سنڌ سماچار

  • اي پي سي ۽ پارليامينٽ جي گڏيل ٺهراءَ جي باوجود ڊرون حملن حڪمرانن جي قول ۽ فعل ۾ تضاد ۽ پارليامينٽ کي عملي طور رٻڙ اسٽيمپ ثابت ڪري ڇڏيو آهي.جماعت اسلامي سنڌ

    جماعت اسلامي سنڌ جي اطلاعات سڪريٽري مجاهد چنا چيو آهي ته اي پي سي ۽ پارليامينٽ جي گڏيل ٺهراءَ جي باوجود ڊرون حملن حڪمرانن جي قول ۽ فعل ۾ تضاد ۽ پارليامينٽ کي عملي طور رٻڙ اسٽيمپ ثابت ڪري ڇڏيو آهي.جنهن حڪومت ۾ پنهنجي پارٽي جا ايم اين اي به حڪومتي نااهلي ۽ غلط پاليسين خلاف سراپا احتجاج بڻيل هجن اها سرڪار عوام جا ڪهڙا مسئلا حل ڪري ٿي

    وڌيڪ پڙھو
  • سکر جي تجارتي علائقن ۾ ڦر لٽ ۽ ڌاڙي جي وارداتن ۾ اضافو, سکر پوليس ڦر جون وارداتون روڪڻ ۾ ناڪام

    سکر (بيورو رپورٽ)سکر جي تجارتي علائقن ۾ ڦر لٽ ۽ ڌاڙي جي وارداتن ۾ اضافو، انور پراچه اسپتال روڊ تي واقع ڪمپيوٽر جي دڪان ۾ ڏينهن ڏٺي 3 نامعلوم هٿياربند داخل ٿي ڪري اسلحي جي زور تي يرغمال بڻائي ڪري لکين روپيه روڪ، ڪئميرائون، موبائل فون ڦر ڪرڻ بعد فرار، ڄاڻايل دڪان ۾ ڦر جي ٻئين واردات متاثر ٿيل شخص پاران ڦر جو سامان واپس ڪرڻ جو مطالبو، ٻئي صورت ۾ پاڻ ساڙڻ جو اعلان، 4 2 ڪلاڪن دوران شهر ۾ ڦر جي ٽئين وڏي واردات، سکر شهر ۾ ڌاڙيل راڄ قائم، سکر پوليس ڦر جون وارداتون روڪڻ ۾ ناڪام، سکر پوليس آفيسرن پاران پريس ڪانفرنس جي ذريعي ڪارڪردگي ڏيکارڻ تائين مجبور، شهري ۽ تاجر ڌاڙيلن جي رحم ڪرم تي ۽ پنهنجو پاڻ کي غير محفوظ سمجهڻ لڳا، خبر موجب سکر جي تجارتي علائقن ۾ ڦر لٽ ۽ ڌاڙن جي وارداتن ۾ ڏينهو ڏينهن تيزيءَ سان اضافو ٿي رهيو آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • ٺٽي ڀرسان قومي شاهراهه تي بس ۽ وين ۾ خوفناڪ ٽڪر، 23 مسافر اجل جو شڪار، 20 کان وڌيڪ زخمي

    ٺٽي ويجهو قومي شاهراهه تي مسافر وين ۽ بس ۾ خوفناڪ ٽڪر سبب وين ۾ سوار سمون مسافرن سميت 23 مسافر فوت ٿي ويا، وين مڪمل طور تباهه ٿي وئي، سومر واري رات مڪلي ٿاڻي جي حد ۾ برڪي غارم ڀرسان قومي شاهراهه تي ڪراچي وايا ٺٽو کان درگاهه شاهه يقيق ويندڙ مسافر بس الحفيظ سروس ۽ بدين وايا ٺٽي کان قائد آباد ڪراچي ويندڙ مسافر وين ۾ خوفناڪ ٽڪر ٿي پيو، جنهن سبب مسافر وين مڪمل تباهه ٿي کاهي ۾ ڪري پئي، ان ۾ سوار سمورا 22 مسافر فوت ٿي ويا، جڏهن ته بس ۾ سوار هڪ مسافر جي فوت ٿيڻ سبب فوتين جو انگ 23 ٿي ويو آهي فوتين ۾ اڪثر مسافرن جو تعلق بدين ضلعي سان ٻڌايو وڃي ٿو، جڏهن ته بس ۽ وين وچ ۾ پيش آيل حادثي وارو هنڌ مڪلي سول اسپتال کان 15 منٽن تي هجڻ باوجود انتظاميه جي لاپرواهي ڪري فوتين جي لاشن جي آمد جو اسپتال ۾ 2 ڪلاڪن تائين سلسلو جاري رهيو

    وڌيڪ پڙھو
  • ڦلترو سياستدانن گولاڙچي ۾ پ پ ريلي تي حملو ڪري ڪم ظرفي ڏيکاري: پيرمظهرالحق

