سنڌ سماچار

  • خيرپوراندر هلندڙ تمام سي اين جي تي هلندڙ وينن جا گيس سيلنڊر وينن جي ڇِت تي منتقل ڪيا ويندا: ڊپٽي ڪمشنر

    ڊپٽي ڪمشنر خيرپور محمد عباس بلوچ جي صدارت ۾ ڊي سي آفيس خيرپور ۾ ٽرانسپورٽرس هڪ گڏجاڻي ٿي گُذري جنهن ۾ تازو سيٺارجه ۾ سي اين جي وين جي حادثي جي حوالي سان غور و فڪر ڪيو ويو. ان موقعي تي گڏجاڻي ۾ ڊي سي چيو ته تازو سيٺارجه ويجهو سي اين جي وين اندڙ ٿيل خطرناڪ ڌماڪي جي ڪري انساني جانيون ضايع ٿيڻ تي جيترو افسوس ڪجي اوترو گهٽ آهي جڏهن ته مستقبل ۾ اهڙن دردناڪ حادثن کي روڪڻ لاءِ ريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽي، ٽرئفڪ پوليس ۽ ٽرانسپورٽرس کي پنهنجو موثر ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن وڌيڪ ٻُڌايو ته تازو واقعي اندر فوت ٿيلن جي معاوضي لاءِ تفصيلي رپورٽ سنڌ حڪومت ڏانهن موڪلي ويندي جڏهن ته زخمين کي مفت علاج لاءِ ضلعي انتظاميه پاران صحت کاتي کي حُڪم جاري ڪيا ويا آهن جڏهن ته کين مفت علاج کانسواءِ سائتا لاءِ ڏهه ڏهه هزار روپيه پڻ ڏنا ويا آهن.

    وڌيڪ پڙھو
  • بدين شهر ۾ وڌندڙ حد دخلين شهرين جو جئيڻ جنجال ڪري ڇڏيوانتظاميا بيوس بڻيل.بدين جي نوجوان وڪيل پاران ڪورٽ ۾ وڃڻ جو چتاءَ.

    بدين شهر ۾ وڌندڙ حد دخلين شهرين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، تقريبن ٻه لک جي برابر آدمشماري رکندڙ هن شهر ۾ انتظاميه نالي ڪا شيءَ نظر نٿي اچي، انهي لاءِ هن شهر جي هر ٻئي ٽئي دڪاندار جو سامان گدامن جي بدران روڊن تي رکيو ڇڏين، جنهن جي ڪري شهرين ۽ خاص ڪري اسڪول ايندڙ ويندڙ ٻارن کي رستي تان گذرندي پريشاني ٿيندي رهي ٿي. اڄ ڪالهه حد دخليون اهڙو مسئلو بڻجي ويو آهي، جو انتظاميه ڄڻ ته لاچار ۽ بيهوش هجي، جنهن ڪري بدين شهر جو نهايت اهم روڊ قائداعظم روڊ مڪمل قبضا مافيا جي ڪنٽرول ۾ آهي، حيدرآباد بس اسٽاپ روڊ تي گاڏن وارا، نسيم سٽي سينٽر کان شهيد بينظيرڀٽو پارڪ تائين موٽر سائيڪل شو روم وارن قبضوڪيو برقرار آهي. جڏهن ته انهي روڊ جي مهاڙئ ۾ ٻنهئ طرفن کان فرنيچر ۽ اليڪٽرانڪس دڪانن وارا پنهنجو سمورو سامان روڊ تي رکي ٻنهي طرفن کان ٽي چار فوٽ روڊ والاري ڇڏين ٿا، جنهن سبب روڊ تي ٽريفڪ سدائين جام رهي ٿي .

