سنڌ سماچار

  • حڪومت کي گهرجي ته پارليماني سفارشن جي نتيجي ۾ جلد کان جلد نئين خارجه پاليسي بڻائي وڃي: خالد محمود سومرو

    جمعيت علماءِ اسلام سنڌ جو سيڪريٽري جنرل ۽ اڳوڻي سينيٽر خالد محمود سومرو، مولانا عبدالقيوم هاليجوي، مولانا عبدالڪريم عابد، حاجي عبدالمالڪ ٽالپر، محمد اسلم غوري پنهنجي گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته پارليامينٽ جي متفقه قرارداد جي منظور کانپوءِ ان تي عمل درآمد ڪرائڻ حڪومت جي ذميواري آهي، حڪومت کي گهرجي ته پارليماني سفارشن جي نتيجي ۾ جلد کان جلد نئين خارجه پاليسي بڻائي وڃي ۽ پاڪستاني سر زمين تي ٿيندڙ ڊرون حملن کي روڪڻ لاءِ پاڪ فوج کي ڊرون جهاز ڪيرائڻ جو حڪم ڏنو وڃي، هنن چيو ته پارليمينٽ جي قرارداد جي منظوري کانپوءِ آمريڪا ۽ نيٽو سان ڪو به زباني يا لکت ۾ معاهدو پارليمينٽ جي منظوري کان بغير نه ٿي سگهندو ۽ نيٽو سپلائي جي مشروط اجازت ڏني وئي ته غلط آهي،هنن چيو ته پارليامينٽ ۾ جمعيت علماءِ اسلام جو ڪردار آهي، جيڪو ان مظلوم ماڻهن جي قتل عام لاءِ نيٽو کي پاڪستاني رستي اسلحو کڻي وڃڻ جي اجازت نه ڏني، حڪمران ڊالرن جي عيوض نيٽو سپلائي بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته سڀ کان پهريون جي يو آءِ جا ڪارڪن مزاحمت ڪندا

    وڌيڪ پڙھو
  • پي پي 12 مئي تي ڪمون شھيد وٽ ڌرڻي جو اعلان ڪري ڇڏيو

    ين الصوبائي رابطن واري صوبائي وزير ۽ پ پ پ حيدرآباد ڊويزن جي صدر مخدوم جميل الزمان چيو آهي ته ملڪ جون مڙني سياسي جماعتون غير جمهوري طريقي سان حڪومت کي هٽائڻ لاءِ سازشون سٺي رهيون آهن ۽ سندن اهڙي رويي کي ننديندي پ پ پ سنڌ جي صدر ۽ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي قيادت ۾ 12 مئي 2012 تي ڪمون شهيد واري هنڌ ڌرڻُو هڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن ۾ اترسنڌ سميت پ پ پ حيدرآباد ڊويزن جا لکين ڪارڪن ،اڳواڻ ۽ عوام شريڪ ٿي عوامي سگهه جو مظاهرو ڪندو ۽ اهڙن امراڻه ذهنيت رکندڙ عنصرن تي واضح ڪيو ويندو ته اڄ به ملڪي عوام پ پ پ سان گڏ آهي ۽ سندن هر سازشن ۽ حربن سان هرموڙ تي مهاڏو اٽڪائڻ لاءِ تيار آهي. هن اهڙو اظهار اڄ سرڪٽ هائوس حيدرآباد ۾ پ پ پ حيدرآباد ڊويزن جي گڏجاڻي جي صدارت ڪرڻ کانپوءِ هڪ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو . مخدوم جميل الزمان وڌيڪ چيو ته ن ليگ اڳواڻ جمهوري حڪومت کي هٽائي اقتدار حاصل ڪرڻ چاهين ٿا ۽ هو مختلف طريقن سان سنڌ جي عوام کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. سندن سياست مفاهت پرست آهي ۽ اهي عوام جي ڏکن ،…

    وڌيڪ پڙھو
  • گمبٽ ۾ منعقد ٿيل ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ شهيد بينظير ڀُٽو ڪرڪيٽ ٽيم کٽي ورتي

