حيدر آباد

ريڊيو پاڪستان ريڊيو حيدرآباد جون چونڊون 30 سالن کان پوءِ ٿيون

ريڊيو پاڪستان ريڊيو حيدرآباد جون چونڊون 30 سالن کان پوءِ ٿيون

حيدرآباد : آل پاڪستان يونائيٽيڊ اسٽاف آرگنائيزيشن ريڊيو پاڪستان جون چونڊون اڄ 30 سالن کانپوءِ ريڊيو پاڪستان ۾ ٿي گذريون جنهن ۾ شهباز گروپ پينل ڪاميابي حاصل ڪئي جڏهن ته جنرل سيڪريٽري جي عهدي لاءِ مخالف شاهين گروپ جي اميدوار ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي_ اڄ هتي ٿيل چونڊن ۾ شهباز گروپ جي صدر حاجي محمد کوکر، سينيئر نائب صدر محمد حسن عرف شانو، نائب صدر شوڪت علي ميمڻ، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري محمد ياسين جوڻيجو، مخالف شاهين گروپ جو جنرل سيڪريٽري عبدالغفار، جوائنٽ سيڪريٽري محمد سميع، خزانچي عبدالعزيز، سيڪريٽري پبلسٽي محمد شاهد ملڪ، ڊپٽي سيڪريٽري پبلسٽي غلام فاروق کوسو ڪاميابي ماڻي _ ان موقعي تي چونڊن ۾ ريڊيو پاڪستان حيِدرآباد ۽ ايڇ پي ٽي مٽياري جي پروڊيوسرن ، عملدارن ۽ ٻئي ميمبر عملي پنهنجي ووٽ وارو حق استعمال ڪيو.
هڪ هزار ديهن جو مڪمل طور تي سڙي ويل روينيو رڪارڊ فوري طور تي ٻيهر تيار ڪيو وڃي: ڏھر

هڪ هزار ديهن جو مڪمل طور تي سڙي ويل روينيو رڪارڊ فوري طور تي ٻيهر تيار ڪيو وڃي: ڏھر

حيدرآباد: روينيو واري صوبائي وزير ڄام مهتاب ڏهر روينيو عملدارن کي سختي سان هدايت ڪئي آهي ته اهي محترمه بينظير ڀٽو جي 27 ڊسمبر 2007 تي شهادت کانپوءِ ٿيل واقعن دوران صوبي جي 24 تعلقن جي لڳ ڀڳ هڪ هزار ديهن جو مڪمل طور تي سڙي ويل روينيو رڪارڊ فوري طور تي ٻيهر تيار ڪري 15 جنوري 2011 تائين جمع ڪرائين ته جيئن روينيو کاتي جي ڪاروهنوار کي بنا ڪنهن رنڊڪ جي هلائي سگهجي _ هن اهڙي هدايت اڄ بورڊ آف روينيو آفيس حيدرآباد ۾ صوبي جي مختلف تعلقن جي ڊي ڊي اوز جي گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو _ گڏجاڻي ۾ صوبائي وزير ڄام مهتاب ڏهر کي ٻڌايو ته بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ ٿيل واقعن دوران صوبي جي 122 تعلقن مان 24 تعلقن جي 1000 کان وڌيڪ ديهن جو روينيو رڪارڊ مڪمل طور تي سڙي چڪو آهي وڌيڪ اهو ته ڄاڻايل ديهون ضلعي قمبر شهدادڪوٽ، دادو، نوشهروفيروز، شهيد بينظير آباد ( نوابشاهه) ، مٽياري ۽ ٻين ضلعن جون آهن جنهن تي صوبائي وزير ڄاڻايل 24 تعلقن جي ڊِي ڊي اوز کان تفصيل ورتا ۽ کين هدايت ڪئي ته اهي فوري طور تي روينيو رڪارڊ ٻيهر تيار ڪري 15 جنوري تائين جمع ڪرائين ان سلسلي ۾ 18 جنوري 2011…
ملڪ جي 56 سيڪڙو آبادي نوجوانن تي ٻڌل آهي: عملدار ۽ صنعتڪار