    وڌيڪ پڙھو
  • جي يو آءِ جي جلسي ۾ وڏي تعداد ۾ عوام جي شرڪت ڪري ڇڏيو ته جي يوآءِ سنڌ جي وڏي پارٽي آھي: سيد محمد ايوب شاهه

    جي يو آءِ ضلعي سکر جي سينيئر اڳواڻ آغا سيد محمد ايوب شاهه، آغا محمد هارون ۽ مولانا عبدالحق مهر چيو آهي ته منزل گاهه گرائونڊ سکر ۾ جي يو آءِ جي تازي جلسي ۾ لکن جي تعداد ۾ عوام شرڪت ڪري ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته جي يو آءِ سنڌ جي وڏي سياسي ۽ مذهبي قوت بڻجي چڪي آهي ۽ انشاءَ الله ايندڙ چونڊن ۾ وڏي ڪاميابي حاصل ڪندي. هنن چيو ته جي يو آءِ سنڌ ۾ ٻيو وڏو پنهنجي سياسي قوت جو مظاهرو 2 2 ڊسمبر تي لاڙڪاڻي ۾ ڪندي، جنهن ۾ سيڪريٽري جنرل سينيٽر ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي اڳواڻي ۾ 2 2 ڊسمبر تي لاڙڪاڻي ۾ ٿيندڙ آمريڪا مرده باد ريلي ۾ لکن جي تعداد ۾ عوام شرڪت ڪري لاڙڪاڻي ۾ پ پ ۽ ن ليگ جا تمام رڪارڊ ٽوڙيندا.

    وڌيڪ پڙھو
  • هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جو انتظار ڪرڻ کان اڳ ۾ ڪڇي پاڙوڊالميا بازارکي انتظاميه طرفان بلڊرز مافيا سان ملي ڪري ڊاهڻ توهين عدالت آهي.اسدالله ڀٽو

    جماعت اسلامي سنڌ جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي مولانا اسدالله ڀٽوچيو آهي ته هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جو انتظار ڪرڻ کان اڳ ۾ ڪراچيءَ جي قديم وسندي ڪڇي پاڙوڊالميا بازار يوسي 7 گلشن اقبال جي رهواسين جا گهر ڊاهڻ توهين عدالت آهي.بلڊرز مافيا سان انتظاميه ملي ڪري پاڪستان جي قيام کان اڳ رهندڙ ماڻهن کي پنهنجي گهرن کان محروم ڪري سندن ٻارن ٻچن کي بي گهر ڪري رهي آهي.هن هڪ بيان ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کان مطالبو ڪيو آهي ته هو ان واقعي جو فورن نوٽيس وٺي هن سردي جي موسم ۾ غريب ماروئڙن کي پنهنجي گهرن کان محروم ڪرڻ کان بچائي.

    وڌيڪ پڙھو
  • سيٺارجا ۾ ويگن جو گئس سلينڊر ڦاٽڻ سبب 12 مسافر سڙي فوت

    ھنڱورجا کان ٺري ميرواھ ويندڙ ويگن جو روھڙي بيراج وٽ گئس سلينڊر ڦاٽڻ 12 مسافر سڙي فوت. تفصيلي خبر موجب ويگن ۾ 25 ماڻھو سوار ھئا. گئس سلينڊر ڦاٽڻ سبب ڌماڪو ٿيو. زخمين کي ھنڱورجا ۽ سيٺارجا جي اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو. وزير اعليٰ ءِ ڊي سي او واقعي جو نوٽيس ڇڏيو. اڪثر فوت ٿيلن جو تعلق سيٺارجا جي بيگو محلي سان آھي ۽ اڪثر فوتي اسلام ڪاٽن فيڪٽري ۾ مزدور ھئا.