    پيپلزپارٽي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي ميمبر سنڌ اسيمبلي ۾ پيپلزپارٽي جي پارلياماني ليڊر سينيئر وزير سنڌ پير مظهرالحق گولاڙچي ۾ پيپلزپارٽي جي ريلي تي ٿيل حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته صدر زرداري جي حمايت ۾ نڪتل پيپلزپارٽي جي ريلي تي حملو ڪرائي فلترو سياستدانن پنهنجي ڪم ظرفي جو ثبوت ڏنو آهي. هن چيو ته اهڙي واقعي تي پيپلزپارٽي جي سمورن ورڪرن ۾ سخت تاءُ پکڙيل آهي، جڏهن ته غصي جي هڪ سخت لهر ڦهلجي وئي آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • سنڌ ۾ حڪومت جهڙي ڪا شيءِ نظر ڪو نه ٿي اچي. قاتلن، ڌاڙيلن، چورن ۽ ڦورن پنهنجي حڪومت قائم ڪري ڇڏي آهي

    سنڌ نيشنل فرنٽ جي چيئرمين نواب ممتاز علي خان ڀٽو هڪ بيان ۾ چڪ ۾ ٽن هندن ڊاڪٽرن جي قتل تي سخت افسوس ۽ رنج جو اظهار ڪندي واقعي جو بيڪار ۽ ڪرپٽ حڪومت کي ذميوار بڻايو آهي ڇاڪاڻ جو سنڌ ۾ حڪومت جهڙي ڪا شيءِ نظر ڪو نه ٿي اچي. قاتلن، ڌاڙيلن، چورن ۽ ڦورن پنهنجي حڪومت قائم ڪري ڇڏي آهي ۽ جيئن وڻين ٿو تيئن ڪن ٿا، ڇو جو انهن کي روڪڻ وارو ڪوئي ڪونهي ۽ پوليس عام شهريءَ کي تحفظ ڏيڻ بدران ان جي لاءِ ڏوهارين کان به وڌيڪ عذاب بڻيل آهي ڇو جو ڏوهاري اغوا جي واقعن ۾ ننگن جي بي حرمتي ڪو نه ٿا ڪن پر پوليس گهرن ۾ گهري عورتن جا ٽولن جا ٽولا کڻي گم ڪري ٿي ڇڏي ۽ انهن کي روڪڻ وارو ڪو ئي ڪونهي، هر هڪ پوليس آفيسر تي ڀرتي کان وٺي مٿين سطح جو آفيسر بڻجڻ تائين ڏوهارين کي پڪڙڻ جي تربيت ٿي ملي ۽ ڪروڙين روپيه خرچ ٿا ٿين

    وڌيڪ پڙھو
  • ٺٽي ويجهو ڦورن ھٿان نوجوان جي قتل ، وارثن جو احتجاج

    ٺٽي ويجهو ڦر دوران نوجوان جي قتل ، وارثن جو لاش رکي احتجاج بدين ڪراچي قومي شاهراهه بلاڪ ،ٽريفڪ معطل،سجاول ڀرسان ٻيلو شهر ۾ نامعلوم هٿياربندن ڳوٺاڻي مراد سوهو کان موٽرسائڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن دوران مزاحمت ڪرڻ تي هٿياربندن مراد سوهو کي گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا، اهڙي واقعي کان پوءِ فوتي جي وارثن بدين ڪراچي قومي شاهراهه تي لاش رکي ڌرڻو هڻي 3 ڪلاڪن تائين روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو جنهن سبب ايندڙ ويندڙ سوين گاڏيون بيهجي ويون، ان موقعي تي ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته ٺٽو پوليس امن امان جي صورتحال کي بحال ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ثابت ٿي چڪي آهي ڏوهارين سان ٻٽ بڻيل آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • برسات ۽ ٻوڏ سبب 9 ملين ماڻهو متاثر ٿيا آهن جن جي روزگار جا وسيلا ختم ٿي چڪا آهن: شيري رحمان

    اڳوڻي وفاقي وزير اطلاعات ۽ هلال اهمر پاڪستان جي چيئرمين شيري رحمان چيو آهي ته قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ ٺٽي ۾ مستقل جي بنيادن تي ريسڪيو سينٽر قائم ڪيا پيا وڃن ته جيئن عوام کي فوري طور تي امداد فراهم ٿي سگهي،اهڙو اظهار هن ٺٽي جي تعلقي سجاول جي ڳوٺ محمد عمر ڪنڀر ۾ متاثرين ۾ امدادي سامان ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ۽ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو، هن چيو ته برسات ۽ ٻوڏ سبب 9 ملين ماڻهو متاثر ٿيا آهن جن جي روزگار جا وسيلا ختم ٿي چڪا آهن، جنهن لاءِ هلال احمر متاثرين جي بحالي لاءِ جوڳا اپاءُ وٺي رهي آهي، هن چيو ته هلال احمر جا پيوريفڪيشن پلانٽ ڪم ڪري رهيا آهن جنهن سان عوام کي پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي ٿي رهي آهي ، جڏهن ته سنڌ ۾ هيلٿ موبائيل يونٽ به ڪم ڪري رهيا آهن ، جنهن تحت هڪ موبائيل يونٽ ٽيم جيڪا روزانو 400 کان 500 مريضن جي چڪاس ڪري کين مفت دوائون فراهم ڪيون پيون وڃن

