مٽياري

ضلعي مٽِياري ۾ ٿيندڙ عام چونڊن کي پر امن ۽ شفاف بنائڻ لاءِ سمورا گهربل انتظام مڪمل ڪيا پيا وڃن، ڊپٽي ڪمشنر

ڊپٽي ڪمشنر مٽِياري جناب فياض حسين عباسي اڄ پنهنجي آفيس ۾ هڪ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو آهي ته ضلعي مٽِياري ۾ ٿيندڙ عام چونڊن کي پر امن ۽ شفاف بنائڻ لاءِ سمورا گهربل انتظام مڪمل ڪيا پيا وڃن جنهن تحت ووٽرن کي تحفظ کان علاوه سڀئي گهربل سهولتون فراهم ٿي سگهنديون .

وڌيڪ پڙھو

مٽياري: پ پ اڳواڻ ۽ آزاد اميدوار فنڪشنل ليگ جي اميدوار جي حق ۾ ھٿ کڻي ويو

يوسي تاجپور جي پي پي پي اڳواڻ ۽ پي ايس 44 تي آزاد اميدوار سيد ڀورل شاھي پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل پي ايس 44 اميدوار سيد محمد علي شاھ ڄاموٽ جي حق ۾ ھٿ کڻي ويو ۽ آزاد اميدوار سيد محمد شاھ به پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل جي حق ۾ ھٿ کڻي ويو.

وڌيڪ پڙھو

مٽياري اجرڪ مزدور اتحاد جا جائز مطالبا اڃان پورا نه ٿيا

مٽياري : مٽياري اجرڪ مزدور اتحاد جي طرفان ڪيل احتجاج اڄ اٺئين (8) ڏينهن به جاري. مٽياري اجرڪ مزدور اتحاد جا جائز مطالبا اڃان پورا نه ڪيا ويا. مٽياري اجرڪ مزدور اتحاد احتجاج جو دائرو واڌائي ڇڏيو ۽ اٺئين ڏينهن به پنهنجو احتجاج جاري رکيو. مٽياري اجرڪ اتحاد جي صدر الطاف حسين کوسي ميديا کي ٻڌائيندي چيو ته جيسين تائين اسان جرڪ جي مزدورن جا جائز مطالبا پورا نه ڪيا ويندا تيسين تائين اجرڪ جا مزدور پنهنجو احتجاج جاري رکندا ۽ سنڌ جي ثقافت کي تباه ڪندڙ سنڌ ڌشمنن کي پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. مٽياري اجرڪ مزدور اتحاد جي حمايت ڪندڙ انڊس سوشل فورم جي مرڪزي نائب صدر خادم حسين ميمڻ ٻڌائيندي چيو ته اجرڪ جي غريب پورهيتن جي اُجرت ۾ اضافو ڪيو وڃي، اڄ اجرڪ جي مزدورن کي اٺ (8) ڏينهن گذري ويا آهن ۽ اجرڪ جا مزدور مسلسل احتجاج ڪري رهيا آهن.

وڌيڪ پڙھو

سڪرنڊ ڀرسان پئسا نه ڏيڻ تي ظالم ڏير تيز ڌار سان ڀاڄائي کي ڪهي ڇڏيو

سڪرنڊ ڀرسان ڳوٺ نور محمد چوهاڻ ۾ جوابدار جنوئر باگڙي پنهنجي ڀاڄائي 18 سالن جي سياڻي کان خرچ لاءِ پئسا گهريا پر ڀاڄائي انڪار ڪيو ته مون وٽ پئسا ناهن، جنهن تي ڪاوڙ ۾ اچي جوابدار جنوئر باگڙي تيز ڌار سان ڀاڄائي جو گلو ڪٽي ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويو ناريءَ جي دانهن تي سندس مڙس ڪرشن باگڙي ۽ گهر وارا کيس سخت زخمي حالت ۾ نوابشاهه اسپتال کڻائي ويا. جتي هوءَ زخمن جاسور نه سهي فوت ٿي ويئي. مقتول ناريءَجي پيءُ لڇمڻ باگڙي سڪرنڊ ٿاڻي تي ٽن جوابدارن خلاف قتل جي ايف آءِ آر داخل ڪرائي آهي. جن ۾ جنوئر ڪيانو

وڌيڪ پڙھو

قاضي احمد ۾ ڪارنهن الزام هيٺ ٻٽو قتل، 2جوابدار گرفتار

قاضي احمد ۾ ڪارنهن تهمت هڻي نوجوان ۽ عورت کي قتل ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب ڊاٽسن جي اڏي وٽ هٿياربندن ڊرائيور اڪبر ڇٽي کي قتل ڪيو، جڏهن ته ڳوٺ مير ڇٽي ۾ زاهده ڌي مير حمزو خاصخيلي کي گولين جو کاڄ بڻايو ويو، جنهن کان پوءِ پوليس ٻنهي جا لاش مقامي اسپتال آندا، جيڪي پوسٽ مارٽم ڪرڻ کان پوءِ وارثن حوالي ڪيا ويا آهن، واقعن کان پوءِ پوليس ٻن جوابدارن حضور بخش خاصخيلي ۽ لطيف خاصخيلي کي گرفتار ڪري ورتو، جن خلاف نوجوان اڪبر جي پيءُ جمن ڇٽي واقعي جو ڪيس داخل ڪرايو آهي.

وڌيڪ پڙھو
Back to top button