ٺٽو
-
اين سي ايڇ ڊي جي خاتمي ۽ پوليس تشدد خلاف مظاھرو
: ٺٽي ۾ اين سي ايڇ ڊي جي خاتمي ۽ اسلام آباد ۾ احتجاج ڪندڙ اين سي ايڇ ڊي جي ملازمن تي ٿيل تشدد ۽ گرفتارين خلاف ملازمن جو احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو ، زوردار نعريبازي. اين سي ايڇ ڊي ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي دائم جانوري، نور نبي جوڻيجو ، خالد لطيف ميمڻ، نثار رند ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي پريس ڪلب ٺٽو اڳيان ڌرڻو هڻي ويهي رهيا ۽ نعريبازي ڪئي ، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته موجوده جهموري حڪومت جو نعرو آهي ته ماڻهن کي اٽو، لٽو ۽ اجهو ڏينداسين پر اين سي ايڇ ڊي کي بند ڪري ان نعري جي خلاف ورزي ڪئي ويئي آهي ۽ پر امن نموني سان احتجاج ڪندڙن کي پوليس ۽ ڏنڍي جي زور تي جهڪايو پيو وڃي ، جيڪا وڏي زيادتي آهي ، هنن مطالبو ڪيو ته اين سي ايڇ ڊي کي مستقل طور تي بحال ڪيو وڃي ۽ اسلام آباد ۾ احتجاج ڪندڙن تي تشدد ڪندڙ اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
وڌيڪ پڙھو -
سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران گهر شماري خلاف ٺٽي ۾ احتجاجي مظاهرو
سنڌ ترقي پسند پارٽي ٺٽو پاران ٿيل گهر شماري خلاف ٺٽي ۾ احتجاجي مظاهرو ، ريلي ، سنڌ ترقي پسند پارٽي ضلعي ٺٽي جي ضلعي صدر غياث ميمڻ جي اڳواڻي ۾ ايڌي نيشنل بئنڪ کان پريس ڪلب ٺٽو تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ، مظاهرو ڪندڙن سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ڪارڪنن جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا، جيڪي بوگس گهر شماري نا منظور جا نعرا هڻي رهيا هئا ، ان موقعي تي مظاهري کي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ بوگس گهر شماري ڪرائي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ڪئي ويئي آهي جنهن کي سنڌ جو عوام هرگز قبول نٿو ڪري.
وڌيڪ پڙھو -
حيسڪو جي نجڪاري خلاف ملازمن جو مظاھرو
ٺٽي ۾ حيسڪو ملازمن پاران مراعتون نه ملڻ ۽ حيسڪو جي نجڪاري جي امڪاني فيصلي خلاف حيسڪو يونين جي اڳواڻ عبادت حسين، محمد ، قاسم ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب ٺٽو اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ، ملازمن جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا ۽ ،ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ملازمن سان نا انصافي ڪندي ملامن جا فري يونٽ ۽ ٻيون مراعتون ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي جنهن سبب ملازم سخت پريشاني جو شڪار آهن، هنن مطالبو ڪندي اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي ته مطالبا پورا ڪري ملازمن مان مايوسي ختم ڪئي وڃي.
وڌيڪ پڙھو -
اين سي ايڇ ڊي جي پر امن احتجاج تي پوليس پاران ڪيل شيلنگ ۽ تشدد واري عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت
اين سي ايڇ ڊي ايڪشن ڪميٽي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ڊائم بلوچ، نور نبي جوڻيجو، خالد لطيف ميمڻ، نثار رند ۽ ٻين اسلام آباد ۾ اين سي ايڇ ڊي جي پر امن احتجاج تي پوليس پاران ڪيل شيلنگ ۽ تشدد واري عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته پنهنجي روزگار جي حاصلات لاءِ پر امن احتجاج ڪندڙن کي ڏنڍي ۽ طاقت جي زور تي هيسائڻ وارو عمل هن جمهوري حڪومت ۾ شرمناڪ عمل آهي جنهن جي جيتري به مذمت ڪجي اها گهٽ آهي هنن گهر ڪندي چيو ته هڪدم جائز مطالبا مڃي ملازمن مان مايوسي ۽ بيچيني واري فضا کي ختم ڪيو وڃي.
وڌيڪ پڙھو -
پي پي ڪارڪنن ٺٽي ۾ شھيد راڻي جي 58 ھين سالگرھ ملھائي
شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي 58 هين سالگره جي موقعي تي پ پ ضلعي ٺٽي پاران پريس ڪلب ٺٽو اڳيان سالگره جي هڪ تقريب ملهائي ويئي جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ ڪارڪنن شرڪت ڪري عطيي طور رت جون بوتلون ڏنيون ۽ قرآن خواني ڪئي، رٿيل تقريب کي پ پ ضلعي ٺٽي جي صدر ارباب وزير احمد ميمڻ ، جنرل سيڪريٽري ۽ ايم پي اي صادق علي ميمڻ، امتياز قريشي ۽ ٻين خطاب ڪندي شهيد بينظير ڀٽو جي زندگي تي روشني وجهندي کيس خراج تحسين پيش ڪيو، ان موقعي تي سالگره جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو
وڌيڪ پڙھو -
نوجوان جي قاتلن جي اڃان گرفتاري عمل نه آئي
ٺٽي شهر ۾ قتل ٿيل نوجوان ضياءُ الله شاهه پٺاڻ جي قتل ڪيس سندس چاچي ۽ ان جي پٽ خلاف داخل، ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه آئي، ٻه ڏينهن اڳ ٺٽي شهر ۾ قتل ٿيل نوجوان جو ڪيس ٺٽي ٿاڻي تي سندس پيءُ بخت علي شاهه جي فرياد تي مقتول جي چاچي نور علي شاهه ۽ ان جي پٽ مدثر خلاف داخل ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه آئي آهي .
