي کربين روپين جي قبضي ڪيل ايراضيءَ تان قبضا ختم ڪرائڻ جو اصولي فيصلو ڪري ورتو. اهو فيصلو ريلوي انتظاميا پاران صدر آصف زرداري سان ملاقات بعد ڪيو ويو، ذريعن مطابق ريلوي انتظاميا صدر کي تجويز ڏني ته سڄي ملڪ ۾ ريلوي جي لکين ايڪڙ زمين تي قبضا ڪيل آهن ۽ ايرا ضي کان قبضا ختم ڪرائي ليز تي ڏنا وڃن ته ريلوي نه صرف خساري مان نڪري منافع بخش ادارو ٿي ويندو بلڪه اربين روپين جي آمدنيءَ کان علاوه کاتي جي مٿان 0 4 ارب روپين جو قرض به لهي ويندو. ريلوي جي تاريخ جي سنگين ترين مالي بحران مان ڪڍڻ لاءِ وڌيڪ قرض وٺڻ بدران اداري جي ايراضيءَ تان قبضا ختم ڪرائڻ تي توجهه ڏني وڃي

    وڌيڪ پڙھو
  • جيئي سنڌ متحدا محاذ ضلع سکر جي اڳواڻن ٻوڏ ۽ سيلاب ذريعي تباهه ٿيل سنڌين جي سهائتا نه ڪرڻ خلاف حڪومت دارن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو

    جيئي سنڌ متحدا محاذ ضلع سکر جي اڳواڻن اعجاز چاچڙ، لياقت چنه، جاني شيخ جي قيادت ۾ ٻوڏ ۽ سيلاب ذريعي تباهه ٿيل سنڌين جي سهائتا نه ڪرڻ خلاف حڪومت دارن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي مٿين اڳواڻن چيو ته دنيا جي عظيم ۽ لا زوال تهذيب يافته ملڪ ۽ سنڌي قوم کي حڪمران ۽ رياستي ادارا هٿ سان تباهه ڪري رهيا آهن. اسين بين الاقوامي برادري ۽ ويلفيئر ادارن کي اپيل ٿا ڪيون ته سنڌي قوم جي مدد ڪئي وڃي جو هتان جا حڪمران سنڌ کي هٿ سان تباهه ڪري رهيا آهن. اسين اقوام متحده، يورپي يونين ۽ بين الاقوامي براداري سنڌيءَ ريت سنڌي ماڻهن جي خوشحالي لاءِ تعاون ڪن ۽ دنيا جي عظيم تهذيب يافته ملڪ سنڌ کي بچائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن

    وڌيڪ پڙھو
  • سکر ۾ 12 ڏينھن ۾ هڪ ٻي ڊولفن مرده حالت ۾ برآمد

    سکر ۾ هڪ ٻي ڊولفن مرده حالت ۾ برآمد، ڊولفن جي موت 12 ڏينهن اڳ ٿيل آهي جنهن جي لاش اڄ ملي آهي وائيلڊ لائيف خبر موجب: سکر جي وٽان سنڌو درياءَ جي سکر بئراج جي گيٽ نمبر 24 وٽان هڪ ٻي مادي ڊولفن جي لاش ملي آهي، جنهن جو قد 6 فوٽ ۽ وزن چاليهه ڪلو گرام آهي، وائيلڊ لائيف کاتي جي عملي کي اطلاع ملڻ تي پهچي ڪري ريسڪيو آپريشن جي ذريعي ڊولفن جي لاش درياءَ مان ڪڍي. ان سلسلي ۾ رابطي ڪرڻ تي وائيلڊ لائيف سکر جي ڊپٽي ڪنزويٽر تاج محمد شيخ ٻڌايو ته ڊولفن جي موت 12 ڏينهن اڳ ٿيل آهي،

