ڄامشورو

سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪندڙ قومي ڪارڪنن جو قتل عام ڪيو پيو وڃي، رياستي ڏاڍ ذريعي جدوجهد تان دستبردار نه ٿينداسين:قومپرست

Sindhi Nationalists ڄامشورو (م ڊ ) سنڌ جي قومپرستن چيو آهي ته سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪندڙ قومي ڪارڪنن جو قتل عام ڪيو پيو وڃي، رياستي ڏاڍ ذريعي قومي حقن واري جدوجهد تان دستبردار نه ٿينداسين، ڄامشوري ۾ جي ايم سيد ايڊيفس واري گرائونڊ تي ايس يو پي ڪارڪن سيد اختر علي شاهه جي ٻئي ورسي واري جلسي کي خطاب ڪندي ايس يو پي سربراهه سيد جلال محمود شاهه چيو ته ملڪ اندر ادارن جي مضبوطي ۽ نظام جي تبديلي چاهيون ٿا، ڌرتي ڌڻين جي قومي حقن واري حاصلات تائين جدوجهد تان دستبردار نه ٿينداسين، رياستي ڏاڍ وارا حربا ڪاميابي واري منزل تائين پهچڻ ۾ رڪاوٽ نه بڻجي سگهندا، سنڌي قوم لاءِ قومي ورڪرن جون شهادتون اتساهه ثابت ٿيون آهن، هن چيو ته ماضي جي آمر حڪمرانن ۽ موجوده جمهوريت پسند هجڻ جو راڳ ڳائيندڙ حڪمرانن ۾ ڪوبه فرق نه آهي، هن چيو ته ايس يو پي عدليا جي آزادي واري جدوجهد ۾ اڳڀرو ڪردار ادا ڪيو، شهيد اختر شاهه انهي جدوجهد ۾ شهادت ماڻي پر 2 سال گذرڻ باوجود سپريم ڪورٽ سميت هيٺين عدالتن مان انصاف نه ملي سگهيو آهي، افوس ته هيٺين عدالتن ۾ قاتلن کي پروٽوڪول ڏنو پيو وڃي، حڪمران پنهنجن شهيدن جي قاتلن کي سڃاڻن يا نه پر اسان پنهنجن شهيدن جي قاتلن کي چڱي ريت سڃاڻون ٿا، ايس يو پي اڳواڻ سيد شاهه محمد شاهه چيو ته وفاق پرست حڪمرانن رياستي ادارن جي ڏاڍ جي بنياد تي قومن کي يرغمال بڻايو آهي، هاڻ تبديلي اڻٽر آهي، سنڌ جي وسيع مفادن لاءِ ايس يو پي قومي جمهوري پارٽي طور اڀري رهي آهي، شهيد اختر شاهه جي شهادت ضرور رنگ لاهيندي، جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو چيو ته سنڌي قوم ۽ قديم ٻولي جي وجود کان انڪاري بڻيل حڪمرانن کي تاريخ ڪڏهن به معاف نه ڪندي، حقن جي حاصلات لاءِ ڌرتي ڌڻين پاران نئين سر صف بندي ٿي رهي آهي، عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ قادر رانٽو چيو ته سنڌ جي شهيدن جو خواب ساڀيان ضرور ٿيندو، سنڌي قوم کي عملي طور تي ميدان ۾ اچڻو پوندو، سندن سوچ ۽ عمل ۾ تبديلي آڻي موقعي پرست ٽولن کي ڀت سان لڳائڻو پوندو، سنڌ هاري ڪاميٽي جي سربراهه اظهر جتوئي چيو ته سنڌي قوم ووٽ جي طاقت سان نظام ۾ تبديلي آڻي سگهي ٿي، ان موقعي تي پير خليل جان سرهندي،سيد زين شاهه، مير مولا بخش لغاري، ڊاڪٽر دودو مهيري، شفيع ڪرناڻي، روشن ٻرڙو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو، هوڏانهن سيد جلال محمود شاهه ۽ سيد اختر علي شاهه جي والد سيد اشرف علي شاهه جي اڳواڻي ايس يو پي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن شهيد اختر علي شاهه جي شهادت واري هنڌ جوڙيل يادگار تي گلن جي ورکا ڪندي ڀيٽا پيش ڪئي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button