    وڌيڪ پڙھو
  • ٺٽي ۾ ڦرن چورين ۽ بدامني فھلجڻ سبب 3 ايس ايڇ اوز سميت 2 انچارجن کي ھٽائي ويو

    ٺٽي ضلعي ۾ ڦرن چورين ۽ بدامني ڦهلجڻ سبب 3 ايس ايڇ اوز سميت 2 انچارجن کي هٽائي نيون مقرريون ڪيون ويون . ٺٽي ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي حدن مان 5 موٽرسائيڪلن جي ڦر ٿيڻ ۽ گهرن مان چوريون ٿيڻ وارن واقعن جو نوٽيس وٺندي ٺٽي جي ايس ايس پي محمد علي وساڻ ٺٽو، مڪلي ۽ ڪيٽي بندر ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز ۽ ٻن چوڪي انچارجن کي هٽائي سندن جاين تي نيون مقرريون ڪري ڇڏيون آهن جنهن تحت ٺٽي ٿاڻي جي ايس ايڇ او عرفان سپيو کي هٽائي سندس جاءِ تي غلام محمد ميمڻ ۽ پوليس چوڪي ٺٽو جي انچارج بشير چانڊيو کي هٽائي اشرف شاهي کي سندس جاءِ تي مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته مڪلي ٿاڻي جي ايس ايڇ او نور الدين بروهي کي هٽائي سندس جاءِ تي عرفان سپيو ۽ پوليس چوڪي پيرپٺو جي انچارج عبدالمجيد کي هٽائي سندس جاءِ تي زاهد کوسو کي انچارج مقرر ڪيو ويو آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • مٽياري اجرڪ مزدور اتحاد جا جائز مطالبا اڃان پورا نه ٿيا

    مٽياري : مٽياري اجرڪ مزدور اتحاد جي طرفان ڪيل احتجاج اڄ اٺئين (8) ڏينهن به جاري. مٽياري اجرڪ مزدور اتحاد جا جائز مطالبا اڃان پورا نه ڪيا ويا. مٽياري اجرڪ مزدور اتحاد احتجاج جو دائرو واڌائي ڇڏيو ۽ اٺئين ڏينهن به پنهنجو احتجاج جاري رکيو. مٽياري اجرڪ اتحاد جي صدر الطاف حسين کوسي ميديا کي ٻڌائيندي چيو ته جيسين تائين اسان جرڪ جي مزدورن جا جائز مطالبا پورا نه ڪيا ويندا تيسين تائين اجرڪ جا مزدور پنهنجو احتجاج جاري رکندا ۽ سنڌ جي ثقافت کي تباه ڪندڙ سنڌ ڌشمنن کي پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. مٽياري اجرڪ مزدور اتحاد جي حمايت ڪندڙ انڊس سوشل فورم جي مرڪزي نائب صدر خادم حسين ميمڻ ٻڌائيندي چيو ته اجرڪ جي غريب پورهيتن جي اُجرت ۾ اضافو ڪيو وڃي، اڄ اجرڪ جي مزدورن کي اٺ (8) ڏينهن گذري ويا آهن ۽ اجرڪ جا مزدور مسلسل احتجاج ڪري رهيا آهن.

    وڌيڪ پڙھو
  • بدين جي ٻن نوجوانن شيراز شاهه ڪاظمي ۽ نجيل شاهه جي بازياب لاءِ موٽر سائيڪل ڊيلر ايسوسيئيشن بدين پاران احتجاجي بک هڙتال.

    24 نومبر 2011 تي بدين شهر ۾ موٽر سائيڪل جو ڪاروبار ڪندڙ شيراز شاهه ۽ سندس ڀائيٽو نجيل شاهه ڪراچي ويندي رستي مان اغوا ٿي ويا جن جي ڪار سجاول شهر ڀرسان پوليس کي هٿ آئي آهي. ڪيترائي ڏينهن گذرڻ جي باوجود شيراز شاهه ڪاظمي ۽ نجيل شاهه ڪاظمي جي بازياب نه ٿيڻ جي ڪري سندس وارثن ۽ موٽر سائيڪل ڊيلر ايسوسيئيشن بدين پاران احتجاجي بک هڙتال ڪئي. موٽر سائيڪل ڊيلر ايسوسيئيشن جي صدر طارق عزيز ميمڻ، جنرل سيڪريٽري شجاعت حسين خواجه، انيس ميمڻ، ممتاز پنهور اغوا ٿيندڙ ٻنهي نوجوانن جي بازيابي لاءِ بدين ۽ ٺٽي ضلع جي پوليس جي رويي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته پوليس جي اهڙي عمل کانپوءِ بدين جا هزارين واپاري ۽ شهري پاڻ کي غير محفوظ سمجهن ٿا.

