ٽنڊو ڄام

  • هائير ايجوڪيشن ڪميشن، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي بجيٽ گهٽائي ڇڏي

    هائير ايجوڪيشن ڪميشن، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي بجيٽ گهٽائي ڇڏي، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام مالي مشڪلاتن ۾ ڦاسڻ جو خدشو، خبر موجب هائير ايجوڪيشن ڪيمشن، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي هلندڙ مالي سال جي بجيٽ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ گهٽائي ڇڏي آهي، جنهن سان مادرعلمي سخت مالي گهوٽالي جو شڪار ٿي ويندي، ان حوالي سان سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر عبدالقادر مغل، هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي اختيارين کي هڪ کليل خط موڪليو آهي، جنهن ۾ هن ڄاڻايو آهي ته هلندڙ مالي سال 2012-2011 لاءِ مادرعلمي لاءِ 608.55 ملين روپيه مختص ڪيا ويا آهن، جيڪي گذريل سال جي بجيٽ 695.508 جي ڀيٽ ۾ 86.958 ملين روپيه گهٽ آهن، اهڙي ريت يونيورسٽي سان سلهاڙيل شهيد ذوالفقار علي ڀٽو زرعي ڪاليج ڏوڪري جي بجيٽ هلندڙ مالي سال لاءِ 51.430 ملين روپيه مختص ڪيا ويا آهن

    وڌيڪ پڙھو
  • زرعي يونيورسٽي ۾ سپليمينٽري امتحان 23-آگسٽ کان شروع ٿي رهيا آهن

    سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي امتحانن بابت ڪنٽرولر پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب تدريسي سال 10-2009 ۽ ڪئلينڊر سال 2011 جي مڙني ڪلاسن جي پهرين کان آخري سال جي سڀني فيڪلٽين جي ٻئي ٽرم جا سپليمينٽري امتحان 23-آگسٽ کان شروع ٿي رهيا آهن، جنهن جي فارمن جي عام رواجي في سان آخري تاريخ 15-آگسٽ ۽ ليٽ في سان 19 آگسٽ مقرر ڪئي وئي آهي.

    وڌيڪ پڙھو
  • سنڌ زرعي يونيورسٽي ۾ زرعي گريجوئيٽس جي ڊگري جي مارڪيٽ ۾ گهرج تي ھڪ سيمينار منعقد ڪيو ويو

    سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي ميزباني هيٺ هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي تعاون سان زرعي گريجوئيٽس جي ڊگري جي مارڪيٽ ۾ گهرج توڙي ان جي جوڙجڪ بابت هڪ اهم سيمينار ٿيو، جنهن جي صدارت ڪراپ پراڊڪشن فيڪلٽي جي ڊين ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ڪئي، جڏهن ته ان بابت آيل ماهر ڊاڪٽر نصير عالم پنهنجو خصوصي مقالو پڙهيو، تقريرون ڪندي ڊاڪٽر شمس الدين تنيو چيو ته زرعي گريجوئيٽس ملڪ جي اهم غذائي ضرورتن توڙي ماحوليات، زراعت ۽ پاڻي جي حوالي سان اهم ڪم سرانجام ڏين ٿا ان ڪري انهن جي مارڪيٽ۾ گهرج ۽ ان جي اهميت کي انڪاري نه ٿيڻ گهرجي ۽ انهن جي لاءِ خانگي توڙي سرڪاري ادارن ۾ مقرري توڙي انهن کي پنهنجن شعبن ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ موقعا فراهم ڪرڻ گهرجن

    وڌيڪ پڙھو
  • سنڌ زرعي يونيورسٽي ۾ اوورسيز اسڪالرشپ جي تاريخ ۾ واڌارو

    ٽنڊوڄام: سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي اسڪالرشپ بابت انچارج پنهنجي پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته اهڙا اميدوار جن اوورسيز اسڪالرشپ جي لاءِ درخواست جمع ڪرائڻ کان رهجي ويا آهن، ان جي سهولت خاطر فارم جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ 20-جولائي 2011 تائين واڌارو ڪيو ويو آهي، پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي، ته صرف اهي اميدوار درخواست جمع ڪرائي سگهن ٿا، جن جي آر اي جو امتحان گهربل نمبرن ۾ پاس ڪيو آهي. پريس رليز

    وڌيڪ پڙھو
  • ايڊوانسڊ اسٽڊيز جو اجلاس وائيس چانسلر ڊاڪٽر عبدالقادر مغل جي صدارت هيٺ گذريو

    سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي ايڊوانسڊ اسٽڊيز جو اجلاس وائيس چانسلر ڊاڪٽر عبدالقادر مغل جي صدارت هيٺ گذريو، جنهن ۾ ڊائريڪٽر اڊوانسڊ اسٽڊيز ڊاڪٽر محمد عمر ملاح، ڊاڪٽر اميربخش ڪلهوڙو، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو، ڊاڪٽر محمد صفر ميرجت، ڊاڪٽر ڪي بي ميربحر ۽ ٻيان ميمبر شريڪ ٿيا، ان موقعي تي اجلاس ۾ يونيورسٽي ۾ پوسٽ گريجوئيٽ داخلائن، تدريسي معاملن ۽ اعليٰ تدريسي معاملن تي بحث ۽ فيصلا ڪيا ويا، وائيس چانسلر اجلاس ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اعليٰ تدريسي سرگرمين تي وڌيڪ زور ڏئي، يونيورسٽي ۾ پي ايڇ، ايم فل ۽ ماسٽرس ڊگرين جي ڪلاسن ۽ تحقيقي ڪم تي عالمي معيار مطابق ماهر پنهنجون صلاحيتون ڪتب آڻين.