ملڪ جي 56 سيڪڙو آبادي نوجوانن تي ٻڌل آهي: عملدار ۽ صنعتڪار

حيدرآباد : سنڌ جي سرڪاري عملدار ۽ صنعتڪارن بينظير ڀٽو شهيد يوٿ ڊولپمينٽ پروگرام ذريعي نوجوانن کي فني ۽ پيشور تربيت فراهم ڪرڻ تي موجوده حڪومت کي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي ان پروگرام کي ساڳئي نالي سان جاري رکڻ جي سفارش ڪندي چيو آهي ته ملڪ جي 56 سيڪڙو آبادي نوجوانن تي ٻڌل آهي تنهنڪري نوجوانن کي باصلاحيت بنائڻ جي لاءِ تربيت ۽ روزگار جا موقعا فراهم نه ڪرڻ جي نتيجي ۾ نوجوان طبقو معاشري لاءِ نقصان ڪار ثابت ٿي سگهي ٿو _ هنن اهڙو اظهار اڄ انڊس هوٽل حيدرآباد ۾ بينطير ڀٽو شهيد يوٿ ڊولمنيٽ پروگرام، انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن ۽ فيڊريشن آف پاڪستان چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز جي گڏيل سهڪار سان ضرورت آهر تربيت کي تربيت ڏيڻ جي عنوان سان ڪرايل هڪ ڏينهن واري ورڪشاپ کي خطاب ڪندي ڪيو _ ورڪشاپ کي صدارتي خطاب ڪندي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز ڪراچي جي اڳوڻي صدر مجيد عزيز چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي مشن تحت موجوده حۡڪومت نوجوانن کي باصلاحيت بنائڻ ۽ ملڪي افرادي سگهه کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سرڪاري ۽ خانگي ڀائيواري سان يوٿ ڊولپمينٽ پروگرام جو آغاز ڪري ملڪ ۾ خوشحالي جون راهون هموار ڪيون آهن جنهن جا مستقبل ۾ مثبت نتيجا ظاهر ٿيندا تنهنڪري…
نڪرندڙ ماتمي جلوسن جي گذرگاهن، امام بارگاهن ۽ مسجدن جي ڀرپاسي وارن هنڌن تي جمع ٿيل گندي پاڻي کي فوري طور تي نيڪال ڪيو ويندو: واسا

نڪرندڙ ماتمي جلوسن جي گذرگاهن، امام بارگاهن ۽ مسجدن جي ڀرپاسي وارن هنڌن تي جمع ٿيل گندي پاڻي کي فوري طور تي نيڪال ڪيو ويندو: واسا

حيدرآباد: ترقياتي اداري حيدرآباد جي شعبي واسا جي مينجنگ ڊائريڪٽرمحرم الحرام دوران شهري تعلقن ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ گندي پاڻي جي نيڪالي سميت ٻين مسئلن جي حل ۽ شهري تعلقن جي ماڻهن کي وڌ کان وڌ گهربل سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ هڪ ڪانٽيجينسي پلان جوڙِيو آهي _ پلان تحت شهر ۾ پاڻي جي وڌيڪ گهرج مطابق پاڻي جي فراهمي واري وقت ۾ اضافو ۽ پاڻي جي کوٽ وارن علائقن ۾ واٽرٽينڪرن ذريعي پاڻي فراهم ڪيو ويندو _پلان ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته شهري تعلقن جي مختلف علائقن جي کليل مين هولن تي ڍڪڻ لڳائڻ ۽ محرم الحرام جي مناسبت سان نڪرندڙ ماتمي جلوسن جي گذرگاهن، امام بارگاهن ۽ مسجدن جي ڀرپاسي وارن هنڌن تي جمع ٿيل گندي پاڻي کي فوري طور تي نيڪال ڪيو ويندو ته جيئن شهرين کي ڪنهن به قسم جي پريشاني کي منهن نه ڏيڻُو پوي _ ٻئي پاسي واسا جي سمورين ڊويزنل آفيسن ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪال بابت عوام جي شڪايتن جي ترت ازالي لاءِ پڻ شڪايتي مرڪز قائم ڪيا ويا آهن جڏهن ته بجلي جي لوڊ شيڊنگ جي صورت ۾ تلسي داس ۽ حبيب هوٽل وٽ اسٽينڊ باءِ جنريٽر لڳايا ويا آهن ۽ قدم گاهه موليٰ علي ۽ دادن شاهه پمپنگ…
پوليس محرم ۾ امن امان کي يقيني بڻائي: ضلعي پوليس آفيسر

