سنڌ سماچار

  • نواز ليگ جي ڪامياب احتجاجي گو زرداري گو ريليءَ سان حڪمرانن جون ننڊون اڏري ويون آهن: غلام شبير دايو

    پاڪستان مسلم ليگ ن سکر ڊويزن جي آرگنائيزنگ ڪميٽي ۽ سنڌ لائيرز فورم جي ميمبر غلام شبير دايو ايڊووڪيٽ، سليم اختر مغل، ذيشان بخاري، عبدالغفار راجپوت، احمد جتوئي، ۽ ٻين لاهور ۾ مسلم ليگ ن جي گو زرداري گو جي ريليءَ جي ڪاميابيءَ تي مسلم ليگ ن جي قائدين ۽ ڪارڪنن تي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته نواز ليگ جي ڪامياب احتجاجي گو زرداري گو ريليءَ سان حڪمرانن جون ننڊون اڏري ويون آهن ۽ هو بوکلائجي ويا آهن. هن چيو ته ڀٽو جي ڦاسيءَ تي خوشيون منائڻ وارا اڄ پ پ جا وفادار ٿي ڪري شاهه کان وڌيڪ شاهه جا وفادار ٿي رهيا آهن

    وڌيڪ پڙھو
  • 2 موڪلن وارو سلسلو فوري بند ڪيو وڃي: تاجر

    مرڪزي جمعيت علماءِ پاڪستان ضلع سکر ۽ انجمن تاجران شڪارپور روڊ جي صدر حاجي محمد انور وارثي چيو آهي ته هفتي ۾ 2 موڪلن وارو سلسلو فوري بند ڪيو وڃي، حڪومت پاران 2 موڪلون ڪرڻ سبب قومي معيشيت، صنعت ۽ تجارت ۽ ڪاروباري زندگي بدحاليءَ بعد بلڪل تباهه ڪرڻ لاءِ 2 ڏينهن جون موڪلون ڪري عوام کي معاشي مشڪلاتن،مهانگائي ۽ بيروزگاريءَ کي وڌايو ويو آهي، جنهن تي سڄي قوم کي گهري تشويش آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • هلال اهمر ٺٽو طرفان ٺٽي جي برسات سٽيل علائقن جي ماثرين لاءِ موبائيل ميڊيڪل ڪيمپ جي پھرئين مرحلي ۾ ٽي ھزار کان وڌيڪ مريضن جي مفت چڪاس

    هلال اهمر ٺٽو طرفان ضلعي ٺٽي جي برسات سٽيل علائقن جي ماثرين لاءِ موبائيل ميڊيڪل ڪيمپ شروعاتي مرحلي ۾ تعلقن ميرپوبٺورو، جاتي، ۽ تعلقي ٺٽي جي 3000 کان وڌيڪ مريض جي مفت چڪاس ڪري کين مفت دوائون فراهم ڪيون ويون آهن ته جيئن برسات بعد ڦهليل بيمارين تي ضابطو آڻي متاثر ۽ ڏورانهن علائقن جي غريب ماڻهن کي فيض ملي سگهي، اهڙن خيالن جو اظهار هلال اهمر ٺٽو جي هانرري سيڪريٽري حاجي محمد حنيف ميمڻ ٺٽي تعلقي جي يوسي ڇتوچنڊ جي ڳوٺ امير بخش جاکرو ۾ قائم ڪيل طبي ڪيمپ جي دوران ڪيو، هن چيو ته اسان ترجيحي بنيادن تي متاثر ۽ غريب ماڻهن ۽ خاص طور تي ٻارڙن جي صحت تي ڌيان ڏيئي رهيا آهيون ڇاڪاڻ ته صحت هزار نعمت آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • پ پ پ ڪي ختم ڪرڻ جا خواب ڏسندڙ اڍورا رهجي ويندا: پي پي صوبائي اڳواڻ