    سماجي تنظيم سيو دي لائيف گمبٽ پاران سنڌ اسپورٽس بورڊ جي تعاون سان اسرا سي اين جي ڀرسان مشعل بينظير ڀُٽو ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ منعقد ڪرائي وئي جنهن ۾ علائقي جي 8 مختلف ٽيمن حصو ورتو جڏهن ته فائنل مئچ سٽي ڪرڪيٽ ڪلب گمبٽ ۽ شهيد بينظير ڀُٽو ڪرڪيٽ ٽيم جي وچ ۾ ٿي گذري جنهن ۾ سٽي ڪرڪيٽ ٽيم مقرر 8 اوورن ۾67 اسڪور ڪيو جڏهن ته شهيد بينظير ڀُٽو ڪرڪيٽ ٽيم 6 اوورن ۾ ٽارگيٽ حاصل ڪري ٽورنامينٽ پنهنجي نالي ڪري ڇڏي. ٽورناميٽ ۾ مهمان خاص جنرل سيڪريٽري پاڪستان پيپلز پارٽي سٽي سکر ڊاڪٽر ارشد مغل هو جڏهن ته ڊي او اسپورٽس خيرپور مير محمد ڪلهوڙو، انچارج ڊپٽي ڊائريڪٽر خيرپور صاحب خان ڀنڊ، سماجي اڳواڻ پرويز احمد وساڻ، صحافي حاڪم علي ڀٽي ۽ ٻيا اعزازي مهمان هئا. ٽورنامينٽ جي فائنل مئچ جي کٽيندڙ ٽيم جي ڪپتان شوڪت علي ڦل ۽ رنر ٽيم جي ڪپتان اسرار احمد شيخ کي ٽرافيون ۽ روڪ انعام ڏنا ويا.

    وڌيڪ پڙھو
  • قلم 144 جي باوجود پنجاب کان ڪڻڪ جي کلي عام آمد جاري

    سنڌ ۾ 144 لاڳو هجڻ جي باوجود پنجاب کان ڪڻڪ جي درآمدي جو سلسلو کلي عام جاري آهي، ان ۾ فوڊ کاتي جا آفيسر ۽ اهلڪار به شامل آهن گذريل ڏينهن هڪ اطلاع تي ميڊيا جي هڪ ٽيم پاران روهڙي جي ويجهو باءِ پاس تي پهچي ڪري اتي قائم فوڊ کاتي جي گودام ٻاهران بيٺل ٽرڪن جي معلومات حاصل ڪئي ته خبر پئي ته اتي پهچندڙ ڪڻڪ سان ڀريل ٽرڪ سنڌ جي ڪنهن به شهر کان نه پر پنجاب جي شهر راجنپور، ڊيرا غازي خان ۽ ٻين علائقن کان آندا ويا هئا جنهن جي اطلاع ميڊيا جي ٽيم سکر جي سرڪٽ هائوس ۾ موجود فوڊ کاتي پاران قائم ڪيل ويجيلينس ڪميٽي جي چيئرمين مير شاهنواز مگسي کي ڏني، جيڪو اتي پهچي ڪري ٽرڪ ڊرائيورن کان ان جي تصديق ڪئي ۽ اتي موجود فوڊ آفيسرن کان پڇا ڳاڇا ڪئي ۽ اتي پهچي پنجاب کان آندل ڪڻڪ جي سوين ٻورين سان ڀريل 20 کان وڌيڪ ٽرڪ پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيا

    وڌيڪ پڙھو
  • سکر شھر ۾ به نيشنل بينڪ ۾ ڌماڪا، ڊگھا کڏا پئجي ويا

    سڄي سنڌ ۾ ڌماڪن جي سلسلي ۾ سکر شهر به محفوظ نه رهيو، سکر جي نيشنل بينڪ ٻاهران ڪريڪر ڌماڪو، خبر موجب صبح جو سوير سڄي سنڌ ۾ جاري ڪريڪر ڌماڪن ۾ سکر به محفوظ نه رهي سگهيو، نامعلوم ماڻهن پاران نيشنل بينڪ سکر جي مين برانچ جي گيٽ نمبر 2 جي ٻاهران ڪريڪر ڌماڪو ڪري ڇڏيو، جنهن جي ڪري زمين ۾ پيل واريءَ ۾ ٻه فوٽ ويڪرو ۽ هڪ فوٽ ڊگهو کڏو پئجي ويو، جڏهن ته ڪوئي به جاني ۽ مالي نقصان نه ٿيو، ڌماڪي جي آواز ايتري شديد هئي جو گهرن ۾ سمهيل ماڻهو به آيت الڪرسيءَ جو ورد ڪندي گهرن کان ٻاهر نڪري آيا، واقعي جي اطلاع ملندي ئي بم ڊسپوزل اسڪواڊ ۽ پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهچي وئي ۽ هنن علائقن کي گهيري ۾ آڻي نيشنل بينڪ ويجهو واقع اسٽيٽ بينڪ جي به تلاشي ورتي پر ڪا به شيءِ برآمد ٿي نه سگهي، بم دسپوزل اسڪواڊ واقعي واري هنڌ جو معائنو ڪرڻ بعد ٻڌايو ته ڌماڪي ۾ استعمال ٿيندڙ ڪريڪر 6 گرام وزني هيو