پوليس محرم ۾ امن امان کي يقيني بڻائي: ضلعي پوليس آفيسر

حيدرآباد: ضلعي پوليس آفيسر ٽنڊو محمد خان محمد رياض سومرو ضلعي پوليس عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته هو محرم الحرام دوران امن امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ لاءِ پوليس جوانن کي الرٽ رکڻ سميت ضلعي اندر مشڪوڪ ۽ ڌارين ماڻهن تي ڪڙِي نظر رکن _ ڊي پي او آفيس پاران جاري ڪيل هڪ پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته محرم الحرام دوران سيڪورٽِي جي حوالي سان ضلعي پوليس پاران سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن _ تفصيل موجب ضلعي جي 12 حساس هنڌن تي وڌيڪ پوليس نفري مقرر ڪئي ويندي ، ضلعي اندر 111 مجلسن، 41 جلوسن ۽ 7 امام بارگاهن جي حفاظت لاءِ انهن هنڌن تي پوليس جوانن کي مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته رينجرز جا 2 دستا پڻ پوليس سان گڏجي پنهنجون ذميواريون ادا ڪندا _ ان کانسواءِ ڪنهن به ايمرجنسي جي صورت ۾ رزرو پوليس فورس جو انتظام ۽ ڊي پي او آفيس ۾ 15 جو ڪنٽرول روم به قائم ڪيوويو آهي _ڊي پي او پاران عوام کي اپيل ڪئي وئي آهي ته اهي امن امان قائم ڪرڻ ۾ پوليس سان سهڪار ڪن ۽ ڪنهن به لاوارث شيءَ ۽ مشڪوڪ ماڻهو جي موجودگي بابت فوري طور تي 15 ذريعي پوليس کي آگاهه ڪن .…
تعليمي نظام کي وڌ کان بهتر بنائڻ ۽ حِيدرآباد کي تعليم جي شعبي ۾ مثالي ضلعو بنائڻ لاءِ ضلعي حڪومت حيدرآباد تعليم جي سڌارن وارن پروگرامن تي عملدرآمد ڪري رهي آهي: کتري

تعليمي نظام کي وڌ کان بهتر بنائڻ ۽ حِيدرآباد کي تعليم جي شعبي ۾ مثالي ضلعو بنائڻ لاءِ ضلعي حڪومت حيدرآباد تعليم جي سڌارن وارن پروگرامن تي عملدرآمد ڪري رهي آهي: کتري

حيدرآباد: ضلعي ايڊمنسٽريٽر حيِدرآباد آفتاب احمد کتري چيو آهي ته تعليمي نظام کي وڌ کان بهتر بنائڻ ۽ حِيدرآباد کي تعليم جي شعبي ۾ مثالي ضلعو بنائڻ لاءِ ضلعي حڪومت حيدرآباد تعليم جي سڌارن وارن پروگرامن تي عملدرآمد ڪري رهي آهي_ هو اڄ شهباز هال شهباز بلڊنگ حيدرآباد ۾ تعليم کاتي جي عملدارن ۽ سپروائيزرن سان گڏ منعقد ڪيل هڪ گڏجاڻي جي صدارت ڪري رهيو هو _ گڏجاڻي کي خطاب ڪندي ضلعي ايڊمنسٽريٽر حِيدرآباد آفتاب احمد کتري چيو ته هن جديد دور۾ دنيا جتي هڪ ڳوٺ جي شڪل اختيار ڪري ڇڏي آهي ۽ ڪنهن به قوم جي ترقي لاءِ جديد معياري تعليم تمام ضروري آهي ۽ ان ڳالهه کي نظر ۾ رکندي ضلعي حڪومت حيدرآباد اڳواٽ ئي اردو ۽ سنڌي ميڊيم اسڪولن کي انگريزي ميڊيم ۾ تبديل ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ هن وقت تائين اٽڪل 300 اسڪولن کي انگريزي ميڊيم ۾ تبديل ڪيو ويو آهي ته جيئن غريب ۽ وچولي طبقي سان تعلق رکندڙ ٻارڙن کي پڻ بهتر معياري تعليمي سهولتون ڏئي سگهجن _ هن چيو ته ضلعي حڪومت جي ڪوششن کان علاوه معياري تعليم فراهم ڪرڻ ۾ شاگردن، استادن، والدين ۽ سول سوسائٽي کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي _ هن چيو ته سندس انتظاميه ٻوڏ…
ضلعي ايڊمنسٽريٽر حيدرآباد گڏ محرم الحرام جي سلسلي ۾ ورتل حفاظتي انتظامن، صفائي سٿرائي ۽ پاڻي جي نيڪالي وارن انتظامن جو جائزو ورتو

