ٺٽو
-
ٺٽي جي برسات متاثر علائقن ۾ ماغي مليريا جي بيماري وبائي صورت اختيار ڪري ورتي
ٺٽي ضلعي جي 55 يوسيز جي 51 بنيادي صحت مرڪزن ۾ ڪم ڪندڙ پي پي ايڇ آءِ جي ڊاڪٽرن انڪشاف ڪندي چيو آهي ته تازين برساتن کان پوءِ ٺٽي ضلعي جي مختلف متاثر علائقن ۽ جاتي چوڪ جي رليف ڪيمپ ۾ دماغي مليريا جي بيماري وبائي صورت اختيار ڪري ورتي آهي پر ڦوهارو مهم نه هلڻ ڪري متاثر علائقن جي ماڻهن جون زندگيون خطري هيٺ اچي ويون آهن ، پي پي ايڇ آئي ۾ ڪم ڪندر ڊاڪٽرن جو هڪ اهم اجلاس مڪلي جيم خانه ۾ ٿيو، جنهن ۾ پي پي ايڇ آئي ايمپلائيز فورم جو بنياد وجهي ڊاڪٽر عبدالحسين شاهه، ڊاڪٽر حبيب خواجه، ڊاڪٽر عمر ميمڻ ۽ ڊاڪٽر عطاءُ الله ڪلمتي جي اڳواڻي ۾ 9 رڪني آرگنائزنگ ڪميٽي جوڙي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي
وڌيڪ پڙھو -
صوبائي حڪومت جي ٺٽي لاءِ مقرر رليف ڪوآرڊينيٽر آغا جان اختر جو ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو. ضلع لاءِ راشن ۽ هڪ هزار لٽر اينٽي مليريا دوائون جاري ڪرايون.
ضلع ٺٽي جي ٻوڏ متاثرين لاءِ مقرر رليف ڪوآرڊينيٽر ۽ سيڪريٽري زراعت آغا جان اختر اڄ ضلعي جي چونڊيل نمائندن ۽ ضلعي عملدارن سان گڏ ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪري رليف ڪيمپن جو معائنو ڪيو. دوري دوران مقامي ايم اين اي ڊاڪٽر عبدالواحد سومرو، سابق ايم پي اي غلام قادر پليجو، ڊي سي او ٺٽو محمد جعفر عباسي ۽ ٻيا ضلعي عملدار ڪوآرڊينيٽر سان گڏ هئا. هن ضلعي ٺٽي ۾ تباهي مچائيندڙ ۽ ٻوڏ جو سبب بنجندڙ ايل بي او ڊي جي سم نالن جو معائنو ڪيو ۽ لاڳاپيل ڊرينيج کاتي کي هدايت ڪئي ته سم نالن کي مظبوط ڪري ٻوڏ جو پاڻي سمنڊ ۾ نيڪال ڪيو وڃي ته جيئن عوام کي موت مار بيمارين کان بچائي سگھجي.
وڌيڪ پڙھو -
سنڌ جي ناليواري شخصيتن نڌ جي سياحت کي نظرانداز ڪرڻ واري حڪومتي پاليسي تي ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي
سنڌ جي ناليواري ڪهاڻيڪارن ماحولياتي ماهرن اديبن توڙي دانشورن سنڌ جي سياحت کي نظرانداز ڪرڻ واري حڪومتي پاليسي تي ڳڻتي ظاهر ڪندي سنڌ جي تاريخي سياحت جي مرڪزن ۽ قديم ماڳن کي بهتر بنائڻ ۽ ماحوليات جا مسئلا ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته سنڌ جي سياحت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ عوامي سطح تي جاڳرتا مهم هلائي ويندي ماحوليات تي ڪم ڪندڙ عالمي اداري ڊبليو ڊبليو ايف پاران سياحت جي عالمي ڏهاڙي جي سلسلي ۾ ڪينجهر ڍنڍ تي منعقد ٿيل هڪ تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي ناليواري ڪهاڻيڪار بدر ابڙو چيو ته سنڌ ۾ 2 هزار کان مٿي تاريخي تفريحي ماڳ آهن جن مان 2 سئو ماڳ سنڌ جي تاريخي شهر ٺٽي سان تعلق رکن ٿا پر انتهائي افسوس آهي جو انهن تاريخي ماڳن کي مڪمل طور تي حڪومتي سطح تي نظرانداز ڪيو ويو آهي
وڌيڪ پڙھو -
برسات ستايل جي امداد نه ٿيڻ تي ايم اين جو ڊي سي آفيس آڏو احتجاج جو اعلان