وڌيڪ پڙھو -
مڪلي تي مقامي بيروزگار نوجوانن جو احتجاجي مظاهرو، ڊي سي او آفيس اڳيان ڌرڻو
ٺٽي ضلعي ۾ سرڪاري کاتن توڙي اين جي اوز ۾ مقامي نوجوانن کي نوڪريون ڏيڻ بجاءِ غير مقامي ماڻهن کي ڀرتي ڪرڻ واري عمل خلاف مڪلي تي مقامي بيروزگار نوجوانن جو احتجاجي مظاهرو، ڊي سي او آفيس اڳيان ڌرڻو. ٺٽي جي بيروزگار نوجوانن پاران پبلڪ پارڪ کان هڪ وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي ويئي ريلي ۾ شامل نوجوانن جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا جيڪي نعريبازي ڪندي ڊي سي او آفيس اڳيان پهچي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن جي اڳواڻي ڪندڙ ممتاز علي شيخ، غلام حيدر سرڪي ٻين چيو ته ضلعي ٺٽي جا نوجوان ڊگريون هٿن ۾ کڻي نوڪرين لاءِ ڌڪا کائي رهيا آهن، پر ان جي باوجود ضلعي جي چونڊيل نمائندن پاران ڪو به نوٽيس ناهي ورتو ويو، جڏهن ته نا انصافي جي حد اها آهي ته هتي ڪم ڪندڙ غيرسرڪاري تنظيمن ۽ مختلف کاتن ۾ ٻاهرين ماڻهن کي ڀرتي ڪيو ويو آهي
وڌيڪ پڙھو -
اين جي اوز جي گاڏي هلائيندڙ نوجوان قتل
ٺٽي ۾ پراڻي دشمني تان هٿياربندن فائرنگ ڪري هڪ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، هڪ اين جي اوز جي گاڏي هلائيندڙ نوجوان ضياءُالله شاهه پٺاڻ کي کيربازار ۾ موٽرسائيڪل سوار ٻن هٿياربندن پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪري فرار ٿي ويا، ٺٽو پوليس لاش تحويل ۾ وٺي سول اسپتال مڪلي آندو جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتول جي پيءُ بخت علي شاهه صحافين کي ٻڌايو ته مونکي شڪ آهي ته منهنجي پٽ کي منهنجي ڀاءُ نور شاهه قتل ڪرايو آهي هن چيو ته چار سال اڳ ڪراچي ۾ نور شاهه جو پٽ مارجي ويو هو جنهن جي قتل جو الزام اسان تي هنيو ويو هو جڏهن ته فوتي نوجوان جو مڙهه مڪلي جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
وڌيڪ پڙھو -
ڪراچي کان چوهڙجمالي ويندڙ مسافربس ۾ ڦر
گهارو ويجهو ڪراچي کان چوهڙجمالي ويندڙ مسافربس ۾ مسافرن جي روپ ۾ سوار 6 هٿياربندن هٿيارن جي زور تي مسافرن کي يرغمال بڻائي کانئن هزارين رپيا روڪ رقم موبائل فون ۽ ٻيو قيمتي سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا. ڦر جي ويل مسافر گهاري ويجهو قومي شاهراهه تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو جنهن سبب ڪيتريون ئي گاڏيون بيهجي ويون. بعد ۾ پوليس پهچي احتجاج ڪندڙن سان ڳالهيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرايو.
وڌيڪ پڙھو -
ڌاٻيجي ڀرسان وين ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر ٻه ڄڻا فوت 8 زخمي
ڌاٻيجي ڀرسان وين ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر ٻه جڻا فوت 8 ڄڻا زخمي، ڪراچي کان ڪينجهر طرف پنهنجي خاندان سان گڏ پڪنڪ ملهائڻ لاءِ ايندڙن جي وين جو ڌاٻيجي ڀرسان انڊس آئل رفائنري وٽ قومي شاهراهه تي ٽرڪ سان ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ ڪراچي جي اورنگي ٽائون جا رهواسي ٻه نوجوان 19 سالا ريحان ۽ 18 سالا شاهد ٿڏي تي فوت ٿي ويا جڏهن ته ارسلان، جنيد، منان، شعيب، جاويد سميت 8 جڻا زخمي پيا جن کي گهارو رورل هيلٿ سينٽر آندو ويو بعد ۾ سندن وارث زخمين ۽ فوتين کي ڪراچي کڻائي ويا
وڌيڪ پڙھو