شهدادڪوٽ

شهدادڪوٽ ۾ وڌندڙ بد امني تي ڳڻتي ظاهر

shahdadkot hayat tunio chairman shehry jadojehad commetyشهدادڪوٽ (ضمير کرل وٽان )شهدادڪوٽ ۾ قومپرست پارٽين جي گڏجاڻي ٿي گذري جنهن ۾ شهر اندر وڌندڙ بد امني تي ڳڻتي ظاهر ڪندي اڳواڻن 15 جون تي شهري مسئلن جي حل لاءِ ڀرپور احتجاج جو چتاءَ ڏنو آهي، ترقي پسند هائوس تي قومپرست پارٽين جي گڏجاڻي ڪوٺائي وئي جنهن ۾ جسم جي مرڪزي اڳواڻ حبدار ميرجت، جساف جيئي سنڌ تحريڪ جي مرڪزي صدر جاويد ڀٽي،جسقم جي فياض کوسي، ذوالفقار مگسي، جسمم جي آصف مگسي، سجاد کجڙ، آصف لاشاري، امدادسومري، راجا تونيي ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ،ان موقعي تي شهري مسئلن جي حل لاءِ جدوجهد ڪاميٽي جوڙي وئي جنهن جو چيئرمين ايس ٽي پي جي مرڪزي اڳواڻ حيات تونيي کي چونڊيو ويو، گڏجاڻي ۾ شريڪ قومپرست اڳواڻن شهر اندر وڌندڙ بدامني ۽ سماجي براين تي ڳڻتي ظاهر ڪندي قومي ڪارڪنن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي انتظاميه جي لاپرواهي ۽ شهر اندر ڦُٽي نڪتل سماجي براين ۽ بد امني خلاف 15 جون جمعي ڏينهن ڀرپور احتجاجي ريلي ڪڍڻ جوفيصلو ڪيو، قومپرست اڳواڻن وچن ورجايو ته مسئلن جي حل تائين خاموش نه ويهبو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button