سنڌ سماچار
-
مزدورن جي مظاھرو، توتڙ وڪرو ڪرڻ ۾ ايس ايڇ او جي ملوث ھجڻ جو الزام
شهدادڪوٽ ۾ سرن جي بٺن تي ڪم ڪندڙ پورهيتن، ٽريڪٽرٽرالي مالڪن سوڌو ڊرائيورن رائيس مل مالڪن جي توتڙ شهر بدران ٻاهرين شهرن جي واپارين کي وڪرو ڪرڻ خلاف 2 ڪلوميٽر احتجاجن پيادل مارچ ڪري ڪوٽو موٽو چوڪ تي پهچي ڌرڻو هنيو ويو
وڌيڪ پڙھو -
ميڊيا جي منفي ڪردار سان ملڪي سالميت ، قومي معاملن، معاشرتي ۽ اخلاقي قدرن ۾ بگاڙ پيدا ٿيو آهي، سيمينار ۾ خطاب
ناميارن صحافين ۽ سماجي اڳواڻن ملڪ جي موجوده حالتن ، دهشت واري ماحول ، نفسا نفسي ۽ عوام جي منفي رجحانن جو ذميوار ميڊيا کي قرار ڏيندي چيو آهي ته ميڊيا جي منفي ڪردار سان ملڪي سالميت ، قومي معاملن، معاشرتي ۽ اخلاقي قدرن ۾ بگاڙ پيدا ٿيو آهي
وڌيڪ پڙھو -
شھداد ڪوٽ ۾ امن کپي ريلي، اڇا جهنڊا کڻي امن ريلي ڪڍي ويئي
شهدادڪوٽ ۾ شهري اتحاد جي سڏ تي مختلف سياسي ، سماجي ،مذهبي ،ادبي ۽ استاد تنظيمن پاران شهر اندر ٻن مهينن کان ٻن مذهبي ڌرين ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ جي خاتمي لاء امن ريلي ڪڍي امن کپي بابت نعريبازي ڪئي وئي
وڌيڪ پڙھو -
بوزدار وڏا: نئون ٽانزيشن آفيسر عبدالحميد جمالي کي مقرر ڪيو ويو
ٺري ميرواه جيئن ته خيرپور ڊسٽرڪٽ جو وڏو تعلقو سڏيو ويندو آهي ان تعلقي ۾ گذريل ٽنهن مهينن کان ٽانزيشن آفيسر مقرر نه هيو جنهن ڪري تعلقي جا ڪم رولهڙي جو شڪار ٿئي ويا هئا تعلقي ميرواه جي عوام کي تمام سخت مشڪلاتن کي منهن ڏیڻو پئجي رهيو هيو
وڌيڪ پڙھو -
شهدادڪوٽ: 8 جون تي هڪ وڏي امن ريلي ڪڍي ويندي
شهدادڪوٽ ۾ ٻن مذهبي ڌرين ۾ ڪجهه عرصي کان هلندڙ خوني تڪرار جي خاتمي لاءِ شهري اتحاد جي سڏ تي 8 جون جمعي ڏينهن 8 وڳي صبح جو ڪوٽو موٽو چوڪ کان هٿن ۾ اڇا جهنڊا کڻي هڪ وڏي امن ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪيو ويندو
وڌيڪ پڙھو -
چوماسي جي امڪاني برساتن کي منھن ڏيڻ لاءِ ڊي واٽرنگ پمپس کي تيار حالت ۾ رکيو وڃي، ڪمشنر سکر
ڪمشنر سکر ڊويزن انعام الله خان ڌاريجو چوماسي جي امڪاني برساتن جي مند دوران تياري ۽ حفاظتي اپاءَ وٺڻ جي سلسلي ۾ سکر ڊويزن جي ڊپٽي ڪمشنرن ۽ ٽي ايم اوز کي هدايت ڪئي آهي ته هو ڊي واٽرنگ پمپس کي تيار حالت ۾ رکن
وڌيڪ پڙھو -
نٽھڻ اس ۾ غريب عورتون بينظير انڪم سپورٽ ڊيبٽ ڪارڊ حاصل ڪرڻ لاءِ پريشان
شهدادڪوٽ ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت ڊبيٽ ڪارڊ وصول ڪندڙ عورتن جي تمام گهڻي رش رهي ٿي، پيئڻ جي پاڻي ۽ ويهڻ جي سهوليت نه هئڻ سبب شهر توڙي ڏورانهن علائقن کان آيل عورتون اڃ وگهي تڙپن پيون ۽ نٽهڻ اس ۾ تتل ڌرتيءَ تي ويهڻ تي مجبور آهن
وڌيڪ پڙھو -
صوبائي پ پ پ اڳواڻ تعلقي ميرواه جي مختلف ڳوٺن جو دورو ڪيو
صوبائي پ پ پ اڳواڻ نثار احمد بلوچ تعلقي ميرواه جي مختلف ڳوٺن جو دورو ڪيو تفصيل موجب پ پ پ اڳواڻ نثار احمد ڳوٺ ظفر علي شر ۾ مير هزار شر وٽ چانهه پارٽي ۾ شرڪت ڪئي ، درگاه غلام حيدر گودڙيه جي درگاه تي حاضري ۽ درگاه هادي حسن شاه تي پڻ دعا گهري
وڌيڪ پڙھو -
خيرپور: بس اڏا شھر کان ٻاھر ڪڍڻ جو نوٽيس جاري
ڪريٽري ڊسٽرڪٽ ريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽي خيرپور ضلعي جي سڀني ٽرانسپورٽرن ۽ بس اڏن جي مالڪن کي هڪ نوٽيس ذريعي اطلاع ڏيندي ڄاڻايو آهي ته هُو پنهنجي لاڳاپيل بس اڏن جي مئنيجرن ۽ اسٽارٽرن کي پابند ڪن ته پنهنجا بس اڏا خيرپور شهر مان ختم ڪن
وڌيڪ پڙھو -
شهدادڪوٽ ۾ جيئي سنڌ محاذ پاران مظاھرو جاري
شهدادڪوٽ ۾ جيئي سنڌ محاذ پاران مرڪزي اڳواڻ حبدار ميرجت تي ڪيس داخل ڪرڻ واري عمل خلاف ٻئي ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪري بک هڙتال ڪئي وئي مختلف تنظيمن جي ڪارڪنن ذوالفقار ميرجت ،سيد جعفرشاه ، مختيار ميرجت ۽ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪوٽوموٽو چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري بک هڙتال ڪئي
وڌيڪ پڙھو