ڄامشورو

  • جماعت اسلامي ۽ الخدمت فائونڊيشن پاران قلندر جي ميلي تي ڪئمپ لڳائي وئي

    جماعت اسلامي ضلع ڄامشورو ۽ الخدمت فائونڊيشن طرفان قلندر لعل شهبار رح جي 759 هين عرس جي موقعي تي زائرين جي طبي امداد ۽ پاڻي جي ٿڌي سبيل لاءِ ٽي ڏينهن ڪئمپ لڳائي وئي . الخدمت جي فائونڊيشن جي پڌرائي موجب قلندر شهباز رح جي ميلي جي موقعي تي الخدمت فائونڊيشن طرفان جماعت اسلامي جي سهڪار سان لڳايل ڪئمپ ۾ موجود هڪ ڊاڪٽر2ايمبولينسز۽ 25 رضاڪارن ٽيئي ڏينهن 24 ڪلاڪ سروس جاري رکي .هزارين زائرين جي مفت طبي امداد،دوائون فراهم ڪيون .جڏهن ته ٿڌي پاڻي جي سبيل به جاري رکي .ڪيترن ئي سياسي ،سماجي اڳواڻن ۽ زائرين جماعت اسلامي ۽ الخدمت جي ان انسان دوست قدم کي سٺو سنوڻ قرار ڏنو.

    وڌيڪ پڙھو
  • ڊي سي او ڄامشورو سنڌ ۾ امڪاني برساتن ۽ ٻوڏ واري صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳواٽ ڪيل حفاظتي انتظامن جو جائزو ورتو

    صوبي سنڌ ۾ امڪاني برساتن ۽ ٻوڏ واري صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳواٽ ڪيل حفاظتي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ ڊي سي او سيڪريٽريٽ ۾ ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيٽر/ ڊي سي او ڄامشورو ناصر عباس سومرو جي صدارت هيٺ هڪ گڏجاڻي منعقد ٿي گذري .گڏجاڻي کي خطاب ڪندي ڊي سي او سمورن عملدارن کي هاءِ الرٽ رهڻ جي هدايت ڪندي زور ڀريو ته هو ڪنهن به امڪاني صورتحال دوران متاثرن جي امداد سميت جاني ۽ مالي نقصان کي نظر ۾ رکندي ريسيڪو جا فرض انجام ڏيندي عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻائين ڇاڪاڻ ته اها انتظاميه جي اولين ذميواري آهي ۽ ان سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي کي برداشت نه ڪيو ويندو.ان کان اڳ پوليو مهم جي سلسلي ۾ انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ ضلعي ايڊمنسٽريٽر/ ڊي سي او ناصر عباس سومرو جي صدارت هيٺ هڪ گڏجاڻي منعقد ٿي جنهن ۾ صحت کاتي کان علاوه ٻين واسطيدار ادارن جي عملدارن پڻ شرڪت ڪئي .

    وڌيڪ پڙھو
  • سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪندڙ قومي ڪارڪنن جو قتل عام ڪيو پيو وڃي، رياستي ڏاڍ ذريعي جدوجهد تان دستبردار نه ٿينداسين:قومپرست

    سنڌ جي قومپرستن چيو آهي ته سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪندڙ قومي ڪارڪنن جو قتل عام ڪيو پيو وڃي، رياستي ڏاڍ ذريعي قومي حقن واري جدوجهد تان دستبردار نه ٿينداسين، ڄامشوري ۾ جي ايم سيد ايڊيفس واري گرائونڊ تي ايس يو پي ڪارڪن سيد اختر علي شاهه جي ٻئي ورسي واري جلسي کي خطاب ڪندي ايس يو پي سربراهه سيد جلال محمود شاهه چيو ته ملڪ اندر ادارن جي مضبوطي ۽ نظام جي تبديلي چاهيون ٿا، ڌرتي ڌڻين جي قومي حقن واري حاصلات تائين جدوجهد تان دستبردار نه ٿينداسين، رياستي ڏاڍ وارا حربا ڪاميابي واري منزل تائين پهچڻ ۾ رڪاوٽ نه بڻجي سگهندا، سنڌي قوم لاءِ قومي ورڪرن جون شهادتون اتساهه ثابت ٿيون آهن، هن چيو ته ماضي جي آمر حڪمرانن ۽ موجوده جمهوريت پسند هجڻ جو راڳ ڳائيندڙ حڪمرانن ۾ ڪوبه فرق نه آهي، هن چيو ته ايس يو پي عدليا جي آزادي واري جدوجهد ۾ اڳڀرو ڪردار ادا ڪيو، شهيد اختر شاهه انهي جدوجهد ۾ شهادت ماڻي پر 2 سال گذرڻ باوجود سپريم ڪورٽ سميت هيٺين عدالتن مان انصاف نه ملي سگهيو آهي، افوس ته هيٺين عدالتن ۾ قاتلن کي پروٽوڪول ڏنو پيو وڃي

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button