ق ليگ سان تعلق رکندڙ ٺٽي جي ايم اين اي اياز شاهه شيرازي سندن تڪ ۾ برسات متاثرين جي امدادي سهائتا نه ٿيڻ ۽ ضلعي انتظاميا پاران من پسند ماڻهن کي نوازڻ خلاف ايندڙ سومر واري ڏينهن ڊي سي او آفيس اڳيان احتجاجي ڌرڻي ۽ گهيراءُ جو اعلان ڪندي الزام هنيو آهي ته ٺٽي جو ڊي سي او برسات متاثرين جي سهائتا نه ٿيڻ جو ذميوار آهي جيڪو نان ڪيڊر آفيسر هجڻ ڪري معاملن کي الجهائي رهيو آهي پريس ڪلب ٺٽو ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ق ليگ جي ايم اين اي اياز علي شاهه شيرازي ۽ ايم پي اي چيتن مل چيو آهي ته سندن ميرپوربٺورو ۽ جاتي تعلقن سميت سڄي ضلعي اندر تازين زوردار برساتن سبب تمام وڏي تباهي آئي آهي پر اڃان تائين سخت متاثر سندن ٻن تعلقن مان برساتي پاڻي جي نيڪال ۽ متاثرين جي سهائتا لاءِ ڪي به جوڳا قدم نه کنيا ويا آهن جنهن سبب هزارين متاثر ماڻهو بي يارومددگار بڻجي بکن ۾ پاهه ٿي رهيا آهن
وڌيڪ پڙھو -
ڊي سي او ٺٽو پاران قومي پوليو مهم جو افتتاح
ڊي سي او ٺٽو محمد جعفر عباسي صحت کاتي ٺٽي جي عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته 26 کان 28 سيپٽمبر 2011ع تائين شروع ٿيندڙ قومي پوليو مهم دوران اهڙا جوڳا اپاءُ ورتا وڃن جو ضلعي ۾ ڪو به ٻار پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان رهجي نه وڃي. اهڙي هدايت هن اڄ سول اسپتال مڪلي ۾ ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياري ضلعي ۾ قومي پوليو مهم جو افتتاح ڪرڻ دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڏني. هن چيو ته صحت مند معاشري لاءِ گڏيل جدوجهد ۽ محنت جي سخت ضرورت آهي جنهن سان نه صرف پوليو جو مڪمل خاتمو آڻي سگھجي ٿو بلڪه ٻارن کي هن موذي مرض کان هميشه لاءِ محفوظ پڻ ڪري سگھجي ٿو. ڊي سي او ضلعي ۾ پوليو جو ٽيون ڪيس ظاهر ٿيڻ تي صحت کاتي ٺٽي جي ڪارڪردگي تي عدم اطمينان ظاهر ڪندي سخت ناراضگي جو اظهار ڪندي چيو ته پوليو جا ڪيس ظاهر ٿيڻ سنڌ واسين لاءِ هڪ وڏو چئلينج برابر آهي
وڌيڪ پڙھو -
ڊاڪٽر عافيه صديقي جي رھائي لاءِ ٺٽو پريس ڪلب آڏو مظاھرو
ڊاڪٽر عافيه صديقي جي آزادي لاءِ پريس ڪلب ٺٽو آڏو مختلف تنظيمن جو احتجاجي مظاهرو ۽ ريلي ، ڊاڪٽر عافيه صديقي جي آزادي لاءِ پاسبان ٺٽو جي اڳواڻن احسان جاکرو هوش محمد عباسي انصاف اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي اڳواڻن وقار عباسي زوار خان ۽ بيروزگار نوجوان تحريڪ جي اڳواڻن عنايت شاهه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن ريلي ڪڍي پريس ڪلب ٺٽو آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو مظاهرين جي هٿن ۾ ڊاڪٽر عافيه صديقي جي آزادي جا پلي ڪارڊ ۽ بينر هئا ، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيوته آمريڪي باشندو ريمينڊ ڊيوس کلي عام ڏوهه ڪري ٻه ماڻهن کي ماري ٿو پر کيس بي ڏوهي قرار ڏيئي آزاد ڪيو ٿو وڃي
وڌيڪ پڙھو -
سول اسپتال ٺٽي ۾ ڊينگي جي ليبارٽري چارج 250 روپين مان گھٽائي 100 روپيه مقرر. ٻوڏ متاثرن ۽ غريبن لاءِ اها خدمت مفت مهيا هوندي.