    وڌيڪ پڙھو
  • زراعت، معيشيت، آبپاشي ماحوليات ۽ ٻين شعبن جي بحالي بابت منصوبا جوڙڻ لاءِ يونيورسٽي جا اسڪالر پنهنجو ڪم شروع ڪن: وائيس چانسلر سنڌ زرعي يونيورسٽي

    سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۽ پاڪستان سائنس فائونڊيشن جي گڏيل سهڪار سان تحقيقي ۽ تعميري منصوبا جوڙڻ جي حوالي سان ٻن ڏينهن جو ٽريننگ ورڪشاپ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر عبدالقادر مغل چيو آهي ته پاڪستان سائنس فائونڊيشن جي سهڪار سان ٻوڏ ۽ برسات سبب ٿيل تباهين کي منهن ڏيڻ لاءِ زراعت، معيشيت، آبپاشي ماحوليات ۽ ٻين شعبن جي بحالي بابت منصوبا جوڙڻ لاءِ يونيورسٽي جا اسڪالر پنهنجو ڪم شروع ڪن ۽ جڏهن ته کاڌخوراڪ کي بهتر ۽ سستي اگهن ۾ دستيابي، غربت جي روڪڻ لاءِ منصوبن تي جديد بنيادن تي تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • ماروي ميمڻ ھن سال به 27 آڪٽوبر تي لائين آف ڪنٽرول وٽ احتجاجي ڌرڻي جو اعلان ڪري ڇڏيو

    قومي اسيمبليءَ جي اڳوڻي ميمبر ماروي ميمڻ هن ڀيري به 27 آڪٽوبر تي لائين آف ڪنٽرول وٽ احتجاجي ڌرڻي جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ڀارت مظلوم ڪشميرين تي جيڪا جاريحت استعمال پيو ڪري اها ناقابل برداشت آهي کيس ظلم ڪرڻ بجاءِ مسئلي جو حل ڳولهڻ گهرجي ان ڌرڻي ۾ ملڪ جا نوجوان ڀرپور نموني شرڪت ڪنداجڏهن ته ملڪ اندر حڪمران عوام مسئلن کي حل ڪرڻ بدران لٽ مار ۽ ناٽڪ بازي پيا ڪن رڳو ڪراچي ئي نه پر پوري ملڪ اندر ڀتاخور موجود آهن رڳو فرق اهو آهي ته ڪي ننڍا ڀتاخور آهن ته ڪي وڏا جيڪڏهن شهيد محترمه بينظير ڀٽو موجود هجي ها ته روزگار ۽ نوڪريون مستقل ڪرڻ خاطر مرد ۽ عورتون اهڙي حالتن ۾ روڊن تي نه هجن ها اهڙو اظهار هن گذريل رات دير سان سکر نيشنل پريس ڪلب پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو.

    وڌيڪ پڙھو
  • سجاڳ سماجي اتحاد ايسوسيئشن پاران ٺري ميرواھ جي مختلف ڳوٺن ۾ مفت طبي ڪيمپون لڳايون ويون

    سجاڳ سماجي اتحاد ايسوسيئشن پاران ٺري ميرواه جي برسات متاثرين جي مختلف ڳوٺن ۾ مفت ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي وئي جنهن ۾ مفت ۾ ڊليوريون پڻ ڪيون ويون ڳوٺ محب علي شر ڳوٺ حامد لاشاري ڳوٺ ابل ويسر ڳوٺ سجاول فقير لاشاري۽ ٻين ڳوٺن ۾ ڪيمپون لڳايون مفت ميڊيڪل ڪيمپن ۾ ڊاڪٽر زڪيا ميمڻ سونيا قريشي عورتن جو چڪاس ڪيو ۽ مفت دوائون فراهم ڪيون ان موقئي تي سجڳ سماجي اتحاد ايسوسيئيشن جي صدر مير اقبال خان بجاراڻي صحافين ڳالهائيندي چيو اسان پنهنجي تنظيم جي پليٽ فارم تحت نج انساني همدردي خاطر مفت ڪيمپون هڻي برسات متاثرين جي مدد ڪري رهيا آهيون

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button