    وڌيڪ پڙھو
  • نيٽو سپلاءِ جي بحالي قوم جي بدحالي ثابت ٿيندي: خالد محمود سومرو

    جمعيت علماءِ اسلام سنڌ جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر خالد محمود سومرو چيو آهي ته نيٽو سپلاءِ جي بحالي قوم جي بدحالي ثابت ٿيندي، بحالي جي خلاف قوم اسلام آباد جي طرف مارچ ڪندي، حڪمرانن جو يوم حساب ويجهو اچي رهيو آهي، حڪومت جو احتساب عوام ڪندي، اهڙن خيالن جو اظهار جي ٽي آءِ سنڌ جي اڳواڻ محمد اعظم مهر جي مدرسه بعت المصور عثمانيه پراڻي سکر ۾ ڪيو، هن چيو ته ملڪ هن وقت نازڪ ترين دور مان گذري رهيو آهي، اسان جا حڪمران آمريڪي خودشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪافي اڳتي نڪري چڪا آهن، آمريڪا افغانستان ۾ جنگ هارائي چڪو آهي ۽ نڪرڻ جون تياريون ڪري رهيو آهي، اسان جا حڪمران آمريڪي پاليسين تي عمل ڪري ملڪ کي بجلي، گيس، پيٽرول، ڊيزل ۽ مهانگائي جي بحران ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي، حڪومت جي آمريڪي پاليسي تي عمل ڪري 8 9 ارب ڊالرن جو نقصان کڻڻو پئجي رهيو آهي، جنهن جو سڌو سنئون اثر ملڪ جي عوام تي پئجي رهيو آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • توهين عدالت ڪيس ۾ وزيراعظم مجرم قرار

    سپريم ڪورٽ توهين عدالت ڪيس جو آخري فيصلو ٻڌائيندي وزير اعظم پاڪستان يوست رضا گيلاني کي عدالت جي توهين واري ڪيس ۾ مجرم قرار ڏيندي عدالت برخاست ٿيڻ تائين عدالت ۾ ويهڻ جي سزا ڏني آهي. تفصيل موجب ملڪ جي وزيراعظم يوسف رضاگيلاني کي اين آر او مقدمي ۾ عدالتي حڪم تي عمل نه ڪرڻ تي توهين عدالت ڪيس کي منهن ڏيڻو پيو. 13 فيبروري تي عدالت وزيراعظم تي باقائده فرد جرم لاڳو ڪيو هيو.ان ڪيس ۾ وزير اعظم ٽي ڀيرا عدالت ۾ پيش ٿيو.جڏهن ته اڱاري جي ڏينهن عدالت فيصلو محفوظ رکندي 26 اپريل تي وزير اعظم کي پاڻ پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪندي فيصلو محفوظ ڪيو هيو، جيڪو اڄ ٻڌايو ويو. جنهن تحت وزيراعظم 30 سيڪنڊ عدالت ۾ ويهڻ جي سزا حاصل ڪئي، عدالت جي سزا ختم ٿيندي ئي وزيراعظم مسڪرائيندي عدالت مان ٻاهر نڪري آيو. ياد رهي ته سپريم ڪورٽ جي توهين عدالت ڪيسن جي تاريخ ۾ هيءَ گهٽ ۾ گهٽ سزا آهي.

