سنڌ سماچار
-
سنڌ جي بجيٽ اڄ پيش ٿيندي، 40 هزار نوڪريون ڏيڻ ۽ پگهارن ۾ واڌ جو اعلان ٿيندو
اڄ سنڌ اسيمبلي ۾ خزاني وارو وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ بجيٽ پيش ڪندو. ان ڏس ۾ سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته بجيٽ کان اڳ منجهند جو سنڌ ڪابينا جو اجلاس وڏي وزير قائم علي شاهه جي صدارت ۾ٿيندو ۽ انهيءَ سنڌ ڪابينا اجلاس ۾ بجيٽ جي منظوري ورتي ويندي
وڌيڪ پڙھو -
ارسلان افتخار جو فيصلوجج ڪندا، پي پي جو ڪو تعلق ناھي، خورشيد احمد شاهه
وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته ارسلان افتخار جي معاملي تي ڪاٻي راءِ قائم نه ڪري رهيا آهيون ان تي اسان نه پر جج صاحبان فيصلو ڪندا جن ماڻهن اهو معامرو اٿاريو آهي انهن جو ڪڏهن به پيپلز پارٽي سان ڪوبه تعلق ناهي رهيو
وڌيڪ پڙھو -
معذورن جي بک هڙتال کي هفتو مڪمل، ڪنھن سار نه لڌي
معذورن جي بک هڙتال کي هفتو مڪمل، ڪو به چونڊيل نمائندو يا ضلعي عملدار لڙي نه آيو، تفصيل موجب صوبائي سرڪار پاران نوڪرين ۾ معذورن جي ڪوٽا تي عمل نه ڪرڻ ۽ ضلعي انتظاميه پاران معذورن کي امداد نه ڏيڻ خلاف معذور ايڪشن ڪاميٽي پاران مسلسل 07هين ڏينهن علامتي بک هڙتال جاري
وڌيڪ پڙھو -
گذريل سال جي برساتن ۾ ڊپٽي ڪمشنر جي نااهلي ڪري محمد خان ٻڏي ويو هو، سنڌ ترقي پسند پارٽي جو الزام
سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران ٽنڊو محمد خان جي ڊپٽي ڪمشنر برڪات رضوي جي مبينه ڪرپشن ۽ ايندڙ امڪاني ٻوڏن ۾ ٽندو محمد خان جي ناڪاره ڊرينيج سسٽم خلاف ٻي ڏينهن اياز ڀٽي، عزيز حاجاڻو، فرحان شاهه، سجاد بروهي، ناري تحريڪ جي ضلعي صدر ثمينه خاصخيلي، گلشن خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين ڪارڪن تعلقه ميونسپل آفيس سامهون شاميانو هڻي علامتي بک هڙتال جاري رکي
وڌيڪ پڙھو -
ڌرتي ڌڻين جي ڏکن کي لکڻ عبادت آھي، ناشاد رشيد
شهدادڪوٽ ۾ ڀلوڙ شاعر ناشاد رشيد سنڌي سان رهاڻ رچائي وئي، نئين آس ميگزين سٿ پاران مقامي مين پرائمري اسڪول ۾ ناليواري شاعر ناشاد رشيد سنڌي سان رهاڻ رچائي وئي، جنهن ۾مختلف شهرن مان آيل اديبن ،شاعرن سميت شهرين شرڪت ڪئي
وڌيڪ پڙھو -
مسجد جي تعمير مان پراڻي دور جا پٿر نڪرڻ لڳا
سيوهڻ شريف ۾ جي مسجد جي تعمير شروع ڀتين مان پراڻي دور جا پٿر نڪرڻ لڳا، ڪنهن به تحرڪ نه ورتو. سيوهڻ شريف ۾ گهٽ ۾ گهٽ 5 سالن جي مدت کانپوءِ قديم جامع مسجد جو ڪم شروع ٿي ويو ڀتين جي کوٽائي مان پراڻي دور جا قرآني آيتن سان چٽيل پٿر نڪرڻ لڳا
وڌيڪ پڙھو -
شهدادڪوٽ: بلوچستان جي زهريلي پاڻيءَ کي منڇر ڍنڍ ڏانهن ڇوڙ ڪرڻ لاءِ هيرالدين ڊرين جو بنياد وڌو ويو، آباد گارن جو احتجاج
شهدادڪوٽ ۾ ربيع شاخ جي آبادگارن 27 ٺاهيل واٽر ڪورسن کي ناڪاره بڻائي شاخ کي غلط ڊيزائين تحت تعمير ڪرائي واپڊا کاتي جي عملدارن جي ڪرپشن ڪرڻ واري عمل خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو
وڌيڪ پڙھو -
ٻن جوابدارن پاران 10 ساله ٻارڙي سان زبردستي لڄالٽ جي ڪوشش
ڪنگري جي ڪچي ۾ ٻن جوابدارن پاران 10 ساله ٻارڙي سان زبردستي لڄالٽ جي ڪوشش، نينگري جون رڙيون، ڌنارن ۽ ڳوٺاڻن جي واهر تي جوابدار فرار، پوليس 2 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو
وڌيڪ پڙھو -
ذوالفقار آباد سنڌ ۽ ملڪ لاءِ اھم آھي، پي پي اڳواڻ
پ پ پ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري تاج حيدر ذوالفقار آباد منصوبي کي سنڌ ۽ ملڪ لاءِ لاڀائتو ۽ مستقبل جي اهم ضرورت قرار ڏيندي چيو آهي ته ذوالفقار آباد رٿا بابت عوام ۾ جاڳرتا پيدا ڪرڻ ۽ مختلف ڌرين جي اعتراضن جي نشاندهي لاءِ سنڌ حڪومت سندس قيادت ۾ هڪ اعلي ٰ سطحي ڪميٽي قائم ڪري ورتي آهي
وڌيڪ پڙھو -
شهدادڪوٽ ۾ وڌندڙ بد امني تي ڳڻتي ظاهر
شهدادڪوٽ ۾ قومپرست پارٽين جي گڏجاڻي ٿي گذري جنهن ۾ شهر اندر وڌندڙ بد امني تي ڳڻتي ظاهر ڪندي اڳواڻن 15 جون تي شهري مسئلن جي حل لاءِ ڀرپور احتجاج جو چتاءَ ڏنو آهي، ترقي پسند هائوس تي قومپرست پارٽين جي گڏجاڻي ڪوٺائي وئي
وڌيڪ پڙھو