ضلعي ايڊمنسٽريٽر حيدرآباد گڏ محرم الحرام جي سلسلي ۾ ورتل حفاظتي انتظامن، صفائي سٿرائي ۽ پاڻي جي نيڪالي وارن انتظامن جو جائزو ورتو

حيدرآباد: ضلعي ايڊمنسٽريٽر حيدرآباد آفتاب احمد کتري اڄ ايم اين اي طيب حسين، ايم پي اي سهيل يوسف، ڊي پي اوحيدرآباد منير احمد شيخ ۽ لاڳاپيل عملدارن سان گڏ محرم الحرام جي سلسلي ۾ ورتل حفاظتي انتظامن، صفائي سٿرائي ۽ پاڻي جي نيڪالي وارن انتظامن جو جائزو وٺڻ بابت تعلقي لطيف آباد جي مختلف علائقن ۾ قائم امام بارگاهن ۽ محرم الحرام دوران نڪرندڙ جلوسن جي گذرگاهن وارن هنڌن جو معائنو ڪيو ۽ اتي موقعي تي موجود ايم ڊي واسا کي جلوسن جي گذرگاهن وارن هنڌن تي گڏ ٿيل گندي پاڻي جي نيڪالي ۽ لاڳاپيل ايڊمنسٽريٽرن کي صفائي سٿرائي، گهٽين ۽ رستن تي لائيٽنگ سميت رستن جي ترت مرمت ڪرائڻ جي هدايت ڪئي _هن امام بارگاهن جي حفاظت لاءِ منتظمين کي هدايت ڪئي ته هو منعقد ٿيندڙ مجلسن ۽ جلوسن جي ويڊيو +فلم ضرور ٺهرائين ته جيئن شرپسند عنصرن جي سڃاڻپ ڪري شهر کي ڪنهن به ناخوشگوار واقعي کان محفوظ رکي سگهجي _ هن چيو ته ماڻهن جي مدد کانسواءِ سيڪورٽي جا اثرائتا انتظام ناممڪن آهن _ هن چيو ته ڪنهن به شخص کي پنهنجي مجلس ۾ بنا تلاشي داخل ٿيڻ نه ڏين ۽ صرف هڪ يا ٻه داخلي رستا قائم ڪن _ هن چيو ته خواتين جي تلاشي لاءِ…
پاڪستان جي مسئلن جي معاشي مسئلن جي ذميدار آمريت آھي: صوبائي وزير ڄام مهتاب ڏهر

پاڪستان جي مسئلن جي معاشي مسئلن جي ذميدار آمريت آھي: صوبائي وزير ڄام مهتاب ڏهر

حيدرآباد روينيو واري صوبائي وزير ڄام مهتاب ڏهر چيو آهي ته پاڪستان ۾ معاشي بدحالي، طالبانائيزيشن، دهشتگردي، توانائي جي کوٽ ۽ ٻيون ڪيتريون برايون ماضي ۾ اقتدار تي قابض آمرن جون پيدا ڪيل آهن پر پاڪستان پيپلزپارٽي اقتدار ۾ اچڻ شرط اهڙن سمورن چيلينجن کي ڪاميابي سان منهن ڏيندي ملڪ ۾ معاشي استحڪام آڻي ملڪ کي هڪ دفعو ٻيهر ترقي جي راهه تي هموار ڪيو آهي _ هن اهڙو اظهار اڄ شهباز بلڊنگ حيدرآباد ۾ آل سنڌ روينيو ايمپلائيزاسيوسيئيشن طرفان رٽائرڊ ملازمن کي سندن بهتر ڪارڪردگي تي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ ڪوٺايل هڪ تقريب کي خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو_ صوبائي وزير ڄام مهتاب ڏهر وڌيڪ چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي ملڪ کي بحرانن مان ڪڍڻ لاءِ پنهنجي عظيم قائد شهيد محترمه بينظيرڀٽو جي مفاهمتي پاليسي تي عمل ڪندي ملڪ جي سمورين ڌرين کي گڏ کڻي هلڻ چاهيو،پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته ڪجهه اتحادين ملڪي مفادن کان وڌيڪ ذاتي مفادن کي اهميت ڏيندي اتحاد ۾ نه رهڻ جوفيصلو ڪيو_ صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پيڙهيل ۽ هيٺين طبقي جي حقن جي تحفظ ۽ خوشحالي لاءِ پاڪستان پيپلزپارٽي جو بنياد وڌوجنهن سدائين ڏکين حالتن ۾ اقتدار ۾ رهي پنهنجي جدوجهد کي جاري رکي ڪنهن…
سنڌ حڪومت يونيسڪو سان قديمي ماڳن جي سار سنڀال لاءِ معاھدي ڪيو آھي: محترمه سسئي پليجو