سنڌ جي ثقافت واري وزير ۽ چيئرپرسن ضلعي ريليف مانيٽرنگ ڪميٽي ٺٽو سسئي پليجو ضلعي جي ڊي سي او، صحت کاتي ۽ ٽي ايم ايز تي زور ڏنو آهي ته عوام کي ڊينگي، مليريا ۽ ٻين پکڙجندڙ بيمارين کان بچائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا وڃن ۽ ان ڏس ۾ هر هنڌ اسپري ڪيو وڃي ڇو ته سنڌ جو برسات ۽ ٻوڏ متاثر عوام هن وقت ڊينگي جھڙي خطرناڪ مرض کي منهن نٿو ڏئي سگھي. اهڙيون هدايتون هن اڄ دربار هال مڪلي ۾ ڊينگي کان بچاءُ لاءِ احطياتي اپائن جو جائزو وٺڻ متعلق منعقد ڪيل هڪ اعلٰي سطحي اجلاس ۾ جاري ڪيون. اجلاس ۾ ڊي سي او ٺٽو محمد جعفر عباسي، اي ڊي او صحت ڊاڪٽر ناصر جلباڻي، اي ڊي او ورڪس شفيق الرحمان کنباٽي ۽ ٽي ايم ايز شرڪت ڪئي. ان موقعي تي صوبائي وزير ٻڌايو ته صدر پاڪستان جناب آصف علي زرداري گذريل ڏينهن ضلعي ٺٽي جي چونڊيل نمائندن سان ٽيلي ڪانفرنس ڪئي
وڌيڪ پڙھو -
پاڪ فوج جو تربيتي جهاز فني خرابي سبب مڪلي تي هنگامي لينڊنگ، پائلٽ زخمي
پاڪ فوج جو تربيتي جهاز فني خرابي سبب مڪلي تي هنگامي لينڊنگ ڪري لهي پيو، ليڊنگ دوران جهاز زمين ۾ ڦاسي پوڻ ڪري جهاز کي نقصان، پائلٽ زخمي،سومر واري ڏينهن منجهند جو پاڪ فوج جا ٻه تربيتي جهاز جيڪي ڪراچي کان پنهنجي معمول جي اڏام تي نڪتل هئا ته ٺٽي ضلعي جي تعلقي ميرپوربٺورو جي حدن ۾ پهتا ته هڪ تربيتي جهاز جنهن تي آرمي 196 لکيل هو ۾ اوچتو فني خرابي ٿي پئي جنهن کي فوري طور تي پائلٽ عقلمندي جو مظاهرو ڪندي شهري آبادي کان واپس موڙي مڪلي طرف روانو ٿيو پر جهاز جي فني خرابي وڌي وڃڻ ڪري ان کي هنگامي بنيادن تي مڪلي اسٽيڊيم ڪرڪيٽ گرائونڊ تي لينڊنگ ڪرائي ويئي جنهن دوران جهاز زمين ۾ ڦاسي پيو ۽ جهٽڪا لڳڻ ڪري تربيتي جهاز جو پائلٽ شعيب معمولي زخمي ٿي پيو
وڌيڪ پڙھو -
جسقم چيئرمين بشير خان قريشي جي گرفتاري خلاف ضلعي ٺٽي جي سمورن شهرن ۾ مڪمل شٽربند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال، ٽائرن کي باهيون
جسقم چيئرمين بشير خان قريشي جي گرفتاري خلاف ضلعي ٺٽي جي سمورن شهرن ۾ مڪمل شٽربند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال، ٽائرن کي باهيون، گاڏين تي پٿراءُ، احتجاجي مظاهرا، ڌرڻا، روڊن ۽ رستن تي ويراني ، ڦيٿاروڪ هڙتال سبب ٽريفڪ به روڊن تان غائب رهي، جسقم چيئرمين بشير خان قريشي جي گرفتاري واري عمل خلاف جسقم پاران ڏنل ڦيٿا روڪ ۽ شٽربند هڙتال واري سڏ جي موٽ ۾ ضلعي ٺٽي جي سڀني وڏن توڙي ننڍن شهرن ٺٽو، مڪلي، جهمپير، گهارو ، ڌاٻيجي ۽ غريب آباد مارڪيٽ ، ميرپور ساڪرو، ٻهارا، ڳاڙهو، ور ، غلام الله، سجاول، چوهڙ جمالي، جاتي، ميرپور بٺورو ، جهوڪ شريف ۽ دڙو سميت ٻين علائقن ۾ مڪمل طور تي هڙتال رهي ۽ رستن تي ٽريفڪ پڻ معطل رهي
وڌيڪ پڙھو -
لاڳيتي برساتن ۽ سم نالن توڙي سامونڊي ويرن جي پاڻي اڳتي وڌڻ ڪري سامونڊي تعلقن جي وسندين جي ڳوٺن جو زميني رابطو ڪٽجي ويو
ٺٽو جي سامونڊي تعلقن ۾ مٺي پاڻي جي فراهمي ڪندڙ 19 کان مٿي شاخن ۾ پاڻي جي فراهمي بند، ضلعي جي ٽن سامونڊي تعلقن گهوڙاٻاري، ڪيٽي بندر ۽ کاروڇاڻ جي 2 لک انساني آبادي ۽ چوپايو مال اڃ وگهي تڙپڻ لڳو ، ٺٽو جي سامونڊي تعلقن ڪيٽي بندر، کاروڇاڻ ۽ گهوڙاٻاري جي ستن ئي يوسيز ۾ گذريل 15 ڏينهن کان پيئڻ جي پاڻي توڙي آبادي لاءِ پاڻي فراهم ڪندڙ هتان جي شاخن مليرڙي، انڊو، ٻن دارسي، ڳاڙهو، خاناڻي، گهوڙاٻاري، جهالو، ڪوٽڙي الهرکيو شاهه ۽ سانولپور سميت 19 شاخن ۾ پاڻي جي عدم فراهمي ڪري ٽنهي تعلقن جي 2 لک کان مٿي انساني زندگي سان گڏ چوپايو مال اڃ وگهي تڙپڻ تي مجبور بڻيل آهي
وڌيڪ پڙھو