    وڌيڪ پڙھو
  • سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي سئنڊيڪيٽ جو اجلاس ٿي گذريو

    ٽنڊوڄام: سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي سئنڊيڪيٽ جو اجلاس وائيس چانسلر ڊاڪٽر عبدالقادر مغل جي صدارت هيٺ ٿي گذريو، جنهن ۾ يونيورسٽي، ملازمن۽ اداري جي مسئلن بابت اهم فيصلا ڪيا ويا، اجلاس ۾ ايم پي اي پير امجد حسين شاهه جيلاني. عابد يوسف بچاڻي، ڊاڪٽر آر بي ميربحر، ڊاڪٽر ڪي بي ميربحر، سريش ڪمار واڌواڻي، نعمت الله لغاري ۽ ٻيا ميمبر شريڪ ٿيا

    وڌيڪ پڙھو
  • سنڌ زرعي يونيورسٽي ڪالوني ۾ ۾شهيد بينظير ڀٽو نائيٽ ڪرڪيٽ چئمپين شپ شروع ٿي وئي

    ٽنڊو ڄام: سنڌ زرعي يونيورسٽي ڪالوني ۾شهيد بينظير ڀٽو نائيٽ ڪرڪيٽ چئمپين شپ شروع ٿي وئي، 50-کان وڌيڪ ٽيمون شريڪ، چئمپين شپ 10-ڏينهن جاري رهندي، رپورٽ موجب سنڌ زرعي يونيورسٽي ڪالوني جي شاهه لطيف گرائونڊ تي شهيد بينظير ڀٽو نائيٽ ڪرڪيٽ چيئمپين شپ شروع ٿي وئي آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • يونيورسٽي جي استادن ، آفيسرن ۽ ملازمن کي پنهنجا فرض وڌيڪ محنت سان انجام ڏيڻ گهرجن

    ٽنڊو ڄام: سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر عبدالقادر مغل چيو آهي ته يونيورسٽي جي استادن ، آفيسرن ۽ ملازمن جا ترقين جي حوالي سان مسئلا حل ڪيا ويا آهن، کين پنهنجا فرض وڌيڪ محنت سان انجام ڏيڻ گهرجن. هن اها ڳالهه سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو] جي استادن کي ڏنل ترقين بعد استاد تنظيم سائوٽا پاران ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪندي چئي، هن چيو ته آئون اڄ اعلان ٿو ڪريان ته جي آر اِي پاس ڪندڙ استادن کي جلد ٻاهرين ملڪ جي يونيورسٽين ۾ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاموڪليو ويندو، هن چيو ته منهنجي مٿان مختلف قسم جا الزام مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر جيڪا سرڪاري گاڏي مون پنهنجي ذاتي استعمال ۾ آندي ان جا به 38 هزار روپيا کيسي مان سرڪاري اڪائونٽ ۾ جمع ڪرايا آهن ۽ شايد ٻين ادارن ۾ ائين نه ٿيو هجي، هن چيو ته استادن جي هارڊ شپ ذريعي هڪ گريڊ جي ترقي وارو مسئلو پوري پاڪستان جي يونيورسٽين جو آهي، جيڪڏهن ٻي هنڌ ان تي عمل شروع ٿيو ته ان تي ضرور غور ڪيو ويندو، هن چيو ته يونيورسٽي جي شعبن ۾ تدريسي ترقي جي لاءِ جيڪڏهن ٻاهران قابل پي ايڇ ڊي پروفيسر مليا ته هو ضرور انهن کي يونيورسٽي ۾…

    وڌيڪ پڙھو
  • . ملڪ ۾ هن وقت 60-سيڪڙو کان وڌيڪ بيماريون پيئڻ جي پاڻي ذريعي منتقل ٿين ٿيون: ڊاڪٽر عبدالقادر مغل

    ٽنڊوڄام: سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر عبدالقادر مغل چيو آهي ته ملڪ ۾ هن وقت 60-سيڪڙو کان وڌيڪ بيماريون پيئڻ جي پاڻي ذريعي منتقل ٿين ٿيون ۽ اسلام آباد ڪراچي سميت ڪجهه اهم شهرن جا واسي پيئڻ جي پاڻي جي هڪ ٽينڪر لاءِ روزانو 750 روپيه خرچ ڪن ٿا ۽ ڏينهون ڏينهن پاڻي جي خرچن ۾ اضافو ٿئي ٿو، هن اها ڳالهه زرعي يونيورسٽي جي ايگريڪلچر ايڪانامڪس واري شعبي جي ميزبابي هيٺ بجيٽ ريسرچ سيل پاران ٿيل ورڪشاپ دوران افتتاحي تقريب کي صدارتي خطاب ڪندي چئي هن چيو ته اڄ به اسپتالن ۾ گهڻي کان گهڻا مريض پيٽ، گيسٽرو ، کل، ڪاري ڪامڻ سميت ڪيترين بيمارين جي ڪري داخل آهن ۽ گندي پاڻي جي ڪري مليريا، ڊينگي وائرس ۽ ان کان وڌيڪ خطرناڪ ٻين بيمارين جي ڪري اسپتال ڀيڙا ٿين ٿا، جنهن سبب ماڻهن کي نه صرف جاني نقصان ٿئي ٿو پر بيمارين تي روزانو هزارين روپيه خرچ ٿي رهيو آهي، هن چيو ته مستقبل ۾ پاڻي زندگي جي ضرورتن ۾ انمول شئي جيان هوندو ۽ ان جي ڪري بجيٽ تي روزانو دٻاءُ وڌندو. هن چيو ته اڄ به ٻهراڙي کي ڇڏي ڪري شهرن ۾ پيئڻ جي پاڻي جو في ماڻهو تي خرچ 50 روپين کان 200…

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button