    مخالفن شريف ڀائرن اجائي واويلا پيا ڪن،پ پ پ ڪي ختم ڪرڻ جا خواب ڏسندڙ اڍورا رهجي ويندا،شريف ڀائر موجوده حڪومت جو مدو پورو ٿيندي ڏسي بوکلائجي ويا آهن ۽ عوام سندن اصل چهرا ڏسي ورتا آهن ڇاڪاڻن ت انهن جي سياست ڊونگ تي ٻڌل آهي انهن ڪڏهن عدليا جي آزادي جون ڳالهيون وري ڪڏهن جمهوريت جي بحالي جون ڳلهيون ڪري عوام کي بيوقوف بڻايو آهي هنن اهڙن خيا لن جو اظهار ٺري ميرواه تعلقي اندر مختلف ڳوٺن ظفر علي شر ۽ ٻين ڳوٺن جي دوري دوران پ پ پ جي صوبائي اڳواڻ نثار احمد بلوچ ،حاجي احمد بخش شر ۽ ٻين پ پ پ جي ورڪرن کي خطاب ڪندي ۽ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو

    وڌيڪ پڙھو
  • خانزاده راجپوت ويلفيئر وسيله فائونڊيشن جي ڪنوينشن ۽ پهرين بهادر ناهر خان راجپوت ايوارڊ جي تقريب حيدرآباد ۾ ٿي گذري

    خانزاده راجپوت ويلفيئر وسيله فائونڊيشن جي ڪنوينشن ۽ پهرين بهادر ناهر خان راجپوت ايوارڊ تقريب کي خطاب ڪندي خانزاده راجپوت ويلفيئر وسيله فائونڊيشن جي سربراهه راشد اختر خانزادي چيو ته برادري جي خدمت الله جي رضا لاءِ ڪري رهيا آهيون ۽ ان ڏس ۾ جيڪي ماڻهو اسان سان سهڪار ڪري رهيا آهن انهن جا ٿورائتا آهيون ۽ اسين چاهيون ٿا ته باهمي امداد جو اهو سلسلو جاري رهي – ان موقعي تي ڊاڪٽر صابر اختر خانزادي چيو ته برداري ۾ جيتري اتحاد جي ضرورت اڄ آهي ان کان اڳ ڪڏهن به نه هئي ۽ ان اتحاد لاءِ سمورن اختلافن کي پاسي تي رکي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • حڪومت اپوزيشن ۽ اتحادي اقتدار جي ٻيڙي ۾ سوار ٿي مفاهمت جي نالي تي مفادن جي سياست ڪري عوامي مسئلن ۽ مشڪلاتن کان بي خبر آهن: حاجي محمد جاويد ميمڻ

    سکر اسمال ٽريڊرز جي جنرل سيڪريٽري حاجي محمد جاويد ميمڻ چيو آهي ته بيروزگاري ۽ مهانگائيءَ جي ڪري غريب ۽ مفلس ماڻهن جي خودڪشين ۽ مرڻ جا واقعا حڪومت ۽ معاشري جي لاءِ ڳڻتي جوڳا آهن. هن چيو ته حڪومت اپوزيشن ۽ اتحادي اقتدار جي ٻيڙي ۾ سوار ٿي مفاهمت جي نالي تي مفادن جي سياست ڪري عوامي مسئلن ۽ مشڪلاتن کان بي خبر آهن هو پنهنجي آفيس ۾ بيروزگار ۽ تعليم يافته نوجوانن جي وفد سان گفتگو ڪري رهيو هو، هن چيو ته غربت جي خاتمي ۽ سرڪاري امدادي اسڪيمن جي ذريعي مستحق ماڻهن جي داد رسي ۽ حڪومتي دعويٰ خودڪشين جي واقعن کانپوءِ غير موثر ٿي رهيا آهن

    وڌيڪ پڙھو
  • جوڳي جاڳو اتحاد طرفان ناز باءِ پاس وٽ احتجاجي مظاهرو

    جوڳي جاڳو اتحاد سنڌ جي چيئرمين ساحل جوڳي، سيڪريٽري جنرل علي جوڳي، ڊاڪٽر رشيد جوڳي ۽ جوڳي برادريءَ پاران سکر جي سائيٽ ايريا پوليس جي نا اهلي ۽ مرڪزي وائيس چيئرمين علي شير جوڳي جي گهر ۾ ڌاڙي خلاف ناز باءِ پاس وٽ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، جنهن ۾ خيرپور، شڪارپور ۽ گهوٽڪي جي جوڳين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي جوڳين سائيٽ ايريا پوليس خلاف نعريبازي ڪندي چيو ته گذريل خميس ۽ جمعي جي وچ واري رات دير سان سبزي منڊي ڀرسان ڳوٺ خميسو جوڳي ۾ پنج کان مٿي هٿياربند داخل ٿي هيٿارن جي زور تي اپلائيڊ موٽر سائيڪل سي ڊي 0 7 ، سونا زيور، ڪپڙا، موبائيل سيٽ ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا

    وڌيڪ پڙھو
  • پاڪستان مسلم ليگ ن ۽ تحريڪ انصاف پاران حڪومت خلاف هلائي ويندڙ تحريڪون حڪومت کي هٽائي نٿيون سگهن: مولانا عبدالغفور حيدري

    جمعيت علماءِ اسلام جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ۽ سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر مولانا عبدالغفور حيدري چيو آهي ته پاڪستان مسلم ليگ ن ۽ تحريڪ انصاف پاران حڪومت خلاف هلائي ويندڙ تحريڪون حڪومت کي هٽائي نٿيون سگهن، پارليامينٽ پنهنجي مدت پوري ڪندي ملڪي مفادن خاطر غير جمهوري تحريڪن جو ساٿ نه ڏينداسين، اهڙن خيالن جو اظهار هن ضلعي سکر ۾ جي يو آءِ رهنما آغا سيد محمد ايوب جي رهائش گاهه تي پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي غريب ۽ مظلوم عوام پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ پاڪستان مسلم ليگ ن کان تنگ اچي چڪي آهي، پاڪستان جي عوام هڪ نئين قيادت جي خواهش مند آهي، جي يو آءِ پاڪستان جي در پيش مسئلن کان نجات ڏيارائڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • جيئي سنڌ قومي محاذ ضلع سکر جي پريس سيڪريٽري پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

    جيئي سنڌ قومي محاذ ضلع سکر جي پريس سيڪريٽري امام الدين محمداڻي، پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏيندي جسقم ضلعي سکر جي صدر غلام مصطفيٰ ڦلپوٽو تي الزام مڙهيندي چيو آهي ته غلام مصطفيٰ ڦلپوٽو ايجنسين جو ماڻهو آهي ۽ هٿ سان پارٽي اندر دوستن کي ٻڌرائي ٿو ۽ ڪارڪنن کي هٿ سان پاڻ ۾ ويڙهائي ٿو جنهن ڪري پارٽي تباهه ٿي رهي آهي، 4 مهينا اڳ نساسڪ جي مسئلي تي في ڪارڪن کان 0 2 هزار روپيه ورتا هئا ۽ 0 2 ڪارڪنن جا پئسا کائي ويو، امام الدين محمداڻيءَ چيو ته جسقم مرڪز کي به ضلعي صدر بابت شڪايتون ڪيون ويون، مگر انهن به ڪو نوٽيس نه ورتو

    وڌيڪ پڙھو
  • گو زرداري گو ريلي سان حڪومت جي ايوانن ۾ حل چل مچي وئي آهي: پاڪستان مسلم ليگ (ن) سکر

    مسلم ليگ ن جي صدر ميان نواز شريف جي اپيل تي ملڪ جي ٻين شهرن وانگر سکر ۾ به هڪ عظيم الشان احتجاجي گو زرداري گو ريلي مسلم ليگ ن سکر سٽيءَ جي صدر يونس راجپوت ۽ جنرل سيڪريٽري محمد عظيم عباسي پاران ڪڍي وئي جنهن جي اڳواڻي ضلعي نائب صدر ناصر لطيف، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري عاشق علي عباسي ڪئي، ريليءَ ۾ تعلقه 2 جي صدر الهداد بوزدار، جنرل سيڪريٽري خورشيد ميراڻي، روهڙي جي صدر فضل قادر، يامين عباسي، ڪاشف عباسي کان علاوه وڏي تعداد ۾ عهديدارن ۽ ميمبرن شرڪت ڪئي

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button