مٽياري

قاضي احمد ۾ ڪارنهن الزام هيٺ ٻٽو قتل، 2جوابدار گرفتار

Murder in Qazi Ahmed1
مقتول زاھده ۽ اڪبر ڇٽو
قاضي احمد(م ڊ) قاضي احمد ۾ ڪارنهن تهمت هڻي نوجوان ۽ عورت کي قتل ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب ڊاٽسن جي اڏي وٽ هٿياربندن ڊرائيور اڪبر ڇٽي کي قتل ڪيو، جڏهن ته ڳوٺ مير ڇٽي ۾ زاهده ڌي مير حمزو خاصخيلي کي گولين جو کاڄ بڻايو ويو، جنهن کان پوءِ پوليس ٻنهي جا لاش مقامي اسپتال آندا، جيڪي پوسٽ مارٽم ڪرڻ کان پوءِ وارثن حوالي ڪيا ويا آهن، واقعن کان پوءِ پوليس ٻن جوابدارن حضور بخش خاصخيلي ۽ لطيف خاصخيلي کي گرفتار ڪري ورتو، جن خلاف نوجوان اڪبر جي پيءُ جمن ڇٽي واقعي جو ڪيس داخل ڪرايو آهي. ان سلسلي ۾ حد ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ آهي ته ڪارنهن معاملي تان ٻنهي کي قتل ڪيو ويو آهي. جن جي ڪيس ۾ ٻه جوابدار گرفتار ڪيا آهن، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون. ٻين جوابدارن کي به جلد گرفتار ڪيو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button