سنڌ سماچار
-
حاڪم علي خان زرداري تمام وڏو سياستدان هو: قائم علي شاھ
قائم علي شاھ چيوآھي ته مرحوم حاڪم علي خان زرداري هميشه عام ماڻهن جي ڀلائي ، جموريت جي بحالي ، قومن کي بنيادي حق ڏيارڻ توڙي پاڪستان عوام لاءِ ڊگهي جدوجهد ڪئي.
وڌيڪ پڙھو -
سنڌ کي هر قيمت تي تقسيم ٿيڻ نه ڏينداسين، سلطان شاھ
مدرد اتحاد جي چيئرمين سيد سلطان شاهه جي اڳواڻيءَ ۾ همدرد هائوس کان شڪارپور ڦاٽڪ تائين ريلي ڪڍي وئي، ۽ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري ۾ سوين ڪارڪنن ۽ مرڪزي عهديدارن شموليت ڪئي
وڌيڪ پڙھو -
نيٽو سپلاءِ ڪنهن به صورت ۾ کولڻ نه ڏينداسين، جمعيت طلباءِ اسلام
جمعيت طلباءِ اسلام جي ضلع اڳواڻ ذبيع الله جتوئي، عبدالله حمادي، عبدالقيوم رند، فضل الرحمان فاروقي، حافظ ادريس سميت ۽ محب الله انڊهڙ ۽ ٻين آمريڪي حڪام پاران نيٽو سپلائي بحاليءَ لاءِ پاڪستاني حڪومت تي دٻاءُ کي مسترد ڪيو
وڌيڪ پڙھو -
روهڙي ريلوي اسٽيشن تي بي قاعدگين جو وڌيڪ انڪشاف
روهڙي ريلوي اسٽيشن تي بي قاعدگين ۽ من مانين جا وڌيڪ انڪشافات، ريلوي انتظاميه پنهنجو قانون ٺاهي ڪري ريسٽورنٽ سان گڏ 8 ڪائونٽر به الاٽ ڪيا آهن. 2 2 لکين روپين ۾ ڏنا ويا آهن. ريسٽورنٽ ۽ ڪائونٽر 5 لکن روپين ۾ وٺندڙ پارٽيءَ کي نظر انداز ڪيو ويو.
وڌيڪ پڙھو -
پيپلز پارٽي الله تعالى کانپوءِ طاقت جو سرچشمو عوام کي سمجهندي آهي، نفيسه شاهه
ميمبر قومي اسيمبلي ڊاڪٽر سيده نفيسه شاهه جيلاني چيو آهي ته پيپلز پارٽي الله تعالى کانپوءِ طاقت جو سرچشمو عوام کي سمجهندي آهي تنهن ڪري پارٽي پاران عوام جي حُڪمراني قائم ڪئي وئي آهي هن چيوته موجوده حڪومت عورتن مالي سائتا لاءِ گُذارا الائونس شروع ڪيو آهي
وڌيڪ پڙھو -
سول اسپتال سکر ۾ غلط انجيڪشن سبب مريض فوت
سکر سول اسپتال جاڊاڪٽر۽ عملوڪاسائين کي ماري ويو،غلط سئي هڻڻ تي هڪ مريض فوت هڪ سڙيل نينگر علاج کانسواءِ اسپتال مان بي دخل ،نازڪ حالت ۾ نجي اسپتال پهچايو ويو ،وارثن جو احتجاج ،اعليٰ اختيارين ۽ ڪورٽن کان نوٽيس وٺڻ جي گهر
وڌيڪ پڙھو -
سکر ۽ ٻين شھرن ۾ مڪمل ھڙتال رھي، ڦيٿو نه ڦريو
ڪراچي ۾ عوامي تحريڪ جي محبت سنڌ ريلي تي دهشتگردن پاران فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 1 ماڻهو جي شهيد ٿيڻ۽ جسمم جي مرڪزي اڳواڻ مظفر ڀٽو جي رياستي قتل خلاف ڏنل شٽر بند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال واري سڏ سبب سنڌ جي ٻين شهرن جيان سنڌ جي اترين شهرن ۾ به مڪمل شتر بند هڙتال رهي
وڌيڪ پڙھو -
جسمم اڳواڻ مظفر ڀُٽي جو گوليون لڳل لاش هٿ، مختلف شهرن ۾ مظاهرا، دڪان بند، اڄ هڙتال جو سڏ
يئي سنڌ متحده محاذ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ۽ نوجوان قومپرست اڳواڻ مظفر ڀٽو جو گوليون لڳل لاش حيدرآباد شهر ويجهو هٽڙي واري علائقي ديهه بخاري ۾ جهنگ مان مليو آهي، قومپرست اڳواڻ مظفر ڀٽو جي وارثن جو چوڻ آهي ته سنڌ جي هن ارڏي نوجوان کي 16 مهينا اڳ کنڀي کڻي گم ڪيو ويو هو.
وڌيڪ پڙھو -
ڪراچي واري واقعي تي سکر ۾ سرڪار تي ڪاوڙ جي لھر
ڪراچي ۾ عوامي تحريڪ پاران ڪڍيل محبت سنڌ ريلي تي دهشتگردن هٿان نياڻين سوڌو 11 ڄڻن تي گولين جو بک بنائڻ واري واقعي تي سکر ۽ پاسي ۾ سخت ڏک ۽ سنڌ سرڪار تي ڪاوڙ جي لهر پکڙجي وئي آهي ۽ اڄوڪي هڙتال جي مڪمل حمايت ڪئي وئي
وڌيڪ پڙھو -
مھاجر صوبي خلاف ريلي تي فائرنگ 10 ماڻھو مارجي ويا
ڪراچي ۾ عوامي تحريڪ جي ريلي تي اڻڄاتل ھٿياربند جي فائرنگ ۾ 10 ماڻھو قتل جڏھن 20 کان وڌيڪ زخمي۔ تفصيل موجب ريلي عوامي تحريڪ جي ڪارڪن سنڌ ۾ نئين صوبي جي خلاف ۽ لياري ۾ آپريشن خلاف ڪڍي ھئي۔
وڌيڪ پڙھو