حيدر آباد

بشير خان قريشي 54 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو

Bashir Khan اسلام آباد: جيئي سنڌ قومي محاذ جو چيئرمين ۽ سنڌ جو قومي اڳواڻ بشير خان قريشي دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو. اطلاع موجب جسقم چيئرمين بشير خان قريشي رات دير سان ڪراچي کان لاڙڪاڻي وڃي رهيو هو جو سڪرنڊ شهر ۾ رات جي ماني کائڻ بعد کيس دل جو دورو پيو، کيس فوري طور تعلقي اسپتال سڪرنڊ پهچايو ويو، جتي هن دم ڌڻي حوالي ڪيو. رات 3:00 وڳي بعد، جسقم چيئرمين جي اهڙي اوچتي وڇوڙي جي خبر ميڊيا کي اچڻ شرط ئي سڄي سنڌ ۾ سوڳ ڇائنجي ويو ۽ قومي ڪارڪن ڏک ۾ وڪوڙجي ويا. ڪراچي ۾ سندس گلشن حديد ۾ واقع رهائش سميت رتيديري واري اباڻي رهائش تي سوين ڪارڪن گڏ ٿي ويا، جيڪي پنهنجي چيئرمين جي اوچتي وڇوڙي تي زاروقطار روئي رهيا هئا، جسقم چيئرمين بشير قريشي سائين جي ايم سيد جي ويجهن ساٿين مان هڪ هو، جنهن سائين جي ايم سيد جي وڇوڙي بعد نه رڳو قومي تحريڪ کي ڪنهن بحران کان بچايو پر ان کي ڏينهون ڏينهن مضبوط بڻائي سنڌ ۾ هڪ وڏي قوت طور سامهون آندو. بشير قريشي کي اڄ رتيديري ۾ اباڻي قبرستان دفنايو ويندو. جسقم چيئرمين پنهنجي پويان سنڌ ۾ لکين ماڻهن سميت پنهنجي پويان هڪ گهر واري ، چئن ڌيئرن ۽ چئن پٽن کي سوڳوار ڇڏيو آهي. جسقم چيئرمين 10 آگسٽ 1959ع تي رتيديري ۾ پيدا ٿيو هو.
مانيٽرنگ ڊيسڪ

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button