    وڌيڪ پڙھو
  • سماجي اداري پاران شاگردن ۾ سرٽيفيڪيٽ تقسيم ڪيا ويا

    خيرپور ۾ تعليمي ترقي لاءِ ڪم ڪندڙ سماجي اداري مئڪزيمم ڊوالپمينٽ آرگنائزيشن(ايم ڊي او) پاران ڪمپيوٽر ۽ انگريزي ٻوليءَ جي سکيا جو ڪورس ڪندڙ پهرين بيچ جي پوزيشن هولڊر شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ سرٽيفڪيٽ ۽ انعام ورهائڻ واري تقريب ايم ڊي او جي آفيس، لڳ چانڊيا موڙ تي ٿي گذري.ڳوٺ سينگار فائونڊيشن جي سربراهه ۽ تقريب جي خاص مهمان نذير احمد اڄڻ پوزيشن هولڊر شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ سرٽفڪيٽ ۽ انعام ورهايا. ان موقعي تي ڳالهائيندي خيرپور جي ناليواري سماج سڌارڪ نذير احمد اڄڻ چيو ته ايم ڊي او جي ٽيم محدود وسيلن سان ٿوري عرصي ۾ خيرپور اندر ڪمپيوٽر جي تعليم جي ترقي لاءِ وڏو ڪم ڪيو آهي.

    وڌيڪ پڙھو
  • سکر جي عوام کي آرٽس ڪائونسل ڏيئي رھياآھيون: سسئي پليجو

    صوبائي وزير ثقافت سسئي پليجو سنڌ اندر آرٽس ڪائونسل قائم ڪري رهيا آهيون ۽ 15 نيون لائبريريون آڻي رهيا آهيون، سکر جي عوام کي به آرٽس ڪائونسل ڏئي رهيا آهيون جنهن ۾ ميوزيم حال، آڊيٽوريم ميوزيم اڪيڊمي به هوندي، اهڙن خيالن جو اظهار هن آرٽس ڪائونسل جي هلندڙ ترقياتي ڪم جو معائنو ڪرڻ دوران ڪيو، هن وڌيڪ چيو ته سکر ۾ تعمير ٿندڙ آرٽس ڪائونسل 8 ڪ روڙ 10 لکن روپين جو منصوبو آهي ۽ ان جي سکر ۾ سخت ضرورت هئي جنهن کي 2013 جي جون تائين مڪمل ڪيو ويندو، سکر ۾ تعمير ٿيندڙ آرٽس ڪائونسل هال جو نالو مرحوم نالي وارن صحافين ۽ ليکڪ رشيد ڀٽي يا مولائي شيدائي جي نالي سان منسوب ڪيو ويندو، هن چيو ته جيڪي آرڪيالوجي جڳهون آهن انهن جي کوٽائي ڪئي آهي ۽ انهن تي وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ ايندڙ بجيٽ ۾ وڌيڪ فنڊ رکنداسون ۽ ان لاءِ اسان نئين پاليسي آڻي رهيا آهيون

    وڌيڪ پڙھو
  • بشير خان قريشي 54 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو

    جيئي سنڌ قومي محاذ جو چيئرمين ۽ سنڌ جو قومي اڳواڻ بشير خان قريشي دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو. اطلاع موجب جسقم چيئرمين بشير خان قريشي رات دير سان ڪراچي کان لاڙڪاڻي وڃي رهيو هو جو سڪرنڊ شهر ۾ رات جي ماني کائڻ بعد کيس دل جو دورو پيو، کيس فوري طور تعلقي اسپتال سڪرنڊ پهچايو ويو، جتي هن دم ڌڻي حوالي ڪيو. رات 3:00 وڳي بعد، جسقم چيئرمين جي اهڙي اوچتي وڇوڙي جي خبر ميڊيا کي اچڻ شرط ئي سڄي سنڌ ۾ سوڳ ڇائنجي ويو ۽ قومي ڪارڪن ڏک ۾ وڪوڙجي ويا. ڪراچي ۾ سندس گلشن حديد ۾ واقع رهائش سميت رتيديري واري اباڻي رهائش تي سوين ڪارڪن گڏ ٿي ويا، جيڪي پنهنجي چيئرمين جي اوچتي وڇوڙي تي زاروقطار روئي رهيا هئا، جسقم چيئرمين بشير قريشي سائين جي ايم سيد جي ويجهن ساٿين مان هڪ هو، جنهن سائين جي ايم سيد جي وڇوڙي بعد نه رڳو قومي تحريڪ کي ڪنهن بحران کان بچايو پر ان کي ڏينهون ڏينهن مضبوط بڻائي سنڌ ۾ هڪ وڏي قوت طور سامهون آندو.

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button