    وڌيڪ پڙھو
  • مقامي نوجوان بدين ضلع ۾ ڪم ڪندڙ عالمي ادارن ۽ سوين اين جي اوز ۾ روزگار کان محروم

    بدين ۾ هن وقت 30 کان مٿي عالمي ڊونر ادارا ۽ سوين اين جي اوز مختلف پروجيڪٽن تي ڪم ڪري رهيون آهن. جنهن ۾ مقامي بيروزگار نوجوانن کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي. انهي خيالن جو اظهار بدين نوجوان فورم جي اڳواڻ عبدالرشيد گاڏاهي ۽ عبدالڪريم نهڙيو انڊس نيوز سان ڳالهائيندي ڪيو. انهن چيو هن وقت بدين ۾ مختلف انٽر نيشنل اين جي اوز ۽ نيشنل اين جي اوز جا بدين ۾ ڪئي پروجيڪٽ هلن پيا، انهن پروجيڪٽن ۾ بدين جي پڙهيل لکيل نوجوانن کي ڇڏي ڪري پنجاب ، ڪشمير، پختونخوا ۽ اندروني پاڪستان جي ٻين علائقن جي نوجوانن کي گهرائي رکيو ٿو وڃي، جڏهن ته اتي جا مقامي نوجوانن ڊگريون کڻي انهن جي آفيسن جا ڌڪا کائيندا ٿا وتن. اهي اين جي اوز جيڪي پاڻ کي سماج سڌارڪ ۽ انسان دوست سڏرائي رهيون آهن. سي خود انساني حقن جي خلاف ورزي ڪري رهيا آهن. من پسند ماڻهن کي روزگار ڏئي هتي جي مقامي نوجوانن سان نارواءَ سلوڪ ڪري رهيا آهن، انهي سلسلي ۾ بدين جا ڪيترا ئي نوجوان انهن اين جي اوز جي اهڙي عمل جي ڪري ڪورٽ ۾ ويا آهن

    وڌيڪ پڙھو
  • بدين ۾ ايس ايم سي جي فند ۾ 52000 هزار روپين جِي فراڊ جو انڪشاف

    ايس ايم سي جي فند ۾ 52000 هزار روپين جِي فراڊ جو انڪشاف . لاشاري برداري پاران بدين شهر ۾ احتجاج ۽ ڌرڻو. تعليم کاتو بدين ۽ بينڪ انتظاميه به ملوث قرار. اينٽي ڪرپشن بدين کان جاچ جو مطالبو. خبر موجب ڳوٺ خوشحال سولنگي يونين ڪائونسل ڀڳڙاميمڻ جي ڳوٺاڻن مولابخش لاشاري ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته اسان جي ڳوٺ جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول خوشحال سولنگي جي هيڊ ماستر دلدار ٽالپور 52000 هزار روپيه ايس ايم سي جي فند مان لڪ چورئ ۾ ڪڍي هڙپ ڪري ويو آهي. ڳوٺاڻن پريس ڪلب بدين اڳيان داهيندي چيو ته اسان هيڊ ماستر جي ٺڳئ جي عدالت سڳوري ۾ شڪايت به ڪئي، جنهن تي سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن بدين پاران انڪوائري به هلي رهي آهي پر جيئن ته هن کي بااثر ماڻهو جي پٺڀرائي حاصل آهي تنهن ڪري هو مختلف حربا هلائي ڪيس تي اثر اندازٿي رهيو آهي جنهن ۾ هن کي سياسي پارٽين ۽ استادن جي يونين جو ساٿ مليل آهي .هو ميڊيا وسيلي به معاملي جو رخ بدلائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button