سنڌ حڪومت يونيسڪو سان قديمي ماڳن جي سار سنڀال لاءِ معاھدي ڪيو آھي: محترمه سسئي پليجو

حيدرآباد :صوبائي وزير ثقافت محترمه سسئي پليجو چيو آهي ته پاڪستان پيپلزپارٽي حڪومت پاران ڪنڪرنٽ لسٽ جي خاتمي ۽ 18 هين ترميم جي منظوري کانپوءِ ثقافت کاتي پاران به مختلف اسم صوبائي حڪومت حوالي ڪيا پيا وڃن جنهن کي نظر ۾ رکندي سنڌ حڪومت يونيسڪو سان سرڪاري ۽ خانگي ڀائيواري تحت سان قديمي ماڳن جي بهتر سارسنڀال ۽ حفاظت لاءِ هڪ معاهدي تي صحيحون ڪيون آهن ته جيئن قديمي ماڳن جي حفاظت کي يقيني بڻائي سگهجي _ هن اهڙو اظهار اڄ سنڌ ميوزيم حيدرآباد ۾ مشهور مجسمي ساز معراج خوشحالداس جي مجسمي جي نمائش جو دورو ڪرڻ دوران ميڊِيا سان ڳهائيندي ڪيو _ هن وڌيڪ چيو ته ثقافت کاتي جا فنڊ محدود هجڻ جي نيجي ۾ پبليڪشن سميت مختلف ترقياتي منصوبا روڪاوٽ جو شڪار آهن تنهنڪري وفاقي حڪومت طرفان مختلف تاريخي ماڳ صوبي کي ملڻ کانپوءِ يونيسڪو سان معاهدو ڪيو آهي جنهن تحت يونيسڪو سنڌ حڪومت جي تاريخي ماڳن جي سارسنڀال، لکپڙهه ۽ مرمت لاءِ فني توڙي مالي معاونت فراهم ڪندو _ هن معراج خوشحالداس جي مجمسمن جي تعريف ڪندي سندس قائد اعظم محمد علي جناح ۽ محترمه بينظير ڀٽو جي مجسمن کي 25 ۽ 27 ڊسمبر2010 تي ثقافت کاتي پاران منعقد ٿيندڙ نمائش ۾ رکڻ جو اعلان ڪيو_ هن…
سنڌ صوفين ۽ ولين جي سرزمين آهي: تاج حيدر

سنڌ صوفين ۽ ولين جي سرزمين آهي: تاج حيدر

حيدرآباد: ڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي جنرل سيڪريٽر تاج حيدر چيو آهي ته سنڌ صوفين ۽ ولين جي سرزمين آهي جتي پيار ، محبت ، نياز ،نوڙت ۽ درگذر ڪرڻ جهڙا رويا سنڌ جي ماڻهن جي ثقافت آهي- اهو ئي سبب آهي جو سنڌ ڪڏهن به ڪنهن تي ڪاهه نه ڪئي آهي ۽ نه ئي وري پاڻ تي ڪنهن حملي ڪندڙ کي برداشت ڪيو آهي – هو گذريل شام سنڌي ليگويج اٿارٽي حيدرآباد جي اين اي بلوچ هال ۾ ريجنل ڊائريڪٽوريٽ اطلاعات حيدرآباد پاران ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان منعقد ڪيل هڪ تقريب جي صدارت ڪري رهيو هو – هن چيو ته سنڌ جي ثقافت ۽ ان جو لباس ايترو ته مشهور ٿي رهيو آهي جو ان کي روايت موجب حضور جن پسن ڪيو آهي – هن چيو ته اجرڪ سنڌ جي اها ثقافت آهي جنهن جو تحفو نبي جي خدمت ۾ پڻ پيش ڪيو ويو هو – هن چيو ته پ پ پ ملڪ ۾ رهندڙ سڀني قومن جي ثقافت ۽ تهذ يب جو نه فقط احترام ڪري ٿي بلڪه ان جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ پڻ هر وقت جاکوڙي رهي آهي – ان ڏس ملڪ جي چئني صوبن ۾ کنيل قدم ان ڳالهه جو ثبوت آهن – ان…
Back to top button