    وڌيڪ پڙھو
  • ملڪ مان پوليو جي مڪمل خاتمي لاءِ جنگي بنيادن تي ڪوششون ورتيو پيون وڃن: ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو

    صدر پاڪستان جناب آصف علي زرداري پاران مقرر ڪيل ٽاسڪ فورس ڪميٽي جي ڪنوينر ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو چيو آهي تي ملڪ مان پوليو جي مڪمل خاتمي لاءِ جنگي بنيادن تي ڪوششون ورتيو پيون وڃن ته جيئن مستقبل ۾ ٻارڙن کي معذوري کان بچائي سگھجي. اها ڳالهه هن اڄ دربار هال مڪلي ۾ پوليو جي خاتمي بابت سڏايل نيشنل ايمرجنسي ايڪشن پلان جي هڪ اعلٰي سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ وزير اعظم جي پوليو بابت صلاحڪار ايم اين اي شهناز وزير علي، صوبائي وزير ثقافت سسئي پليجو، صوبائي وزير جيلز صادق علي ميمڻ، ايم اين اي ڊاڪٽر عبدالواحد سومرو، ايم پي اي حاجي محمد عثمان جلباڻي، ڊي سي او ٺٽو محمد جعفر عباسي، ڊبليو ايڇ او جي نمائندن آدم ابراهيم، الياس دُري، جميل يوسف، رياض بٽ، يونيسيف ۽ پي پي ايڇ آئي جي نمائندن، ضلعي جي اي ڊي اوز کان علاوه مختلف کاتن جي اعلٰي عملدارن شرڪت ڪئي.

    وڌيڪ پڙھو
  • سينيئر صوبائي وزير تعليم پير مظهر الحق حيدرآباد جو دورو ڪيو

    سينيئر صوبائي وزير تعليم پير مظهر الحق اڄ حيدرآباد جو دورو ڪيو جتي هن انجنيئر جان محمد سمون جي لاڏاڻي تي سندس رهائش گاهه واقع هيرا آباد ۾ مرحوم جي پونئيرن سان تعزيت ڪندي فاتحه خواني ڪئي ۽ دعا گهري ته رب پاڪ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ جاءِ عطا فرمائي. هن وڌيڪ چيو ته مرحوم هڪ محنتي ، ذهين انسان هو ۽ اهڙا محنتي انسان ورلي پيدا ٿيندا آهن . هن چيو ته مرحوم سندس ننڍپڻ جو ساٿي هو ۽ هنن تعليم پڻ گڏ حاصل ڪئي. هن چيو ته سندس وڇوڙي تي کيس دلي ڏک رسيو _ ان موقعي تي مرحوم جا مٽ مائيٽ، دوست ،عزيز ۽ شهر جا ٻيا معزز ماڻهو پڻ موجود هئا.

    وڌيڪ پڙھو
  • راندين جي صوبائي صلاحڪار حليم عادل شيخ ناز پائليٽ سيڪنڊري اسڪول ۾ تعمير ٿيندڙ ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جو دورو ڪيو

    راندين جي صوبائي صلاحڪار حليم عادل شيخ ناز پائليٽ سيڪنڊري اسڪول اندر 5 ڪروڙ 9 لک روپين جي لاڳت سان تعمير ٿيندڙ ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جو دورو ڪيو. ان موقعي تي صوبائي صلاحڪار ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته رانديون صحت مند معاشري جي لاءِ ضروري آهن ۽ راندين جا ميدان آباد هوندا ته اسپتالن ۽ جيل ويران هوندا. هن چيو ته نوجوانن کي راندين جي صحت مند سرگرمين ۾ مشغول رکڻ لاءِ موجوده حڪومت صوبي اندر مختلف ضلعن اندر راندين جا گرائونڊ ۽ اسٽيڊيم جوڙائي رهي آهن جنهن سان راندين جي سرگرمين کي هٿي ملندي. هن هڪ سوال جو جواب ڏيندي چيو ته پاڪستان جي ڪرڪيٽرن کي پنهنجي ڪيل گناهه جي سزا ضرور ملڻ گهرجي پر پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) کي پنهنجو اهڙو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ها

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button