سنڌ سماچار
-
ٽنڊو محمد خان ضلعي جي ڪچن ملازمن کي پڪو ڪيو ويندو، سيد نويد قمر
بچاءُ جي وفاقي وزير سيد نويد قمر ٽنڊو محمد خان ضلعي جي يوسي ملاڪاتيار جي ڳوٺ اصغر آباد ۾ سوين غريب عورتن ۽ مردن ۾ سلائي مشينون ۽ نلڪا ورهايا ويا، ان موقعي تي هن چيو ته محبت سنڌ ريلي تي ٿيل فائرنگ جي جانچ ڪئي ويئي آهي ۽ ملوث ماڻهن کي سزا ڏني ويندي
وڌيڪ پڙھو -
شهدادڪوٽ : نوجوان نذير بروهي جي بازيابي لاء شهر ۾ شٽر بند هڙتال
شهدادڪوٽ ۾بروهي اتحاد جي سڏ تي نوجوان نذير بروهي جي بازيابي لاء شهر ۾ شٽر بند هڙتال ڪري ،احتجاجي ريلي ڪڍي شهر جوگشت ڪيو ويو ، شٽر بند هڙتال سبب شاهي بازار ،ريشم گھٽي ، ڪوٽوموٽوچوڪ ، جمع کرل چوڪ ، جروار مارڪيٽ ،لانگاه مارڪيٽ سميت شهر جا ننڍا ،وڏا ڪاروباري مرڪز مڪمل طور بند رهيا
وڌيڪ پڙھو -
ڀٽائي ويلفيئر آرگنائيزيشن پاران سيمينار منعقد ڪرايو ويو
ڪمند جي اگهه ۽ جنس تان آبادگارن ۽ شوگر ملز مالڪان ۾ هر سال هلندڙ تڪرار جي مستقل حل بابت ڀٽائي ويلفيئر آرگنائيزيشن پاران سيمينار ٿيو، جنهن ۾ ڊپٽي ڪمشنر ، ڪين ڪمشنر جو ٽيڪنيڪل نمائندو، آبادگار اڳواڻ ۽ سڄاڻ ڌريون شريڪ ٿيون
وڌيڪ پڙھو -
ترقي پسند پارٽي پاران ڊپٽي ڪمشنر آفيس جو گهراءُ، ٻه ڪلاڪ طويل ڌرڻو
ترقي پسند پارٽي پاران ڊپٽي ڪمشنر آفيس جو گهراءُ، ٻه ڪلاڪ طويل ڌرڻو، اڄ کان دستخطي مهم شروع، تفصيل موجب ڊپٽي ڪمشنر ٽنڊو محمد خان سيد برڪات رضوي جي مبينه ڪرپشن خلاف ترقي پسند پارٽي پاران اعلانيل جدوجهد جي ٻي مرحلي ۾ داخل
وڌيڪ پڙھو -
ڪامريڊ غلام رسول سهتي جي حياتي بچائي سنڌي قوم کي قومي نقصان کان بچايو وڃي، ھاري اڳواڻ
شهدادڪوٽ ۾ خيرپور ميرس جي پُڇڙي جي آبادگارن تائين پاڻي پهچائي،شاخن جي کاٽي ڪرائي ٽيوب ويل هلرائڻ لاءِ هاري اڳواڻ غلام رسول سهتي جي مرڻ گهڙيءَ تائين هلندڙ بک هڙتال جي حمايت ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري بک هڙتال ڪئي وئي
وڌيڪ پڙھو -
نادرا ريجنل هيڊڪوآرٽر سکر جون گشتي ٽيمون مختلف ضلعن جو دورو ڪنديون
نادرا ريجنل هيڊڪوآرٽر سکر جون گشتي موبائل گاڏيون ضلعي گهوٽڪي، لاڙڪاڻو، سکر، شڪارپور، ڪنڌڪوٽ، جيڪب آباد ۽ شهدادڪوٽ ايٽ قمبر جي ٻهراڙي وارن علائقن جي ماڻهن کي ڪمپيوٽرائزد قومي شناختي ڪارڊ جاري ڪرڻ جي سلسلي ۾ مختلف جڳهن جو دورو ڪري رهيون آهن
وڌيڪ پڙھو -
مهدي حسن جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار
مهدي حسن جي آواز ۽ فن کي هميشه قدر جي نگاهه سان ڏٺو ويندو، مهدي حسن غزل جي دنيا جو هڪ اهڙو نالو هو جيڪو هميشه زندهه رهندو. هو مذهب، رنگ، نسل ۽ ذات پات کان پاڪ ۽ بالاتر انسان هو.
وڌيڪ پڙھو -
انجنيئر ۽ ايم ڊي ڪراچي واٽر بورڊ کان ٽن سالن جي ٻارڙي جي موت تي جواب طلب ڪري ورتو
ڪراچي صوبائي محتسب اسد اشرف ملڪ پاڻمرادو نوٽيس وٺندي سيڪريٽري پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ۽ ايم ڊي ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ کان ٽن سالن جي ٻارڙي جي موت تي فوري طور رپورٽ طلبي ورتي آهي
وڌيڪ پڙھو -
تعليم جي شعبي ۾ ڪوبه دٻاءُ قبول نه ڪيو ويندو: پير مظهر الحق
تعليم ۽ خوانگي واري سينيئر صوبائي وزير پير مظهر الحق چيو آهي ته تعليم جي شعبي ۾ ڪوبه دٻاءُ قبول نه ڪنداسين. 1400 بند اسڪول کولرايا آهن. استادن جي کوٽ کي ختم ڪرڻ لاءِ پهرين مرحلي ۾ 19 هزار استاد ۽ ٻي مرحلي ۾ 8 هزار استاد ڀرتي ڪيا ويندا
وڌيڪ پڙھو -
نذير بروهي جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاھرو
شهدادڪوٽ ۾ بروهي برادري جي سڏ تي چار ڏينهن اڳ اغوا ٿي ويل سوناري نذير بروهي جي بازيابي لاءِ مختلف سياسي ، سماجي تنظيمن جسم ، جسقم، فنڪشنل ليگ، رائيس مل يونين، ڪريانه ايسوسيئيشن شهري اتحاد ۽ ٻين تنظيمن جي سوين ڪارڪنن ۽ شهرين مظاھرو ڪيو
وڌيڪ پڙھو